Sunday 20 November 2016

عشق ناهي راند

~~~~~~~~~~~~عشق ناهي راند (عبدالڪريم شر)~~~~~~~~~~~~
------------------------------------------------------
محبت سواءِ زندگي ڪهڙي، پيار زباني چوڻ سولو ڪم آهي پر ان کي نڀائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. پيار بغير زندگي اڌوري آهي. پيار ته بره جي برسات جيان آهي. پيار زندگي آهي ته موت به، پيار ڪنڊن جي سيج آهي ته ، گلن جو هار به. پيار ۾ ڏک به آهي ته سک به، پيار ڌرتي سان به آهي ته ان جي ماڻهن سان به. پيار ۽ سونهن ڪائنات جي هر شئي ۾ موجود آهي بس رڳو ڏسڻ واري اک کليل هجي.
سارو سنسار آ سونهن ۽ سونهن
اک کليل ڪي ضمير جي آهي.
دنيا ۾ ڪيتريون ئي بيماريون آهن. جيئن ٽي بي، سائي، زڪام، بخار ۽ ماتا وغيره. پر انهن سڀني بيمارين کان خطرناڪ بيماري آهي حضرت عشق جي شل ڪنهن دشمن کي به نه لڳي. جيڪڏهن اها بيماري لڳي ته پوءِ ماري يا کاري. (عشق نانگ نپٽ، خبر کاڌن کي.) هڪ رستو لازمي نڪرندو جي کريو ته ويچارو وتندو گهٽين ۾ پنا ميڙيندو يا ابتي سبتي شاعري ڪندو. محبوب کي ڪڏهن چنڊ سان تشبيھ، ڪڏهن سج سان ۽ وتندو عجيب نموني جي شاعري ڪندو.
ڪنهنجي سهاري هت هلان پيو
زندگي ڪجھ ڳاري ڪجھ گذاريان پيو.
محبت ايڪيهين صدي ۾ پيو ڳولين
صفا ڪو بيوقوف آهين
روز واٽن تي نهاري ڪجھ تڪيان پيو
تنهنجي ئي آجيان لاءِ نير وهايان پيو.
هڪ دفعي محبوب جي ياد ستائي ويتر پريشان ڪري ڇڏيو ته قلم کڻي بيوفا محبوب کي ڪائنات جي شين سان ڀيٽڻ شروع ڪيم. وري سوچيم ڇو نه محبوب جي ديس وڃي ساڻس ملان. ڏس پتو وٺي نڪري پيم ۽ دل ۾ سوچيم ته انڌن وڃي ملتان لڌو مان ته سڄو سارو آهيان. ويتر محبوب ڏانهن پيو وڃيان. ٻن اکين جي جاءِ تي چار اکيون ٿي وڃن. عشق جو دماغ ۾ اهڙو ته ڀوت ويٺل هو رستي ۾ ڪٿي ساهي به نه پٽي. ڌڪا ٿاٻا کائي وڃي محبوب جي در پهتم. جتان خبر پئي ته ڪالھ هتان لڏي وڃي ٻئي هنڌ شفٽ ٿيا آهن. اهڙو ڏک ٿيو جو منهن جو پنو ئي لهي ويو. عشق جي بيماري وڃي وڌندي ۽ دماغ ۾ عجيب قسم جا خيال اچڻ شروع ٿيا ڪڏهن چوان ڏس عشق جو انصاف مذهب ڪيائين سڀ معاف کٽين جي هارائين هنڌ تنهنجو هي. اسان جي عبادت پرين جو درشن آهي. واڪا ڪرڻ مون وس. ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو. پر اسان وارن ٻروچن هڪ نه ٻڌي. نه ٻڌڻ جو سبب پڇا ڪيم ته پتو پيو ته ابا هرڪو اڄ نواب آهي. هر ڪو پنهنجو فيصلو پاڻ ٿو ڪري. ڀلا عاشق مزاج ماڻهو ڪهڙو فيصلو ڪندو. قهر جهڙي شاعري. عجيب قسم جا قافيا ملائيندو. جيئن تارا. مارا ،کارا، چارا وغيره وغيره.....

0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع