Sunday 26 February 2017

بلاگر جو فيويڪان ڪيئن بدلائجي. (how to change blogger favicon)

جهڙي طرح سنڌي بلاگنگ جو رجحان وڌيو آهي اهڙي طرح بلاگر جي سنڌي ۾ سکيا جي ضرورت محسوس ڪئي وئي آهي. سنڌي ۾ بلاگر جي سکيا جا موضوع مڙئي گهٽ ملندا. اميد ته اهڙا دوست جيڪي بلاگنگ بابت ڄاڻ رکن ٿا اهي بلاگر جي سکيا جا موضوع سنڌي ۾ ضرور پيش ڪندا.
بلاگر جو favicon ڪيئن بدلائجي.



بلاگر تي لاگ ان ٿيو. جنهن کان پوءِ ٽيمپليٽ تي ڪلڪ ڪريو.




ان کان پوءِ ايڊٽ ايڇ ٽي ايم ايل تي ڪلڪ ڪريو.


مٿين تصوير ۾ فيويڪان جي لنڪ ڏنل آهي ان جاءِ تي اوهان پنهنجي پسند جي فيويڪان جي لنڪ شامل ڪري بلاگر جو فيويڪان بدلائي سگهو ٿا.
لنڪ ڏيڻ کان پوءِ save arrangement جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو ۽ پيج کي ريفريش ڪريو. 
فيويڪان بدلجي ويو.

0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع