Friday 14 April 2017

اياز گل جي شاعري ۾ پيار جو اظهار

اياز گل جي شاعري ۾ پيار جو اظهار


تبصرو ڪندڙ: وقار احمد راهمون


عنوانن جي فهرست
اياز گل جو تعارف
شاعري جو تعارف
پيار جو تعارف
شاعري ۾ پيار جو اظهار
پيار جا مرحلا، رويا، طريقا،
انداز، ڪيفيتون وغيره
نتيجي واري راءِ
مددي ڪتاب/ذريعا



اياز گل جو تعارف
اياز گل، جديد سنڌي شاعري جي نئين ٽهي جو نمائنده ۽ نشانبر نالو آهي. هن جو جنم سهڻي شهر سکر ۾ 6 مارچ 1959ع تي ٿيو. سندس والد رجب علي دل هن جو نالو اياز علي رکيو. اياز گل پرائمري، سيڪنڊري ۽ هائير سيڪنڊري تعليم سکر مان حاصل ڪئي. گريجوئيشن لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين. اياز گل 1980ع ۾ ايم اي سنڌي ڪري گولڊ ميڊل حاصل ڪيو. هن انٽرنيشنل رليشنز ۾ ماسٽر ۽ وڪالت جي ڊگري ايل ايل بي به ڪئي. اياز گل کي علم ادب سان چاهه ننڍي هوندي کان ئي هو. هن 1971ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي. سندس پهرين تخليق شعر جي صورت ۾ رسالي ”اديون“ ۾ 1973ع ۾ ڇپي. اياز گل جا هيل تائين 7 شعري مجموعا ڇپجي چڪا آهن، جن ۾ سوچون سرها گل 1978ع، پيلا گل پلاند ۾1980ع، ڏينهن ڏٺي جا سپنا 1981ع، توبن ڪهڙا ڇانورا 1992ع، دک جي نه پڄاڻي آ 1997ع ۽ ميلي جي تنهائي شامل آهن. انهن کان سواءِ سندس سهيڙ ۽ ترتيب ڏنل به 4 ڪتاب آهن. اياز گل جي شاعري کي سنڌ جي نامور فنڪارن عابده پروين، صادق فقير، صنم ماروي، ممتاز لاشاري، فوزيا سومرو وغيره ڳائي کيس جهر جهنگ شهرت ڏياري. اياز گل 1996کان 1998ع تائين سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري رهيو. هن کي ٻيون انتظامي ۽ اعزازي ذميواريون : لطيف يونيورسٽي سينيٽ جو ميمبر، سکر تعليمي بورڊ ، سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌ صلاحڪار بورڊ جو ميمبر ۽ شيخ اياز چيئر ۽ تنوير عباسي چيئر جو انچارج وغيره به مليون. اياز گل سنگت رسالي جو باني ۽ ڀٽائي مخزن جو ايڊيٽر به رهيو آهي. اياز گل کي شعري خدمتن جي مڃتا طور هيٺان ايوارڊ ۽ شيلڊون مليون آهن: سنڌي ادبي بورڊ ايوارڊ، ينگ رائيٽرس ايوارڊ، ٻولي اختياري ايوارڊ، سگا ايوارڊ، اڪيڊمي آف ليٽرس ايوارڊ ۽ پٽائي، سچل ۽ تنوير وغيره شيلڊون به مليون اٿس. اياز مطالعي ۽ موسيقي جو شوقين آهي. فوٽوگرافري سندس پسنديده مشغولي آهي. هن خيرپور يونيورسٽي ۾ ساڻس گڏ پڙهندڙ ڇوڪري مستور بخاري سان پسند جي شادي ڪئي، جنهن مان کيس پرين بخاري نالي پٽ آهي. اياز گل اڄڪلهه لطيف يونيورسٽي ۾ سنڌي ادب جو  استاد آهي ۽ سندس رهائش سکر شهر ۾ آهي.
شاعري جو تعارف
اياز گل جي شاعري
جديد سنڌي شاعري ۾ اياز گل جي شاعري جو مقام مٿانهون رکي ٿي. اياز گل عشق ۾ درد، سماجي مشاهدو، اساسي، موزون ۽ جديد شعري روايتن جو گهرو اڀياس ڪيو، جنهن بعد هن پنهنجو الڳ، نرالو ۽ سادڙو اسلوب قائم ڪيو، جيڪو هن جو ذاتي اسلوب آهي.
اياز گل پنهنجي شاعري ۾ سندس اندر جا نوان جذبا، انوکا خيال، ٻاهر جا منظر ۽ نڪور عڪس پيش ڪيا، جيڪي اڳ سنڌي شاعري ۾ نه آيا هئا.
سائنڻ! تنهنجو هر هڪ واعدو،
سرڪاري اعلان جيان آ.
پڙهي ڪري اڇلايو ويو هان،
ڪالهوڪين اخبارن وانگي.
ڪيڏا اداڪار وڃون پيا پاڻ ٿيندا،
دل ۾ رناسي پئي، ٻاهر کلياسين ٿي.
مٿين شعرن ۾ وعدي جو سرڪاري اعلان هجڻ، اخبار جيان پڙهي اڇلائڻ ۽ اداڪار ٿيڻ جهڙا احساس، سوچون ۽ اهڃاڻ سنڌي شاعري لاءِ نوان آهن.
اياز گل، اياز گل کي ٻولي تي به دسترس حاصل آهي. هن وٽ نه صرف مروج لفظن کي استعمال ڪرڻ جو ڏانءُ آهي، پر نون لفظن کي ڪتب آڻڻ جو به فن آهي، جن سان شاعري ۾ جدت ۽ سندرتا اچي ٿي. هن پنهنجي ڪويتائن ۾ نيون تشبيهون، استعارا ۽ محاورا ڪم آندا آهن، جيڪي کيس هڪ منفرد ڪوي بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.
دل جي ٽاڪ منجهند ۾ تنهنجا،
ڪڪرن وانگي ڇايا نيڻ.
شخص هو نرالو آ،
جون ۾ جهڙالو آ.
تنهنجا نيڻ چمڻ ٿو چاهيان،
ٽيهن ئي سيپارن وانگي.
مٿين شعرن ۾ دل جي ٽاڪ منجهند، جون ۾ جهڙالو شخص، نيڻن جون سيپارا هجڻ جهڙا محاورا تشبيهون سنڌي شاعري ۾ نوان ۽ اڇوتا آهن.
اياز گل جي شاعري موسيقي جي ردم ۽ آهنگ سان ڀرپور آهي. لفظي ترنم، سنگيتي ماحول اهڙو جو ماڻهو جهومڻ لڳي. شعرن ۾ ردم ڪٿي به فڪر مٿان ڇانيل ناهي نه وري خيال ڌن کان اڀريل لڳي ٿو. شاعري ۾ نرت ۽ تال جي گونج محسوس ٿئي ٿي.
هلبو هاڻي لڏي لڏي،
بي قدرن کي ڇڏي ڇڏي.
اياز گل شاعري جي سمورن روايتي موضوعن تي شعر چيا آهن، جن ۾ انسان دوستي، وطن دوستي، فطرت نگاري، ٻهراڙي شهري زندگي ۽ وجوديت وغيره پر  سندس پسنديده موضوع رومانس آهي.
هر فساني جو ٿئي دور ٿو پر،
پيار هر دور ۾ نيارو هوندو.
اياز گل وٽ طنز ۽ مزاح جو عنصر به آهي، پر اهو اجائي ٺٺولي ناهي، پر مقصدي ۽ اخلاق جي دائري ۾ آهي.
ڪهڙو سچ چئي سگهنداسين،
پاڻ ته هون سرڪاري ماڻهو.
اياز گل جي ڪويتا نگر ۾ انساني نفسيات ۽ سماجي حالتن جي ڀرپور اپٽار ملي ٿي. هن جي شاعريءَ کي مشاهداتي ۽ احساساتي ”ذاتي شاعري“ چئي سگهجي ٿو.
اياز گل شاعري جي هر صنف تي لکيو آهي، جن ۾ بيت، وائي، ڪافي، گيت، نظم، چوسٽو ۽ ٽيڙو وغيره شامل آهن، پر غزل سندس پسنديده صف آهي. اياز گل غزل کي سنڌي مزاج جهڙو سادو سٻاجهو ويس ڍڪايو آهي.
دک جي نه پڄاڻي آ،
هر شخص ڪهاڻي آ.
تنوير عباسي اياز گل نارائڻ شيام جو نئون جنم قرار ڏيندي چوي ٿو ته ”هن جديد سنڌي شاعري کي نوان موڙ ۽ لاڙا ڏنا آهن. اياز گل جي شاعري جي هڪ منفرد خوبي انجو ضرب المثل هجڻ آهي، يعني پڙهڻ ۾ عام فهم سمجهڻ ۾ وڏي معني رکندڙ. سادگي سندس شاعري تهائين نمايان خصوصيت آهي. هن وڏي ڳالهه به ننڍن سادن لفظن ۽ سولي انداز ۾ ڪئي آهي. ڊاڪٽر شير مهراڻي موجب ”اها شعري سادگي ئي اياز گل جي مقبوليت جو ڪارڻ آهي. ان سادگي جي بنياد هن سنڌي شاعري کي ونڻدڙ ذاتي مزاج ۽ نجي منفرد سڃاڻپ ڏياري آهي.“ بهرحال اياز گل جي شاعري ۾ ڪلاسيڪي ۽ روايتي شعري قدرن ۽ جديد ڪويتائي اصولن جو سنگم ملي ٿو، ان روايت ۽ جدت ملي ڪري هڪ نئون شعري مزاج ۽ تشخص جوڙيو آهي، جيڪو نئين سنڌي شاعري جي سڃاڻپ آهي. اياز گل جي شاعري کي اسان جديد سنڌي شاعريءَ جو بهترين سرمايو چئي سگهون ٿا.

پيار ڇا آهي؟
پيار، هڪ نفيس، ڪومل ۽ سندر احساس آهي. هي هڪ وڻندڙ، سهڻو، دلڪش ۽ ڏکوئيندڙ جذبو آهي. پيار کي محبت، چاهت، الفت، نينهن، موهه، پريم،  قرب، لنئون، برهه ۽ پريت جي نالن سان به پڪاريو وڃي ٿو. پيار جي جذبي ۾ هڪ انسان ڪنهن انسان يا ٻي شيءِ (خاص ڪري مرد عورت يا ڇوڪرو ڇوڪري کي) کي چاهيندو آهي. پيار ڪندڙ، پنهنجي پيار ٿيندڙ کي ڪائنات جي هر شيءِ کان وڌيڪ ڀائيندو آهي. پيار جي آخر حد عشق آهي، جي پيار چاهڻ آهي ته عشق چاهت تي مري مٽجڻ آهي. عشق ڪندڙ کي عاشق ۽ جنهن سان عشق ٿئي تنهن کي معشوق چئجي. پيار کي علمي حوالي سان بيان ڪرڻ جا نفسياتي، فلسفياڻو ۽ سماجي وغيره پهلو آهن، جن مان هر هڪ جي جدا راءِ آهي. پيار قدرت پاران انسان جي اندر رکيل هڪ جبلتي جذبو آهي، جيڪو مناسب موقعو ڏسي ظاهر ٿي پوندو آهي. پيار ۽ سونهن جو رشتو لوهه ۽ چقمق وارو آهي. پيار کي جتي حسن نظريو آيو، اتي ڀڙڪو کائي نروار ٿيندو  ۽ چاهيندو ته خوبصورتي جي غلامي ڪيان. پيار جوڀن جي نوجوان ڏينهن ۾ ٿئي ۽ ڪن جي نوجواني هڻي برباد ڪري ته ڪي خوشنصيب شاد ٿين. پيار کي ڪو رنگ ناهي پر سندس سڀ رنگ آهن، پيار کي ڪا شڪل ناهي پر سڀ سندس شڪليون آهن، پيار کي ڪا سڳنڌ ناهي پر سڀ سرهاڻيون سندس آهن. پيار، خدا جهڙو پراسرار، پيغمبر جهڙو ديومالائي،  سمنڊ جهڙو گهرو، ڪائنات جيترو وسيع، چنڊ جهڙو روشن، ماکي جهڙو مٺو، گل جهڙو نازڪ،  زندگي جهڙو پيارو ۽ سنڌ جهڙو سهڻو آهي. پيار جي تاريخ ڏاڍي قديم آهي، جو ڪائنات جي تخليق جو ڪارڻ ئي پيار آهي. الله محمد سان محبت ڪري ڪائنات جوڙي. آدم کي حوا سان پريت هئي، جنهن ڪري سموري انسان ذات جوڙي، پوءِ اهو سلسلو هلندو رهيو. پيار ملي وڃي ته زندگي آ نه ملي ته موت برابر. پيار ۾ خوشي، مزو ۽  لذت به آهي ته ڏک، تڪليف ۽ پيڙاءَ به. پيار گلن جو سيج آهي ته ڪنڊن جو هار به. پيار جا ڪئيي روپ آهن، اهو انسان سميت ڪنهن به شيءِ سان ٿي سگهي ٿو. سڀني پيارن ۾ ماءُ جو پيار مٿانهون آهي، ڇو ته هوءَ بي لوث ٿي چاهيندي آهي. پيار هڪ جنسي جذبو به آهي، تنهنڪري دنيا جي وجود جي بقا جو مدار به مٿس آهي. پيار جهڙي جذبي انسان کي وڏو لوڙهايو آهي، انجي مستي ماڻهوءَ کي چريائپ جي حد تي آڻي ڪٿي جو نه ڇڏيندي آهي. دنيا جي سڄي شاعري ان هڪڙي موضوع لاءِ وقف ٿيل آهي، شاعر سڀ پيار جا پچايل، ناڪام عاشق ڪامياب شاعر!. پيار اکين جي رستي ٿئي ۽ دل سندس گهر آهي. پيار جڏهن به اندر ۾ اڇل کائي تي وجود جي ڌرتيءَ تي ڄڻ زلزلو اچيو وڃي. پيار هڪ جذباتي ڪيفيت آهي، جنهن ۾ ڪڏهن زندگي جو سرور آهي ته ڪڏهن موت جو ذائقو. پيار روح جو روح سان ملڻ آهي، جنهن جو ذريعو جسم آهي. تڙپ، بيچيني، رولاڪي، ديوانگي، مدهوشي،  اوسيئڙو، درد، آزمائش، اداسي، روڳ، وبال،  مغروري، مجبوري، انجام ۽ سڪ وغيره پيار جا جدا رخ آهن. پيار کي جيترو بيان ڪجي اهو گهٽ آهي. بس پيار محبوب جي هنج آهي، جتي رهي عاشق جون سڀ پيڙائون پري ٿي وينديون آهن ۽ خوشين جي ڪائنات سندس ڀاڪرن ۾ هوندي آهي. پيار ماڻهو کي انسان بڻائي ٿو. پيار سواءِ زندگي ايئن آهي جيئن انسان سواءِ دنيا.
شاعري ۾ پيار جو اظهار
پيار، محبت ۽ عشق هر دور ۾ شاعريءَ جو  پسنديده ۽ بنيادي موضوع رهيو آهي. پيار جي اڌمن جي اظهار لاءِ ئي شاعري شروع ٿي، انڪري شعر ۽ پيار هڪٻئي لاءِ لازم ملزم آهن. اياز گل ته آهي ئي ”پيار“ کي بيان ڪندڙ شاعر آهي. سندس شاعريءِ جو ستر سيڪڙو محبت جي موضوعن تي مشتمل آهي. هر ٽين شعر ۾ عشق جي عنوان نظر ايندو. هن وٽ پيار جا روايتي توڙي انوکا مختلف مرحلا، رخ، رويا، خيال، طريقا، ڪيفتيون ۽ لاڙا آهن، جن جو هن شعر جي فني ۽ فڪري زاوين ۾ غير روايتي ۽ نئين طريقي سان وڻندڙ انداز ۾ بيان ڪيو آهي. انهن سمورن پاسن جو  ڪلي جائزو ته هڪ وڏي مقالي ۾ وٺي سگهجي ٿو، پر هتي اسان مکيه ڳالهين ۽ حالتن جو جزوي طور جائزو وٺنداسين ته جيئن اياز گل جي پيار ۽ انجي اظهار جو پتو پئجي سگهي.
پيار جا مرحلا، جذبا ۽ حالتون
پيار، دردن جي گهيريل زندگي لاءِ تمام ضروري آهي. محبت سواءِ حياتي ڪو ضروري مڙهيل وزن لڳندو آهي. اياز گل به ان ئي سوچ جو حامي آهي، هو روح جي اوتاري ۾ ڪنهن مسافر کي رهائڻ لازمي سهمجي ٿو.
من ۾ ڪو مهمان، ضروري آ پيارا،
دردن جو درمان، ضروري آ پيارا.
پيار ته ڪرڻ سولو آهي، پر ان کي نڀائڻ ۽ ڀوڳڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. پياري ماڻهو کي چاهڻ جا عجيب رنگ هوندا آهن، جنهن ۾ چاهيندڙ پاڻ کي فنا به ڪري ڇڏيندو آهي. اياز سان به اهڙي ئي ڪار ٿي آهي:
عجيب مرحلا آهن، اوهان کي چاهڻ جا،
گهڙي گهڙي جا، جتن هِن اسانکي ڊاهڻ جا.
برهه جي برسات ڏاڍي انوکي ۽ عجيب هوندي آهي، عاشق کي حيرانين ۽ اچرجن جي عجيب مڪانن جا سير ڪرائيندي آهي. ماڻهو انهن حيرت ۾ وڃائجي ڪڏهن ٽهڪ ڏئي ته ڪڏهن لڙڪ لاڙيو ويهي.
نينهن جو مينهن نرالو آهي،
پانڌ رهندو سدا آلو آهي.
بس هڪ پيار محبت جون ميخون هينئڙي ۾ کتون ته پوءِ نڪرڻ محال آهن. پوءِ سندس محبوبن جي سڪ سيني ۾ سلگندي رهندي آهي ۽ اها ڇڪ هوندي هوءِ هميشه گڏ هجن:
اوهان سان جڏهن کان اسان پريت لاتي،
رهي دل رڳو ٿي، اوهان لاءِ آتي.
پيار ته سڄي ڪائنات جو آفاقي حسن آهي. جيڪر محبت نه هجي ته دنيا ته ان سواءِ ٻسي ۽ ڇسي لڳي.  جتي پيار آهي اتي امن شانتي آهي، ماڻهو سک سان جيئن ٿا، جتي نفرت آهي اتي بدامني، انتشار ۽ افراتفري آهي، اهڙن سماجن ۾ ماڻهن جو زنده رهڻ ڪا سزا ڀوڳڻ برابر آهي. اياز به ايئن چوي ٿو:
هي سڄو سنسار، جيئرو آ پرين،
جيستائين پيار، جيئرو آ پرين.
وڇوڙو: وڇوڙو لفظ وڇڙڻ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ ڇڄڻ، ٽٽڻ، جدا ٿيڻ آهي. وڇوڙي لاءِ جدائي، فراق ۽ دوريءَ جا لفظ به ڪتب آندا ويندا آهن. پيار جي جذباتي وايومنڊل ۾ وڇوڙي جي هوا جو گهلڻ عام آهي. جدائي جي المياتي ڪيفيت جيءُ کي جهوريندڙ هوندي آهي. ان پرسوز ڪيفيت ۾ من جي اداس اڱڻ تي پريشانين جا بادل ڇانيل هوندا آهن. عاشق لاءِ معشوق کان دوريون ۽ فاصلا پلطراط تي هلڻ برابر هوندو آهي. جيئري ئي جانب کان جدائي جان کي جلائي عاشق کي سندس زندگي موت جهڙي ڪري ڇڏيندي آهي. جدائي جا جدا روپ ۽ ورن آهن، جن بابت اياز گل خوبصورت شعر چيا آهن .
ميلاپ: ميلاپ لفظ ملڻ مان ڪڍيل آهي، معني گڏجڻ، ساٿ ڪرڻ ۽ ملاقات ڪرڻ وغيره اٿس. ميلاپ لاءِ وصال ۽ ميل جا لفظ به ڪتب آندا ويندا آهن. ميلاپ وڇوڙي جي متضاد ڪيفيت آهي. عشق جي جهان ۾ هي ڪيفيت وڇوڙي ماريل عاشق لاءِ عيد سمان هوندي آهي، سندس فراق جي ڦٽيل جيون جي گلستان ۾ خوشين جون بهارون آڻيندي آهي. پرينءَ کان پري عاشق جدائي جي عذابي موسم ۾ هر وقت سڄڻ جي ساٿ جي ميلاپي موسم جي آمد جا اوسيئڙا ڪندا رهندا آهن. پوءِ جڏهن جاني ڀال ڀلائي ڪري جوءِ ۾ ايندو آهي ته قلب کي قرار ملندو آهي ڪوڙين رنگ رچي ويندا آهن. محبوب جي موجودگي واري حالت ۾ عاشق پاڻ کي دنيا جو سڀ کان وڏو خوشنصيب شخص سمجهندو آهي، پرين جي ٻانهن ۾ ٻکجي کيس ڪائنات پنهنجي وس ۾ لڳندي آهي. ميلاپ ڪيڏو به ڊگهو هجي پر ويندو کن پل ۾ گذري آهي، پر انهن پلن ۾ ايترو سرور سمايل هوندو آهي، جو باقي گهاريل زندگي عبث لڳندي آهي. جيون جي غمناڪ رتن ۾ ميلاپ جا اهي مزيدار پل قيمتي سرمايو بڻجي عاشق جي ڏکن ڏڌيل حياتي ۾ سک جا گلاب بڻجي مهڪندا رهندا آهن. ان وقت دل چاهيندي آهي ته وقت جو وهڪرو رڪجي وڃي پرهه پنهنجي پانڌ نه کڻي، ڍول جي ٻانهڙي تي ستل رهجي ۽ کيس لوڪ کان لڪي پيار ڪجي.
سار: سار لفظ سارڻ مان ٺهيل آهي، معنيٰ ياد ڪرڻ، ويچارڻ ۽ چت ۾ چرڻ آهي. هن ڪيفيت ۾ پيار ڪندڙ شخص پنهنجي پياري کي هر وقت ياد ڪندو رهندو، سندس حسين جي جسم جي ور وڪڙن ۽ مٺڙين ڳالهين جي انگن ونگن جي رنگن ۾ گم هوندو آهي. هن حالت ۾ خوشي به سمايل آهي ته غم به رکيل آهي. پرين جي پياريل محبتي جام کي ساريندي دل اڱڻ تي سکن جا مور ٽلندا آهن ته ڏکن جي ڏنل زهر پڙي کي ياد ڪندي  عذابي پکي درد جي چال به هلندا آهن. عاشق يادن جي مزارن تي هميشه وصال جي رنگين حالت جا قول پڙهندو رهندو آهي ته مون ساريندي سپرين اچين جي هيڪار ته پنبڻيون پرين ڌريان، وار هنڌ ڪري وڇايان ۽ سڄي ڄمار ڪري  غلام ٿي گذاريان، پر سڄڻ جي سار اهڙي بي چئي جو ڪنهن جهل پل کان مڙي ئي ڪانه، اها دل جي ٻيڪڙيل درن مان به زبردستي داخل ٿي ويندي آهي. ياد چت ۾ چڻڪندي ڀڳي هڏ جيان ويروتار ڏکندي رهندي آهي. ياد کان فرار ناممڪن آهي. يادون ڪڏهن زندگي ۾ زهر ڀرينديون آهن ته ڪڏهن آب حيات اوتينديون آهن، ڇو ته پرين ڏور هوندي به اوڏا هوندا آهن، هو ڪڏهن به وسرڻا ناهن، هنن جي سار جو وراڪو دل کي ائين آهي، جيئن ڪنڍي مينهن جا وڪوڙيل سڱ.
ڏک: ڏک لفظ فعل ڏکڻ جي فعلي صورت آهي، جنهن جي معنيٰ سور ٿيڻ، تڪليف محسوس ڪرڻ ۽ درد سهڻ وغيره اٿس. پيار ۾ هي سڀ کان ڏکويندڙ ۽ خطرناڪ ڪيفيت هوندي آهي، جيڪا عاشق جي روح جي جهان ۾ اذيتن جا طوفان برپا ڪري ڇڏيندي آهي. ڏک جا دردي حالت جي حوالي سان مختلف درجا آهن: بيرخي ڏک، بيوسي ڏک، بيوفائي ڏک، بيمروتي ڏک، مجبوري ڏک، مغروري ڏک،  پر سڀني ڏکن کان وڏو ۽ من جي وڻن کي بيرحم ڪهاڙن سان وڍيندڙ ڏک اهو آهي ته اوهان جنهن سان پيار ڪيو اهو توهان جي جذبن کي ئي نه سمجهن. توهان ڪنهن تي سڀڪجهه فدا ڪيو پر هو پيار ڪرڻ ته پري پر توهان جي احساسن کان ئي اڻواقف هجي، اهڙي بدنصيبي واري حالت ۾ عاشق لاءِ هر گهڙي سڪرات جهڙي هوندي آهي. ڏک ۽ عشق هڪ ئي شيءِ ڄڻ آهن. جڏهن اميدن جا پيامبر پرين آرزوئن جي ابتڙ پير ڀري حسرتن جا باغ ڀيلاڙ ڪندا آهن ته من جي آڪاش تي ڏکن آگم ڇائنجي ويندا آهن، پوءِ اکڙيون بوندا بس ناهن ڪنديون، ڳلن جي ڌرتي تي لڙڪن جي ڦڙين سان ڀڄي ويندي آهي. سڄڻ سورن جا سبب آهن ته ڏکندن کي ڏور ڪندڙ به. هو اندر کي آزار جا انواع  ڏئي درد جي دوا به ڪندا آهن.  
سک: سک جي ٻي ويجهي معنيٰ آهي خوشي. سک جا ٻيا روپ، مزو، لست، سرور، سڪون، مسرت، لذت، آنند ۽ ڪلياڻ وغيره آهن. خوشي به اندر جي داخليت جي جهان جي هڪ جذباتي واردات آهي. ان حالت ۾ عاشق جنت جي مزيدار باغن ۾ سير ڪندو رهندو آهي، جتي مزن جا غلمان ۽ مسرتن جون حورون سندس آزاريل جيون ۾ لذتن جا نوان جهان ڀرينديون رهنديون آهن. عاشق جي سڀ کان وڏي خوشي محبوب سان ميل آهي، سندس جوان انگڙن سان کيڏڻ، مدهوش اکين ۾ گم ٿيڻ ۽ انگوري چپن کي چمڻ پسنديده مشغلو آهي. عاشق معشوق هجي پوءِ ڀل دنيا لڏي وڃي، ڇو ته پرين جي اک ۾ اک ڪٺل جو ڪم آهي، ڀلي سسي سوڌو چم لهي وڃي ۽ دم نڪري وڃي ته به پرين جي اک مان اک نه ڪڍبي.  عاشق سدائين سک جو گهورو هوندو آهي ۽ ڏکن کان وونءُ ويندو آهي.  سک عاشق جي ريگستاني جيون ۾ سانوڻي برساتن جي پهرين ڦڙين جهڙا آهن. سک، ڏکن جي لڪ جي لوساٽيل عاشق جي جيون ۾ بهار جي ٿڌڙي ڪنهن جهوٽي سمان آهن. محبوب سکن واري معاملي ۾ ڏاڍا ڪنجوس هوندا آهن، جي پاڻ عاشق ته نه مرندا ۽ معاملو هڪطرفو هوندو ته پوءِ عاشق سکن لاءِ پيو سڪندو.
رسامون:  رسامون رسڻ مان نڪتل آهي، معنيٰ ڪاوڙجڻ، ناراض ٿيڻ ۽ خفا رهڻ اٿس. رسامو عاشق محبوب جي روين ۾ اختلاف جو ٽڪراءُ آهي. رسامو ڪنهن تڪرار تان شروع ٿيندو ۽ ڪاوڙ کي جنم ڏيندي، جنهن مان غلط فهميون پيدا ٿينديون، جيڪي رشتن جي ديوارن ۾ ڏار وجهندي ڇڏينديون. ناراضگي جي ان حالت ۾ عاشق کان محبوب رٺل رهندو آهي، پوءِ پريمي پرچاءُ جا پنڌ پڇائيندي راضپي جون راهون نهاريندو رهندو آهي. رسامون تاس راند ۾ ترپ رنگ وانگر آهي، جيڪو عاشق جي دل جا سمورا پتا ڪٽي ڇڏيندو آهي. رسامو اسپتال جي بيرنگ ڪمري جي اها گهٽ آهي، جيڪا مريض جي من کي مونجهه ۾ مبتلا ڪري رکندي آهي. محبوب وري اهڙا سنگدل ۽ بيپرواهه جو بنا سبب اجايو رسيو ويٺا هوندا آهن، ڪو خيال ئي ناهن ڪندا ته مجبور عاشق جي نازڪ دل تي ڇا گذرندي هوندي. رسامي ويل محبوب دل جا ايڏا پڪا ۽ بيرحم ٿي ويندا آهن، جو گسين پنڌين هلندي مليا ته ڀر مان ايئن گذري ويندا ڄڻ سڄاڻن ئي نه، پر جي ڏٺئون ته به اهڙي بيرخي ڀريل ڪافر نهار ڪندا جو عاشق ويچاري جو ساهه سڪي ويندو. سڄڻ سان اڻبڻت جي حالت ۾ من جي اداس رڻ ۾ سڃ واڪا ڪندي رهندي آهي. عاشق چوندو رهندو ته محبت جي ڪاڪ ڪڙهي وئي، پيار جو لڊاڻو لوٺجي ويو، تون پڄاڻان پرين پريت جو آتڻ اجهامي ويو، مئلن سان ماڻا مناسب ناهن مٺڙا. عاشق جي آزين ۽ ايلازن تي محبوب روح ۾ ڪجهه رحم ڌاريندا، پر  وري جي پرچندا ته به وڏين منٿن مڙن سان، وڏا وچن ۽ واعدا وٺندا، پوءِ مس وڃي منهن تي مرڪ آڻيندا عاشق جي سرير ۾ ساهه وجهندا، اهڙي حالت ۾ سندن ناز ۽ نخرا عاشق جي دل تي ڇرا هوندا آهن.
بيوفائي: بيوفائي جو مطلب آهي وفا جي غيرموجوگي. پيار جي جذبن ۾ هي  انوکو ۽ تڪليف ڏيندڙ احساس آهي. بيوفائي مان مراد محبوب جو عاشق سان سچو نه رهڻ، کيس ڇڏي وڃڻ آهي. عشق جي ويڙهه ۾ بيوفائي هٿيار وانگر آهي، جنهن کانسواءِ هارجيت ٿيڻ ناممڪن آهي. بيوفائي کي دوکي، دولاب، ٺڳي ۽ چالاڪي سان به تعبير ڪيو ويندو آهي. بيوفائي ڄڻ محبوبن جي فطرت ۾ شامل هوندي آهي، جيسين اها نه ڪن، تيسين رهي نه سگهندا، بيوفائي ڄڻ عارضي جدائي آهي، پر جي مستقل ٿي وڃي ته وڇوڙي جي شڪل ڌاري وٺندي آهي. بيوفائي جي حالت ۾ محبوب بيمروت ٿي بنا لحاظ جي پيا جيئندا آهن، پر عاشق ويچارن جو اندر سورن سان پيو سڙندو آهي.دنيا جي عاشقن کي محبوبن کان سڀ کان وڏي شڪايت بيوفائي جي ئي هوندي آهي، ڇو ته ان حالت ۾ محبوب ٻڌائيندا ئي ناهن ته سندن پري ٿيڻ جا ڪهڙا سبب آهن.  زمانو ڌار ڪري ته وڇوڙي پر جي يار پاڻ ئي پري ٿئي ته ڪنهن کي ڏوهه ڏجي. ڪڏهن ڪڏهن ته بيوفائي محبت جي شفاف وجود تي ڪاري ٽڪي جيان باسندي آهي. اها پيار جي ڀتين ۾ چير وجهندي، احساسن جي رنگ ۽ سمينٽ جا ڇاپڙ لاهي ڇڏيندي آهي. ڪيئي محبوب ته انکي ڳلي جو هار سمجهي پايو گهمندا آهن، پر عاشق ويچارن لاءِ ڄڻ ڦاسي جو ڦندو هوندي آهي، جيڪا سندس جسم لاءِ هر وقت موت جو پيغام آڻيندي رهندي آهي.توڙي جو جانبن کي ايئن نه جڳائيندو آهي ته هو ماري موٽي نه پهچن، پر سندن مزاج اهڙو ڦرڻو هوندو آهي ته هو ڀلا اهڙيون ڀلايون ڪندا آهن جو هنن لاءِ نامناسب هونديون آهن. چت لاهي چريو ڪري پوءِ پاڻ ڪڍي  وڃڻ ڪو هنن کان سکي. عاشق کي ته هر وقت اها تات هوندي آهي ته توڙي حب نه هجي ته به هوت هيتريون نه ڪجن.
تعريف: عربي لفظ تعريف لاءِ سنڌيءَ ۾واکاڻ ۽ ساراهه جا لفظ هنڊايا ويندا آهن. تعريف جو مطلب ڪنهن جي خوبين ۽ گڻن جو بيان ڪرڻ آهي. پيار جي ميدان ۾ تعريف جو تنبو مٿانهون ۽ پري کان ئي پڌرو آهي. پيار ۽ سونهن جو ناتو انتهائي گهرو آهي، اهي هڪٻئي لاءِ لازم ملزوم آهن. محبتي عاشق پنهنجي محبوب جي حسن جي بيان ۾ زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيندا آهن. جانب جي جمال جا ته ڪيترائي روپ آهن، پر عاشق پنهنجي معشوقن جي خوبصورت جو ذڪر ٻن حوالن سان ڪندا آهن، هڪ ته سندن جسماني ڪشش ۽ ٻي سندن ادائون ۽ مٺڙا گفتا. محبوب ڀلي ڪارو ڪوجهو هجي پر کيس شهزادو ڪري پيش ڪيو ويندو. ڪل ڪائنات جون سموريون شيون سندس سندرتا جي ساراهه ۾ تشبيهون ۽ استعارا ڪري ڪم آڻيندا. محبوب جي ڪوملتا ۽ نرملتا جو ذڪر ڪندي سندس جوان جسم جي حسين عضون جي اڀارن جو اهڙو حساساتي نقشو چٽيندا جو ماڻهوءَ جي اندر ۾ مانڌاڻ مچي ويندي. بس محبوب ڀلي جڳ کي ڏٺئي نه وڻي پر عاشق کي جهان کي هن کان پري ڪجهه به ڏسڻ ۾ ئي نه ايندو.
رسمون: رسم معنيٰ رواج، ريت يا دستور آهي. رسم جو مطلب ڪنهن سماج ۾ ڪنهن شيءِ بابت مروج ڪا روايت ته هي شيءِ هيئن آهي ۽ هيئن ئي ٿيندي، ان خلاف وڃڻ پاڻ کي ٻوهي ۾ ڏيڻ آهي. اسان هڪ نام نهاد بند مذهبي سماج ۾ ڄمي پيا آهيون، جتي پيار ڪرڻ گناههِ ڪبيرا ۽ وڏي برائي لکيو وڃي ٿو. هتي نفرت ۽ ساڙ ته سرعام ڪري سگهجي ٿو، پر محبت ۽ پريت لڪي ڪئي وڃي ٿي. هتي پيار کي مروج رسمن جي ڀڃڪڙي هڪ سماجي ڏوهه خيال ڪيو وڃي ٿو. ڪيئي دليون اهڙي دقيانوسي ۽ فرعوني ماحول سبب ميلاپ کان محروم ٿي وڃن ٿيون. ڪنهن پريمي جوڙي جي کڙڪ پئي ته جڳ ان خلاف ڪات ڪهاڙا کڻي ڪڍ لڳندس. جوڙي همت ڪندي عدالتي پرڻو ڪيو ته سماجي ٺيڪيدار کيس موت جي گهاٽ اتاري ڇڏيندا، جي ڀاڳ سان بچي ويو ته وطن مان جلاوطن ڪري دربدري جو جيون گهارڻ تي مجبور ڪيو ويندو. اهڙي انسانيت دشمن ماحول ۾ پيار تي پابندين سبب ڪيئي سماجي خاص ڪري جنسي مسئلا جنم وٺندا رهندا آهن، پر ڪوڙي سماجي سڌاري جا ٺيڪيدار انڌ جي گهوڙي تي سوار تي محبتن جا گلاب چيڀاٽيندا رهندا آهن ۽ پيار ڪندڙ ائين ئي عشق ڪرڻ جي ڏوهه ۾ بي موت مرندا رهندا آهن.
ميار: ميار اها ڳالهه آهي جيڪا ڪنهن جي اڻوندڙ ۽ نامناسب عمل جي ردعمل ۾ لوڪ لڄا لاءِ مام جي انداز ۾ چئي وڃي. سنڌ ۾ هن لاءِ ڏوراپي جهڙو پيارو لفظ به ڳالهائجي ٿو. محبت ۾ ميارن جون پچارون معمول جو حصو هونديون آهن.محبوب جي ڳالهه عاشق کي ناگوار ۽ ڏکي لڳي ته هو هڪدم کيس پيار سان اهو محسوس ڪرائيندو ته ان وارتا ڏکايو آهي، پر ميار کي شڪايت هر گز نه سمجهڻ گهرجي، ڇو ته شڪايت ۾ منفي پهلو به پوشيده آهي، پر ميار ته سڄي جي سڄي مثبت ۽ هاڪاري آهي مقصد ڇڙو اندر جي کُٽ کُٽ جو اظهار آهي. پيار ۾ اڪثر ائين ٿيندو آهي ته جڏهن محبوب روين جي تير سان عاشق جو من گهايل ڪندو آهي ته زخمي عاشق ميارن جا پکي اڏاري ڏک جا ڏوراپا  مُنجيندو آهي ته ڪيترو نه سٺيو هُئين، تونکي هيئن ڪرڻ نه جڳائي، افسوس ٿيو ته تون به ائين ڪيو. پوءِ سڄڻ ڪڏهن پنهنجي فعل تي لچڪ ڏيکاري عاشق کي ڳل ڳراٽي پائيندو ته ڪڏهن ته ماڳهين نفرت جي باهه ۾ لهي ڌڪار جا شعلن سان عاشق کي جُهلسائي ڇڏيندو آهي.
انتظار: انتظار کي اوسيئڙي ۽ پرتيڪشا به ڪوٺيو ويندو آهي. انتظار ڪنهن لاءِ ترسڻ ۽ ٺهرڻ جي احساسي حالت آهي. عشق ۾ هونئن ته انتظار جا ڪيئي رنگ آهن، پر سڀ کان ساهه سڪائيندڙ انتظار محبوب جي ملاقات جي انجام هوندو آهي. محبوب ملڻ جو وچن ڏنو ته عاشق کان وقت کان ٻڌايل جاءِ تي پهچي پرين جي آمد جو اوسيئڙو ڪندو رهندو آهي، پوءِ سندس وجود ۾ جذبن جيڪا ول ڇل مچندي آهي، انتظار جي ڪيفيت جو اها جوهر آهي. ان وقت جا احساس سندس انتظار جي سچي جذبات نگاري ڪندا آهن. انتظار ۾ هڪ تانگهه ۽ تڙپ سمايل هوندي آهي. انتظار ڏاڍو جابر ۽ ظالم احساس آهي، جيڪو عاشق جي جيءُ کي ڪپيندو ۽ ڪوريندو رهندو آهي. جڏهن پرين جو انتظار، انتظار رهجي وڃي ته عاشق جي اندر جي دنيا ۾ سوڳ جي لهر پکڙجي ويندي آهي.
پيار جا جذبا
پيار جا معيار
پيار جا رويا








نتيجي واري راءِ
مددي ڪتاب/ذريعا
1 ڏينهن ڏٺي جا سپنا-اياز گل 1981ع
2  توبن ڪهڙا ڇانورا-اياز گل 1992ع
3 دک جي نه پڄاڻي آ-اياز گل-1997
4  اياز گل جي شاعري-تنوير عباسي،  مهراڻ مارچ 1995
5  سنڌي شاعري جون صنفون ۽ صنعتون-ظفر عباسي-2006
6 تاريخ جو ڪچرو-شمشير الحيدري-2006
7 ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان-مظفر چانڊيو-2002
مٿين ڪتابن کانسواءِ روزاني اخبارن ڪاوش، عوامي آواز، سنڌ ايڪسپريس ۽ عبرت جي هفتيوار ميگزينن ۽ انٽرنيٽ جي سنڌ سلامت، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي لينگوئيج، سنڌي سڀا ۽ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيا جي ويب سائيٽس تان مدد ورتي وئي.



هي موضوع منهنجي بلاگ تي وقار احمد راحمون جي ٿورن سان پيش ڪيو ويو.

0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع