Monday 27 August 2018

سنڌ سموري جاڙ اجاڙَ



”سنڌ سموري جاڙ اجاڙَ“ ناليواري صحافي ۽ ليکڪ غلام عباس ڀنڀري جو ڏهون ڪتاب آهي، جيڪو سندس يادگيرين جو دستاويز آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي صديون پراڻن داستانن ۾ هلندڙ ۽ گذريل صديءَ جون يادگار ڪهاڻيون سمايل آهن. سنڌ جي تاريخي ماڳن جي سار سنڀال، اڳوڻي خيرپور رياست جي آخري اسيمبلي جي آخري اجلاس، رياست کي پاڪستان ۾ ضم ڪرڻ واري قرارداد جي منظوري، جنرل ضياءُ جي دور ۾ 19 ڏينهن خيرپور جيل ۾ قيد ڪاٽڻ، صحافي محمد مٺل ڀٽي جي افسوسناڪ موت جي قصي سميت تفصيلي مواد ڪتاب ۾ شامل آهن. پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور پاران ڇپرايل هي ڪتاب 160 صفحن تي ٻڌل آهي جنهن جي قيمت 100 رپيا رکي وئي آهي.

0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع