Sunday 5 March 2017

ديوان ننديرام سيوهاڻي

          ديوان صاحب سيوهڻ جي عاملن مان هو. سندس ولادت اوڻيهين صديءَ جي شروعات ۾ ٿي هئي. انهيءَ زماني ۾ ٻارن کي مڪتبن ۾ فارسي ۽ عربيءَ جي تعليم ملندي هئي، تنهنڪري ديوان صاحب به ننڍيءَ عمر ۾ فارسي سکيو، ۽ ان زبان جي نثر توڙي نظم ۾ چڱي مهارت حاصل ڪيائين.
تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ، پنهنجي گذر معاش لاءِ هن سيوهڻ ۾ پنهنجو اسڪول کوليو. ليڪن ايترو اُپراسو ڪونه ٿيس جو گذر ٿي سگهي، تنهن ڪري تنگدست گذاريندو هو.
علمي خدمتون:
ديوان صاحب جي قابليت انهيءَ مان ئي پڌري آهي ته مسٽر ايلس، اسسٽنٽ ڪمشنر جي ڌنل اشتهار تي، ڪيترن ئي ليکڪن (هندن توڙي مسلمانن) ”تاريخ معصوميءَ“ جو سنڌي ترجمو موڪليو، جنهن تي حڪومت طرفان هڪ سئو روپيا انعام رکيل هو، فيصلي ڪندڙ ڪميٽيءَ تي مسٽر ايلس، ميجر ڊانٽر ويل، ڪئپٽن ايڊورڊ آرهر، ڪئپٽن بگياردن ۽ ڪئپٽن اسٽئڪ هئا. اهي سڀئي صاحب، پارسي توڙي سنڌيءَ ۾ ماهر هئا. متفق طور ديوان صاحب جو ترجمو پسند ڪيو، ۽ کيس هڪ سئو جي عيوض ٻه سئو رپيا  انعام طور ڏنا، ۽ تعليم کاتي جي ترجمان جي معزز عهدي تي پڻ مقرر ڪيائون.
ديوان ننديرام انگريزي حڪومت طرفان سنڌي صورتخطيءَ لاءِ مقرر ڪيل ڪاميٽيءَ جو سرگرم ميمبر هو. ديوان صاحب ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن مان ڪي هي آهن :
بابنامو
سيکائتو نروار
ليکي جو ڪتاب، ڀاڱو پهريون
ليکي جو ڪتاب، ڀاڱو ٻيو
جبرو مقابلو
ڌرتي نروار، جلد پهريون
ڌرتي نروار، جلد ٻيو
سنساري نروار
چٽ جي پاڙ
ايسپ جون آکاڻيون
پيمائشي ڪتاب

تاريخ سنڌ

0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع