Saturday 12 August 2017

ڊيٽا کي هڪ ڪمپيوٽر مان ٻئي ڪمپيوٽر ۾ منتقل ڪرڻ جو آسان طريقو

لوڪل ايريا نيٽورڪ تار جي ذريعي ٻن ڪمپيوٽرس کي پاڻ ۾ ڳنڍي ڊيٽا کي هڪ ٻئي ڏانهن سيڪنڊن ۾ موڪلي سگهجي ٿو. جنهن جي سکيا جو آسان طريقو هيٺ ڏجي ٿو.
لوڪل ايريا نيٽورڪ ڪيبل جي ذريقي ٻن ڪمپيوٽرس کي پاڻ ۾ ڳنڍيو.
هاڻي ٻنهي ڪمپيوٽرس جي سيٽنگ بدلايو. 
Go to Control Panel > Network and Internet > Network and Sharing Center > Advanced sharing settings. 
پاسورڊ پروٽيڪٽيڊ شيئرنگ کي بند ڪريو. هيٺين تصوير ۾ ڏسو.
وائرليس نيٽورڪ ڪنيڪشن تي ڪلڪ ڪريو. تنهن کان پوءِ پراپرٽيز جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.

ڪمپيوٽر جي آءِ پي ايڊريس بدلايو.
آءِ پي  192.168.1.1
سب نيٽ 225.225.225.0
گيٽ وي 192.168.1.2

۽ هاڻي ٻئي ڪمپيوٽر جي آءِ پي ايڊريس بدلايو.
آءِ پي 192.168.1.2
سب نيٽ 225.225.225.0
گيٽ وي 192.168.1.1

تبديليون محفوظ ڪريو. نيٽورڪ ونڊو ۾ وڃي چيڪ ڪريو ته ڇا ٻئي ڪمپيوٽر نيٽورڪ سان ڳنڍجي چڪا آهن. جيڪڏهن ها ته نيٽورڪ ونڊو ۾ توهان کي ٻه ڪمپيوٽر نظر ايندا.

 اچو ته هاڻي ڪنهن به فولڊر کي شيئر ڪري ڏسون. اوهان جيڪو فولڊر شيئر ڪرڻ چاهيو ٿا ان تي ساڄو ڪلڪ ڪريو.
کلي ايندڙ ڊراپ ڊائون مينو مان
تي ڪلڪ ڪريو  share with > specific people 
هاڻي ايوري ون کي چونڊيو ۽ ايڊ تي ڪلڪ ڪريو. تنهن کان پوءِ شيئر جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.
اوهان جو چونڊ ڪيل فولڊر ڪاميابي سان نيٽورڪ تي ڳنڍيل ڪمپيوٽر سان شيئر ٿي چڪو آهي.

0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع