Monday, 29 October 2018
Saturday, 29 September 2018
سنڌي بلاگنگ لاءِ نئون ريسپانسو سنڌو بلاگر ٽيمپليٽ
هن ٽيمپليٽ جي حوالي سان آئون اڳ ۾ ئي ذڪر ڪري چڪو آهيان. موضوع پڙهو
هي ٽيمپليٽ جيڪو آئون اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪري رهيو آهيان اصل ۾ هي ٽيمپليٽ انگريزي ٽيمپليٽ جو ترجمو آهي. ٽيمپليٽ کي سنڌي ۾ ترجمو ان لاءِ ڪيو جو ڇاڪاڻ ته سنڌي بلاگنگ لاءِ سٺا ۽ ريسپانسو ٽيمپليٽ نه هئڻ جي برابر آهن. ان ڳالهه کي مدنظر رکي هن ٽيمپليٽ کي سنڌي ۾ ترجمو ڪيم ته جيئن سنڌي بلاگنگ ۾ اضافو ٿئي. اميد ته هي ٽيمپليٽ اوهان کي ضرور پسند ايندو.
بلاگر ٽيمپليٽ ڪيئن اپلوڊ ڪجي ۽ ان کي ڪسٽمائيز ڪيئن ڪجي. ان سوالن جا جواب اڳ ۾ ئي سنڌ سلامت فورم تي موجود آهن. تنهنڪري آئون هتي اهيو لکڻ مناسب نٿو سمجھان. جيڪڏهن توهان سنڌي بلاگنگ جي سکيا جا موضوع پڙهڻ چاهيو ٿا ته سنڌي بلاگنگ سيڪشن ۾ اچو.
ٽيمپليٽ جو ڊيمو
ٽيمپليٽ ڊائون لوڊ ڪريو
Monday, 27 August 2018
سنڌ سموري جاڙ اجاڙَ
”سنڌ سموري جاڙ اجاڙَ“ ناليواري
صحافي ۽ ليکڪ غلام عباس ڀنڀري جو ڏهون ڪتاب آهي، جيڪو سندس يادگيرين جو دستاويز
آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي صديون پراڻن داستانن ۾ هلندڙ ۽ گذريل صديءَ جون يادگار
ڪهاڻيون سمايل آهن. سنڌ جي تاريخي ماڳن جي سار سنڀال، اڳوڻي خيرپور رياست جي آخري
اسيمبلي جي آخري اجلاس، رياست کي پاڪستان ۾ ضم ڪرڻ واري قرارداد جي منظوري، جنرل
ضياءُ جي دور ۾ 19 ڏينهن خيرپور جيل ۾ قيد ڪاٽڻ، صحافي محمد مٺل ڀٽي جي افسوسناڪ
موت جي قصي سميت تفصيلي مواد ڪتاب ۾ شامل آهن. پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور پاران
ڇپرايل هي ڪتاب 160 صفحن تي ٻڌل آهي جنهن جي قيمت 100 رپيا رکي وئي آهي.
Saturday, 4 August 2018
سنڌي معروضي سوال (يوٽيوب چينل)
سنڌي سبجيڪٽ جي تياري لاءِ بهترين يوٽيوب چينل. سوال موضوعن سان ترتيبوار آواز ۾ پيش ڪجن ٿا. امتحان جي تياري لاءِ انتهائي آسان طريقو. هلندي گھمندي به توهان کي سمورا سوال سولائي سان ياد ٿي ويندا. هن يوٽيوب چينل کي سبسڪرائيب ڪرڻ هرگز نه وساريندا ۽ بيل بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو ته جيئن هر نئين وڊيو جي نوٽيفڪيشن توهان تائين سڀ کان پهرين پهچي. سمورا وڊيوز ڏسڻ لاءِ هيٺين لنڪ تي ڪلڪ ڪريو.
facebook page :- https://www.facebook.com/Sindhi-MCQs-494745410919612/
youtube channel :- https://www.youtube.com/channel/UCAf1Zf5EhsoQXAnFjP_61cg
https://www.youtube.com/channel/UCAf1Zf5EhsoQXAnFjP_61cg
Thursday, 31 May 2018
ڏاند، ماڪوڙو (فيسبڪي دانشور ۽ اديب) ۽ آئون
مون ماڪوڙي جي وڏي هاڪ ٻڌي هئي. هر ڪو پيو چوي ماڪوڙو وڏو اڪابر آهي، وڏو داناءُ آهي تنهن سان گڏ هو هڪ سٺو فيسبڪي دانشور به آهي. ماڻهن مونکي چيو ته تون مسٽر ماڪوڙي جون فيسبڪ تي دانشوري واريون پوسٽون پڙهندو ڪر توکي ماڪوڙي جي دانائي جو اندازو ٿي ويندو.
خير سو مون به گهر وڃي ماڪوڙي کي فيسبڪ تي ڳولڻ شروع ڪيو. گھڻو وقت ڪونه لڳو جلدي لڀي ويو ڇو جو آخر ڪار ماڪوڙو مشهور به هيو. جنهن هاڪ ملڪان ملڪ مشهور هئي. ماڪوڙي جا فيسبڪي دوستن جو تعداد مڪمل ٿي چڪو هو، سو بدقسمتي سان مان ماڪوڙي کي پنهنجو فيسبڪي دوست ڪونه ڪري سگھيس پر ان جو پوئلڳ ٿي پيس.
ماڪوڙي جو پوئلڳ ٿيڻ کان پوءِ ماڪوڙي جون دانشوري واريون پوسٽون منهنجي نيوز فيڊ تي ظاهر ٿينديون هيون. مان ڪوشش ڪندو هيس ته ماڪوڙي جون پوسٽون پڙهان، سو مان انهن کي دلچسپي سان پڙهندو هيس ڏاڍيوون وڻنديون هيون.
ماڪوڙي جو پوئلڳ ٿيڻ کان پوءِ ماڪوڙي جون دانشوري واريون پوسٽون منهنجي نيوز فيڊ تي ظاهر ٿينديون هيون. مان ڪوشش ڪندو هيس ته ماڪوڙي جون پوسٽون پڙهان، سو مان انهن کي دلچسپي سان پڙهندو هيس ڏاڍيوون وڻنديون هيون. دانشور ته پنهنجي جڳهه تي واهه جو آهي. مسٽر ماڪوڙي جي تعريف ڪرڻ گھرجي اهيو اسان تي فرض ٿو ٿئي. اگر ان نه ڪبي ته اها ان جي دانشوري سان زيادتي آهي.
مڃيوسين ته مسٽر ماڪوڙو دانشور آهي، پر هو دانشور کان وڌيڪ سرڪاري ليکڪ آهي. اها ڳالهه ڪنهن ٻئي کي نه ٻڌائجو. اها راز ته مونکي ماڪوڙي جي ويجھي دوست ڏاند ٻڌايو. ڏاند وڌيڪ ٻڌايو چيو ته پنهنجو ڪن ويجھو ڪر ته وڌيڪ ڳالهيون ڪيون، ويجهو ٿي ته ڪو ٻڌي نه وٺي. مان ڏاند جي ويجھو ويس. ڏاند چيو ته يار جيڪو ماڪوڙن وارو منسٽر آهي. ان پنهنجن ويجھن چمچن کي مال کارائي سرڪاري ليڪک بڻائي ڇڏيو آهي.
مونکي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي...
پڇيومانس ائين وري ڇو، چيائين چريا اليڪشن جو ويجھي آهي ان ڪري، وري به ته منسٽر ٿيڻو آهي ووٽ وٺڻا آهن. مونکي ڏاند جي ڳالهه تي حيرت ٿي. سوچڻ لڳم ته ڏاند کي ايترو عقل ڪٿان آيو.
ڏاند پنهنجي گفتگو جاري ڪندي چيو ته ڏسين ڪونه ٿو. فيسبڪ تي اڳ جيڪي دانشور ۽ اديب هئا اهي سڀ سرڪاري ليکڪ بڻجي ويا آهن...
ڏاند هليو ويو ۽ مان سوچيندو رهيس........
Sunday, 26 November 2017
اوهان جو ذڪر اوهان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي
جناب اعليٰ
رجسٽرار سکر آءِ بي اي
محترم جناب عرض ڪجهه انوکو آهي. ڪاوش اخبار ۾ آءِ بي اي جي اشتهارن جي ڀرمار لڳي پئي آهي. جنهن ۾ داخلائون گھٽ نوڪريون وڌيڪ آهن. اسان جي ملڪ ۾ اڪثر ائين ٿيو آهي ته اشتهار دهرائجي ٿو. ليڪن ان جي خبر يا ڌيان عام ماڻهو جو ان طرف نٿو ڇڪجي. ڇاڪاڻ ته نوڪرين جي اشتهار کي فقط بيروزگار ئي پڙهن ٿا ۽ اهيو به گھڻو ڏٺو ويو آهي ماڻهو اخبار خبرن لاءِ گھٽ پر نوڪرين جا اشتهار ڏسڻ لاءِ وڌيڪ وٺن ٿا. ڇاڪاڻ ته بيروزگاري تمام گھڻي. اهڙي ريت سکر آءِ بي اي ۾ نوڪرين جا اشتهار به جام اچن ٿا جنهن ۾ مون سميت ڪئي نوڪرين جا خواهشمند فارم جمع ڪرائيندا هوندا. جنهن جي فيس 1000 ۽ 500 هوندي آهي.
جناب اعليٰ، جيڪڏهن اوهان ياد ناهي ته مون چڱي ريت ياد ٿو اچي ته ڪجهه ئي وقت اڳ يعني سيپٽمبر جي مهيني جي 18 تاريخ تي هڪ سکر آءِ بي اي جي نالي سان هڪ اشتهار شايع ٿيو جنهن ۾ ڪجهه خالي جايون ڄاڻايل هيون. ان اشتهار کي آئون اوهان جي ياداشت تازي ڪرڻ لاءِ هيٺ ثبوت طور پيش ڪري سگھان ٿو.
محترم جناب مٿين اشتهار کي غور سان پڙهو آسامي نمبر 7 غور طلب آهي. مٿين اشتهار جي تاريخ 9_11_17 ۽ وري اڄ تاريخ 11_26_17 تي هڪ اشتهار نازل ٿيو آهي جنهن ۾ مٿي بيان ڪيل ساڳي آسامي ڀرجڻ کان پهريان ئي خالي ٿي وئي. ٿي سگھي ٿو متان مان ڪوڙ ڳالهائيندو هجان يا رات ڪو خواب ڏٺو هجي ۽ صبح ننڊ مان اٿي سڀ کان پهرين هي پوسٽ لکي هجي، پر مون کي يقين آهي ته هي نه ڪوڙ آهي ۽ نه ئي خواب آهي. مون سميت ڪئي بيروزگار وري به اڳ جيان هن آسامي ۾ درخواستون جعع ڪرائيندا. درخواستن سان گڏ پي آرڊر به موڪليا هوندا. پي آرڊر ڏسي ڪري اوهان جي دل وڏي ٿي وئي هوندي. دل ۾ خيال آيو هوندو ته جيڪڏهن ڇونه وري ساڳئي اشتهار کي دهرائجي ۽ پسئن کي ائين ئي ڏانداري سان ميڙجي اهو به بنا ڪنهن سيڙپڪاري جي. مان ڄاڻان ٿو ته مان هي جيڪي به لکي رهيو آهيان سو سمورو فضول بڪواس آهي جنهن جي ڪا به اهميت ڪانهي. پر وري به اندر جو بار هلڪو ڪرڻ لاءِ اوٻر کي ڪجهه ٻاهر ڪڍيم.
جناب اعليٰ مان اهيو ٿو پڇڻ چاهيان ته پهرئين آسامي لاءِ جمع ٿيل درخواستن جو ڇا ٿيو؟ جو وري مٿان ٻيو اشتهار آيو آهي ساڳي ئي آسامي لاءِ. ڪجهه رحم ڪريو. ڇوٿا غريب عوام جو رت پيئو.سو مهرباني ڪري جن پهريان درخواستون جمع ڪرايون انهن کي ڪا ورندي جواب ته ڏيو. پيسو اوهان لاءِ ڪمائڻ تمام آسان آهي ليڪن هڪ بيروزگار غريب لاءِ تمام مشڪل آهي. پهرئين وانگر هن ڀيري به درخواستن ۽ پي آرڊر جي ڀرمار لڳي ويندي. اهڙي ريت وري ٻه مهينن کان ٻيو اشتهار لڳندو ساڳو ادارو ساڳي آسامي بس صرف اشتهار بدليل هوندو.
عرضدار
محمد راشد
ڪراچي
copy
Deputy Registrar-HR
Assistant Registrar-HRM
Saturday, 16 September 2017
اسانجا موضوع
-
اياز گل جي شاعري ۾ پيار جو اظهار تبصرو ڪندڙ: وقار احمد راهمون عنوانن جي فهرست اياز گل جو تعارف شاعري جو تعارف پيار جو ...
-
شاعرن جو تعارف هن مختصر تبصراتي شاعري ڀيٽ ۾ ننڍي کنڊ جي ٻن وڏن صوفي شاعرن جي صوفياڻي ڪلام (ڪافين) جو مختصر جائزو ورتو ويو ...