Sunday 9 April 2017

ڪتاب “چار مقالا” محمد اسماعيل عرساڻي




سنڌ سلامت  پاران :

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب “چار مقالا” اوهان اڳيان پيش آهي. سنڌي مضمون نويسي تي مشتمل هن اهم ڪتاب جو ليکڪ ناميارو اديب محمد اسماعيل عرساڻي” صاحب آهي، جنهن ۾ چئن اهم مقالن ناول، ڊرامي، افساني ۽ سنڌي مضمون تي تفصيلي لکيو ويو آهي.
هي ڪتاب پهريون دفعو ته 1955ع ۾ ڇپيو پر پوءِ 1974ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو ۽ ادبي بورڊ جي ويبسائيٽ تان کڻي شاگردن جي فرمائش تي پي ڊي ايف ۽ ڪمپوزايبل فارميٽ ۾ پيش ڪري رهيا آهيون، ڇو ته هي ڪتاب ايم اي سنڌي جي نصاب ۾ رفرنس طور ڪار آمد آهي. ٿورائتا آهيون سنڌ سلامت جي ساٿي ۽ پياري دوست راشد شر جا، جنهن ڪتاب کي فارميٽ ڪري موڪليو.
اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن،  راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو  منتظر.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 books.sindhsalama

0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع