Sunday 26 November 2017

اوهان جو ذڪر اوهان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي

جناب اعليٰ
رجسٽرار سکر آءِ بي اي

محترم جناب عرض ڪجهه انوکو آهي. ڪاوش اخبار ۾ آءِ بي اي جي اشتهارن جي ڀرمار لڳي پئي آهي. جنهن ۾ داخلائون گھٽ نوڪريون وڌيڪ آهن. اسان جي ملڪ ۾ اڪثر ائين ٿيو آهي ته اشتهار دهرائجي ٿو. ليڪن ان جي خبر يا ڌيان عام ماڻهو جو ان طرف نٿو ڇڪجي. ڇاڪاڻ ته نوڪرين جي اشتهار کي فقط بيروزگار ئي پڙهن ٿا ۽ اهيو به گھڻو ڏٺو ويو آهي ماڻهو اخبار خبرن لاءِ گھٽ پر نوڪرين جا اشتهار ڏسڻ لاءِ وڌيڪ وٺن ٿا. ڇاڪاڻ ته بيروزگاري تمام گھڻي. اهڙي ريت سکر آءِ بي اي ۾ نوڪرين جا اشتهار به جام اچن ٿا جنهن ۾ مون سميت ڪئي نوڪرين جا خواهشمند فارم جمع ڪرائيندا هوندا. جنهن جي فيس 1000 ۽ 500 هوندي آهي.
جناب اعليٰ، جيڪڏهن اوهان ياد ناهي ته مون چڱي ريت ياد ٿو اچي ته ڪجهه ئي وقت اڳ يعني سيپٽمبر جي مهيني جي 18 تاريخ تي هڪ سکر آءِ بي اي جي نالي سان هڪ اشتهار شايع ٿيو جنهن ۾ ڪجهه خالي جايون ڄاڻايل هيون. ان اشتهار کي آئون اوهان جي ياداشت تازي ڪرڻ لاءِ هيٺ ثبوت طور پيش ڪري سگھان ٿو.


[​IMG]
محترم جناب مٿين اشتهار کي غور سان پڙهو آسامي نمبر 7 غور طلب آهي. مٿين اشتهار جي تاريخ 9_11_17 ۽ وري اڄ تاريخ 11_26_17 تي هڪ اشتهار نازل ٿيو آهي جنهن ۾ مٿي بيان ڪيل ساڳي آسامي ڀرجڻ کان پهريان ئي خالي ٿي وئي. ٿي سگھي ٿو متان مان ڪوڙ ڳالهائيندو هجان يا رات ڪو خواب ڏٺو هجي ۽ صبح ننڊ مان اٿي سڀ کان پهرين هي پوسٽ لکي هجي، پر مون کي يقين آهي ته هي نه ڪوڙ آهي ۽ نه ئي خواب آهي. مون سميت ڪئي بيروزگار وري به اڳ جيان هن آسامي ۾ درخواستون جعع ڪرائيندا. درخواستن سان گڏ پي آرڊر به موڪليا هوندا. پي آرڊر ڏسي ڪري اوهان جي دل وڏي ٿي وئي هوندي. دل ۾ خيال آيو هوندو ته جيڪڏهن ڇونه وري ساڳئي اشتهار کي دهرائجي ۽ پسئن کي ائين ئي ڏانداري سان ميڙجي اهو به بنا ڪنهن سيڙپڪاري جي. مان ڄاڻان ٿو ته مان هي جيڪي به لکي رهيو آهيان سو سمورو فضول بڪواس آهي جنهن جي ڪا به اهميت ڪانهي. پر وري به اندر جو بار هلڪو ڪرڻ لاءِ اوٻر کي ڪجهه ٻاهر ڪڍيم.
جناب اعليٰ مان اهيو ٿو پڇڻ چاهيان ته پهرئين آسامي لاءِ جمع ٿيل درخواستن جو ڇا ٿيو؟ جو وري مٿان ٻيو اشتهار آيو آهي ساڳي ئي آسامي لاءِ. ڪجهه رحم ڪريو. ڇوٿا غريب عوام جو رت پيئو.سو مهرباني ڪري جن پهريان درخواستون جمع ڪرايون انهن کي ڪا ورندي جواب ته ڏيو. پيسو اوهان لاءِ ڪمائڻ تمام آسان آهي ليڪن هڪ بيروزگار غريب لاءِ تمام مشڪل آهي. پهرئين وانگر هن ڀيري به درخواستن ۽ پي آرڊر جي ڀرمار لڳي ويندي. اهڙي ريت وري ٻه مهينن کان ٻيو اشتهار لڳندو ساڳو ادارو ساڳي آسامي بس صرف اشتهار بدليل هوندو.
عرضدار
محمد راشد
ڪراچي
copy
Deputy Registrar-HR
Assistant Registrar-HRM​


0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع