Wednesday 14 June 2017

سنڌسلامت ڪتاب گھر هاڻ آنلائن ڏِسو سوبه بنا انٽرنيٽ پيڪيج جي...

سنڌسلامت ڪتاب گھر هاڻ آنلائن ڏِسو سوبه بنا انٽرنيٽ پيڪيج جي...
**********************
عبيد ٿهيم
 موجوده دور ۾ هڪٻئي سان هر وقت رابطي ۾ رهڻ لاءِ انٽرنيٽ بيحد ضروري آهي رڳو ايترو ئي نه پر شاگرد کان وٺي استاد تائين، سيکڙاهٽ کان وٺي ڊاڪٽر تائين نصابي يا غير نصابي معلومات وڌائڻ لاءِ جيترو مواد انٽرنيٽ تي موجود ملي ٿو اهو شايد ئي ڪنهن جاءِ تي هڪ ئي وقت موجود هجي. ان طرح جيڪڏهن ڳالهه لوڪ ادب يا ورثي جي ڪجي ته ان لاءِ انٽرنيٽ پڻ هڪ شاندار پليٽ فارم آهي. دنيا جون وڏيون وڏيون لائبريريون ڊجيٽلائيز ٿي رهيون آهن. توڙي جو ملڪ ۾ ٿري جي ۽ فور جي اچڻ کان پوءِ انٽرنيٽ جي رفتار بهتر ٿي آهي پر هتي رهندڙ کوڙ سارا سنڌي مهانگي هجڻ ڪري انٽرنيٽ جي پهچ کان پري آهن.. ڀلو ٿئي Internet.org ۽ Facebookk وارن جو جن پنهنجي مقصد دنيا جي ڏوراهين حصن تائين انٽرنيٽ جي سهولت مفت مهيا ڪرڻ طرف ڪوششون تيز ڪيون آهن.
ان سلسلي ۾ Facebook طرفان Free Basicss نالي سروس ذريعي اهڙين جڳهن تي به انٽرنيٽ مفت ماڻهن جي پهچ ۾ آندي وئي جتي انٽرنيٽ مهانگو ۽ استعمال ۾ گهٽ آهي… فري بيسڪ ۾ ويبسائٽون بنا ڪنهن ڊيٽا چارج جي موجود هجن ٿيون ۽ انهن ۾ خبرون، روزگار، صحت، تعليم ۽ مقامي معلومات جهڙين شين متعلق مواد شامل هجي ٿو. فيسبڪ طرفان انهن ويبسائٽن ذريعي ماڻهن کي انٽرنيٽ جا فائدا متعارف ڪرائيندي، ٻين ماڻهن کي به آنلائن آڻڻ ۽ انهنجي زندگيءَ کي بهتر بنائڻ جي ڪوشش جاري آهي.
فري بيسڪ هن وقت تائين دنيا جي 522 ملڪن ۾ هلي رهي آهي، جن ۾ پاڪستان پڻ شامل آهي. جڏهن ته ٻين ايشين ملڪن بنگلاديش، انڊونيشيا، مالديپ، ميانمار، فلپائن ۽ ٿائلينڊ کان علاوه کوڙ سارا ٻيا ملڪ شامل به آهن.
 فري بيسڪ طرفان پاڪستان ۾ صرف زونگ ۽ ٽيلينار سان معاهدو ٿيل آهي جنهن تحت محدود ويب سائيٽس لاءِ مفت انٽرنيٽ فراهم ڪيو وڃي ٿو ۽ انهن ويب سائيٽس جي معلومات ۽ سگرمي بنا ڊيٽاچارج جي پهچ حاصل ڪري سگهجي ٿيي.. هيل تائين فري بيسڪس پروگرام ذريعي انٽرنيٽ ڊاٽ آرگ طرفان فيس بوڪ، بي بي سي نيوز، ڪرڪ انفو، او ايل ايڪس ۽ وڪيپيڊيا سميت 17 ويب سائيٽس مفت استعمال ڪري سگهجن ٿيون.
 اسانکي اِهو ٻُڌائيندي سَرهائي ٿي رهي آهي ته انٽرنيٽ ڊاٽ آرگ انهن چند اهم ويبسائٽن ۾ هاڻ ”سنڌسلامت ڪتاب گھر“ (http://books.sindhsalamat.com) کي پڻ شامل ڪيو آهي.
 سنڌسلامت ڪتاب گھر سنڌي ٻوليءَ جي ٽيڪسٽ بيسڊ آنلائن ڊجيٽل لائبرري آهي، جتي سنڌي ٻوليءَ ۾ ناول، ڪهاڻين، تاريخ، تحقيق کان علاوه ٻين به کوڙ سارن موضوعن تي سوين ڪتاب مفت پڙهڻ ۽ تحقيقي مقالن ۾ ڪتب آڻڻ لاءِ رکيا ويا آهن. سنڌسلامت ڪتاب گھر کي سنڌسلامت ڊاٽ ڪام سَٿَ پاران پهرين جون 2016 تي ماڻهن لاءِ انٽرنيٽ تي آنلائن ڪيو ويو، هن وقت تائين سنڌسلامت ڪتاب گھر ۾ ڪُل 448 ڪتاب موجود آهن ۽ انهن ڪتابن جو مشاهدو: 329724 ڀيرا ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪتاب 136499 ڀيرا ڊائونلوڊ ڪيا ويا آهن.(ان مان اهو اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته ڪتاب پڙهندڙ سنڌ ۾ تمام گھڻا آهن).
 سنڌسلامت ڪتاب گھر بابت اڳ ۾ کوڙ سارا ليک مختلف اخبارن ۾ ڇپيا آهن، مان هتي صرف اهو ٻُڌائيندس ته هاڻ توهان به مفت انٽرنيٽ (بنا ڊيٽا چارج جي صرف زونگ ۽ ٽيلينار) تي سنڌي ٻوليءَ جا سوين ڪتاب پڙهي سگھو ٿا، طريقيڪار هيٺ ڏِجي ٿو.
ايپليڪيشن انسٽال ڪرڻ:
 فري بيسڪ جِي ايپليڪيشن گوگل پلي اسٽور ۽ فيسبڪ تان ڊائونلوڊ ڪري سگھجي ٿِي، فيسبڪ تان ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ فيسبڪ ايپليڪيشن ۾ کاٻي پاسي مينيو ۾ وڃو ۽ اتان free basics نالي بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو، ائين ڪرڻ سان اُها ڊائونلوڊ ٿي ويندي ۽ پوءِ انسٽال ڪريو يا وري پنهنجي موبائل ۾ ڪنهن به انٽرنيٽ برائوزر ۾ freebasics.com ويبسائٽ کوليو.
سنڌسلامت ڪتاب گھر ايپليڪيشن ۾ شامل ڪرڻ:
فري بيسڪ ايپليڪيشن ۾ Add More Servicess جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو، ان کان پوءِ موبائل اسڪرين ۾ نظر ايندڙ ڳولها واري خاني (search Box) ۾ انگريزيءَ ۾ sindhsalamat لکو، ائين ڪرڻ سان سنڌسلامت ڪتاب گھر کي ايپليڪيشن ۾ شامل ڪرڻ جو آپشن اچي ويندو (جيئن تصوير ۾ ڏيکاريل آهي)، پوءِ ان جي کاٻي پاسي + (واڌُو) جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪندي ڪتاب گھر کي توهانجي موبائل ايپ ۾ شامل ڪريو ۽ مفت ۾ سنڌي ٻوليءَ جا سوين ڪتاب آنلائن پڙهو.
 سنڌسلامت سَٿَ سنڌي ٻوليءَ لاءِ پنهنجيون خدمتون ڏئي رهيو آهي، جن ۾ رشيد سمون، محمدسليمان وساڻ، ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري، سجاد علي چنا، علي ظفر بلوچ، عامر ضياء چارڻ ۽ آئون (عبيد ٿهيم) شامل آهيون، جڏهن ته سنڌسلامت ڪتاب گھر کي انٽرنيٽ ڊاٽ آرگ ۽ فري بيسڪ ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ سنڌسلامت ڪتاب گھر جي لائبررين گل حسن لاکو اڄ کان 15 ڏينهن اڳ ڪوششون ورتيون هيون ۽ آخر ڪار ڪاميابي حاصل ڪئي.
http://awamiawaz.com/141597/
 روزاني عوامي آواز ۾ ڇپيل عبيد ٿهيم جو مضمون..
Image may contain: text
No automatic alt text available.

No automatic alt text available.

0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع