Tuesday 4 April 2017

ڪتاب “امر جليل جي سنڌو”

امر جليل جي سنڌو: امر جليل

سنڌ سلامت  پاران :


سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب “امر جليل جي سنڌو” اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ ڏاهي ڏات ڌڻي امرجليل جي تجريدي ڪهاڻين جو مجموعو آهي.

امر جليل هڪ هنڌ لکي ٿو:
“دل پٿر جو تاج محل ناهي جو جٽاءُ ڪري. دل ديوانن جي وستي آهي، بيگانن جي بستي آهي. آباد آهي ته سرءُ جي سانت به بهار ڀائنجي. پر جي هڪ وار اُجڙي ته تصور جا شهر ويران ڪيو ڇڏي.
        مون سنڌو جي اکين ۾ غم ڏسي ورتو. غم جڏهن به سنڌوءَ جي عميق اکين ۾ گھر ڪندو آهي تڏهن سنڌو مونکي سنڌ وانگر عظيم، سنڌ وانگر پيڙيل، سنڌ وانگر ستايل نظر ايندي آهي.”

هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 2012ع ۾ ڪاڇو پبليڪيشن ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سنڌ سلامت جي ساٿي ۽ پياري دوست راشد شر جا، جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي.

اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن،  راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو  منتظر.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 books.sindhsalamat.com


پنهنجي پاران
امرجليل جي ڪهاڻين جو ڪتاب “امرجليل جي سنڌو” جي اليڪٽرانڪ اشاعت اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪجي ٿي. هن ڪتاب ۾ 57 تجريدي ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڪتاب ۾ موجود هر هڪ ڪهاڻي محبت جي موضوع سان سلهاڙيل آهن. هن ڪتاب جي اليڪٽرانڪ اشاعت جو ڪم ڪجھ ئي ڏينهن اڳ شروع ڪيم. هي ڪتاب ايترو جلد ڪمپوز ڪيئن ڪيم مون کي خود سمجھ ۾ نٿو اچي. هن ڪتاب جي اليڪٽرانڪ اشاعت جو ڪم ايترو جلدي مڪمل ٿيڻ کي مان معجزو سمجھان ٿو.  مان پاڻ کي خوشنصيب سمجهان ٿو جو امرجليل جي ڪهاڻين جي هن ڪتاب جي اليڪٽرانڪ اشاعت جي ڪمپوزنگ منهنجي هٿان ٿي، اها به ايترو جلد جو خود کي به يقين نه پيو اچي. جتي ڪراچي جھڙي شهر ۾ زندگي مشين جيان ڊوڙي ٿي، اتي ايترين مصروفيتن جي باوجود چند ئي ڏينهن ۾  هن پيار جي پورهيي کي ويھ ڏينهن ۾ پار پڄايم. سو هي پيار جو پورهيو ارپيم ان کي، جيڪو خوابن  جي ساڀيان ٿي نه سگھيو.
انتساب
ڪجھ ئي وقت اڳ مون کان اها هستي جدا ٿي ويئي، جنهن کان سواءِ  زندگي جون سموريون خوشيون، ٿر جي ڪنهن مارجي ويل هرڻ جي هراسيل ۽ اداس اکين جھڙيون پيون لڳن. جنهن کان سواءِ زندگي هڪ جستجو هن کي ڏسڻ جي، هڪ آس، هن سان ملڻ جي. سو هن اِي بڪ تي ڪيل سموريو پورهيو ارپيم، ان محبوب جي اڻمئي ياد کي.
                 محمد راشد شر
     سچل ڳوٺ ڪراچي
          01-04-2017 

ڪتاب ڊائونلوڊ ڪرڻ جي لاءِ هيٺ ڏنل نالي تي ڪلڪ ڪريو

امر جليل جي سنڌو


0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع