Saturday 22 July 2017

جي هڪ تنهنجو واعدو وفا ٿي پوي ها...!

ڳوٺ محمد صالح شر جو رهواسي هي شخص گذريل پنج مهينهن کان سراپا احتجاج بڻيل آهي. هي شخص تقريبن ستر واري ڏهاڪي کان پاڪستان پيپلز پارٽي سان وابسته آهي. سندس جو چوڻ آهي ته ڪافي عرصو اڳ مونسان پي پي اڳواڻن واعدو ڪيو هو ته توکي روزگار لاءِ هڪ رڪشو وٺي ڏينداسين پر ايترو عرصو گذرڻ باوجود منهنجي پي پي طرفان ڪابه مدد ناهي ڪئي وئي. هي شخص ايتري ڊگھي عرصي کان پي پي جو هڪ سچي ۽ وفادري ڪارڪن طور پنهنجا فرض نڀايا آهن ۽ نڀائيندو رهي ٿو. سندس جو چوڻ آهي هاڻي جڏهن آئون ضعيف ٿي چڪو آهيان ۽ مون کي مزدوري نٿي ٿئي ته پنهنجي روزگار لاءِ پي پي جي اڳواڻن کان سندن جي واعدي مطابق رڪشي جي گھر ڪئي اٿم ته هو رڪشي جي بجاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. پي پي اڳواڻ قائم الدين شر ۽ ساجد ٻانڀڻ استعيفا ڏين ته سندن کي روزگار لاءِ آئون پني به رڪشو وٺي ڏيندم.

0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع