معروضي سوال

1:-        ويدن ۾ سنڌو جو ذڪر ڪيترا دفعه ٿيل آهي؟
a.      30
2:-        سنڌ جي تاريخ جا مستند حواله ڪهڙي دور حڪومت کان ملن ٿا؟
a.      راءِ گهراڻي جو دور
3:-        سنڌ جو پهريون دارالحڪومت ڪهڙو شهر هيو؟
a.      الور
4:-        سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ نالي ڪتاب ڪنهن جو لکيل آهي؟
a.      ايڇ ٽي لئمبرڪ
5:-        سنڌ جي حالتن بابت ڪهڙو ڪتابي ماخذ آهي جيڪو سنڌ ۾ عرب دور ۾ لکيو ويو هو؟
a.      چچ نامه
6:-        ”قديم سنڌي شعر ۽ شاعري تاريخي جائزو“ نالي ڪتاب ڪنهنجو لکيل آهي؟
a.      پروفيسر محرم علي خان (1966)
7:-        سنڌ ۾ برهمڻ دور حڪومت جو بنياد ڪنهن وڌو هيو؟
a.      راجا چچ ولد سئلاج
8:-        راجا ڏاهر جي وفات ڪڏهن ٿي؟
a.      712
9:-        سنڌي الفابيٽ ۾ عربي زبان جا ڪيترا ۽ ڪهڙا اکر آهن؟
a.      11 اکر (ث، ح، خ، ص، ض، ط، ظ، ع، غ، ف، ق)
10:-     سمن جي دور ۾ ڪهڙو سياح سنڌ گهمڻ ايو هو؟
a.      ابن بطوطه
11: سنڌي ڳيچن جي پهرين شاعره مرخان شيخڻ جو جنم ڪٿي ٿيو؟
         ڳوٺ قرهيو ڀانڊاري (بدين کان 55 ڪلو ميٽر ڏکڻ طرف)
12: شاهه حسن اپلاڻي جو اصل نالو ڇا هيو؟
            شيخ حسن (ذات اپلاڻ)
13: لفظ گنان جي معنيٰ ڇا آهي؟
          ڄاڻ ۽ علم
14: لفظ گنان ڪهڙي لفظ مان نڪتل آهي؟
           سنسڪرت جي لفظ گيان (gyan)
15: ڳيچ جا اهڃاڻ ڪهڙي دور کان ملن ٿا؟
         سومرن جي دور کان
16: ڪهڙي دور کي قاضي قادن جو دور يا سنڌي ادب جو تعميري دور چيو ويندو آهي؟
             سمن جي دور کي.
17: قاضي قادن جا هڪ سئو ٻارنهن بيت هيرو ٺڪر کي ڪهڙي سال هٿ آيا؟
             1976ع ۾
18: سنڌي ڪلاسيڪل شاعري جو ابو ڪنهن کي چيو وڃي ٿو؟
          قاضي قادن کي
19: قاضي قادن ڪنهنجو مريد هيو؟
        سيد مهدي جونپوري
20: جديد سنڌي شاعري جو ابو ڪنهن کي چيو وڃي ٿو؟
        ڪشنچند بيوس
21: سنڌي شاعري جو جان ڪيٽس ڪنهن کي چيو وڃي ٿو؟
        محمد حسيبن بيڪس
22: سنڌي ادب جو جان ملٽن ڪنهن کي چوندا آهن؟
         حافظ حامد
23: مظهر شاهجهاني ڪنهن جو لکيل آهي؟
         ميرڪ يوسف
24: هفت تن ڪنهن کي چوندا آهن؟
          ماموئي فقيرن کي
25: سنڌي شاعري ۾ الف اشباع واري شاعري جي شروعات ڪنهن ڪئي؟
         مخدوم پير احمد لکوي
26: الف اشباع جي شاعري جو بنياد ڪهڙي دور ۾ پيو؟
         ترخان دور
27: تذڪره لطيفي ڪنهن جو لکيل آهي؟
        لطف الله بدوي
28: تذڪره شعراءُ سکر ڪنهن جو لکيل آهي؟
         ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
29: ميون شاهه عنايت جي رسالي ۾ ڪيترا سر آهن؟
         ٻاويهه سر
30: سنڌي شاعري ۾ مداح جو بنيادي شاعر ڪهڙو آهي؟
         جمن چارڻ
                                                  چونڊ: قربان علي شر


2 comments:

سائين تمام بهترين معلومات ت اسان جي آڏو پيش ڪئي آ
سدا سکيا هجو

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع