Thursday 31 May 2018

ڏاند، ماڪوڙو (فيسبڪي دانشور ۽ اديب) ۽ آئون

مون ماڪوڙي جي وڏي هاڪ ٻڌي هئي. هر ڪو پيو چوي ماڪوڙو وڏو اڪابر آهي، وڏو داناءُ آهي تنهن سان گڏ هو هڪ سٺو فيسبڪي دانشور به آهي. ماڻهن مونکي چيو ته تون مسٽر ماڪوڙي جون فيسبڪ تي دانشوري واريون پوسٽون پڙهندو ڪر توکي ماڪوڙي جي دانائي جو اندازو ٿي ويندو.
خير سو مون به گهر وڃي ماڪوڙي کي فيسبڪ تي ڳولڻ شروع ڪيو. گھڻو وقت ڪونه لڳو جلدي لڀي ويو ڇو جو آخر ڪار ماڪوڙو مشهور به هيو. جنهن هاڪ ملڪان ملڪ مشهور هئي. ماڪوڙي جا فيسبڪي دوستن جو تعداد مڪمل ٿي چڪو هو، سو بدقسمتي سان مان ماڪوڙي کي پنهنجو فيسبڪي دوست ڪونه ڪري سگھيس پر ان جو پوئلڳ ٿي پيس.
ماڪوڙي جو پوئلڳ ٿيڻ کان پوءِ ماڪوڙي جون دانشوري واريون پوسٽون منهنجي نيوز فيڊ تي ظاهر ٿينديون هيون. مان ڪوشش ڪندو هيس ته ماڪوڙي جون پوسٽون پڙهان، سو مان انهن کي دلچسپي سان پڙهندو هيس ڏاڍيوون وڻنديون هيون.
ماڪوڙي جو پوئلڳ ٿيڻ کان پوءِ ماڪوڙي جون دانشوري واريون پوسٽون منهنجي نيوز فيڊ تي ظاهر ٿينديون هيون. مان ڪوشش ڪندو هيس ته ماڪوڙي جون پوسٽون پڙهان، سو مان انهن کي دلچسپي سان پڙهندو هيس ڏاڍيوون وڻنديون هيون. دانشور ته پنهنجي جڳهه تي واهه جو آهي. مسٽر ماڪوڙي جي تعريف ڪرڻ گھرجي اهيو اسان تي فرض ٿو ٿئي. اگر ان نه ڪبي ته اها ان جي دانشوري سان زيادتي آهي.
مڃيوسين ته مسٽر ماڪوڙو دانشور آهي، پر هو دانشور کان وڌيڪ سرڪاري ليکڪ آهي. اها ڳالهه ڪنهن ٻئي کي نه ٻڌائجو. اها راز ته مونکي ماڪوڙي جي ويجھي دوست ڏاند ٻڌايو. ڏاند وڌيڪ ٻڌايو چيو ته پنهنجو ڪن ويجھو ڪر ته وڌيڪ ڳالهيون ڪيون، ويجهو ٿي ته ڪو ٻڌي نه وٺي. مان ڏاند جي ويجھو ويس. ڏاند چيو ته يار جيڪو ماڪوڙن وارو منسٽر آهي. ان پنهنجن ويجھن چمچن کي مال کارائي سرڪاري ليڪک بڻائي ڇڏيو آهي.
مونکي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي...
پڇيومانس ائين وري ڇو، چيائين چريا اليڪشن جو ويجھي آهي ان ڪري، وري به ته منسٽر ٿيڻو آهي ووٽ وٺڻا آهن. مونکي ڏاند جي ڳالهه تي حيرت ٿي. سوچڻ لڳم ته ڏاند کي ايترو عقل ڪٿان آيو.
ڏاند پنهنجي گفتگو جاري ڪندي چيو ته ڏسين ڪونه ٿو. فيسبڪ تي اڳ جيڪي دانشور ۽ اديب هئا اهي سڀ سرڪاري ليکڪ بڻجي ويا آهن...

ڏاند هليو ويو ۽ مان سوچيندو رهيس........

0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع