Saturday 29 September 2018

سنڌي بلاگنگ لاءِ نئون ريسپانسو سنڌو بلاگر ٽيمپليٽ


هن ٽيمپليٽ جي حوالي سان آئون اڳ ۾ ئي ذڪر ڪري چڪو آهيان. موضوع پڙهو

هي ٽيمپليٽ جيڪو آئون اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪري رهيو آهيان اصل ۾ هي ٽيمپليٽ انگريزي ٽيمپليٽ جو ترجمو آهي. ٽيمپليٽ کي سنڌي ۾ ترجمو ان لاءِ ڪيو جو ڇاڪاڻ ته سنڌي بلاگنگ لاءِ سٺا ۽ ريسپانسو ٽيمپليٽ نه هئڻ جي برابر آهن. ان ڳالهه کي مدنظر رکي هن ٽيمپليٽ کي سنڌي ۾ ترجمو ڪيم ته جيئن سنڌي بلاگنگ ۾ اضافو ٿئي. اميد ته هي ٽيمپليٽ اوهان کي ضرور پسند ايندو.
بلاگر ٽيمپليٽ ڪيئن اپلوڊ ڪجي ۽ ان کي ڪسٽمائيز ڪيئن ڪجي. ان سوالن جا جواب اڳ ۾ ئي سنڌ سلامت فورم تي موجود آهن. تنهنڪري آئون هتي اهيو لکڻ مناسب نٿو سمجھان. جيڪڏهن توهان سنڌي بلاگنگ جي سکيا جا موضوع پڙهڻ چاهيو ٿا ته سنڌي بلاگنگ سيڪشن ۾ اچو.

ٽيمپليٽ جو ڊيمو
ٽيمپليٽ ڊائون لوڊ ڪريو

1 comments:

مائٺ سائين تمام بھترين ڪم

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع