Monday 12 December 2016

سنڌ روزگار ۾ آنلائين درخواست ڪيئن اماڻجي..؟

~~~~ سنڌ روزگار ۾ آنلائين درخواست ڪيئن اماڻجي..؟ ~~~
----------------------------------------------------

         سائين منهنجا هر پاسي وٺ وٺان هئي. ان ڳالهه جو هر طرف هُل هيو ته نوڪرين تان پابندي ختم ڪئي وئي آهي ۽ اخبارن ۾ ڌڙاڌڙ اشتهار اچڻ شروع ٿي ويا. يعني هاڻي نوڪريون سرعام ورهايون وينديون (ميرٽ تي ڏنيون وينديون) ان عمل نوڪرين تان پابندي هٽائڻ کان پوءِ وري هڪ ٻيو اعلان ٿيو ته هاڻي نوڪرين جي ورهاست شفاف نموني ڪئي ويندي. سنڌ سرڪار طرفان سنڌ جي بيروزگار ماڻهن کي روزگار ڏيڻ لاءِ هڪ ويبسائيٽ ”سنڌ روزگار“ جي نالي سان پليٽ فارم مهيا ڪيو آهي. سنڌ سرڪار طرفان اهيا هدايت جاري ڪئي آهي ته نوڪري جا خواهشمند نوجوان ان ويبسائيٽ تي پنهنجو کاتو ٺاهين ۽ پنهنجي تعليم ۽ قابليت مطابق آنلائين درخواست اُماڻين.
       منهنجا سڄڻو! هتي هڪ مونجھارو آهي. اهو هي ته جڏهن Apply Now جي بٽڻ کي دٻائجي ٿو ته هڪ فارم کلي ٿو اچي جنهن ۾ پي آرڊر نمبر گھربل آهي. هاڻي اِتي هر ڪو اچي اٽڪي ٿو ته پي آرڊر نمبر ڪهڙو ڏجي، جڏهن ته نوڪري جي ڏنل اشتهار ۾ ڪو به پي آرڊر گھربل ناهي. ان مسئلي جو حل هي آهي ته توهان پي آرڊر نمبر جي جاءِ تي 0000 (ٻڙي) لکو ۽ Ok جو بٽڻ دٻايو ته جيئن توهان جي درخواست ان گهربل شعبي تائين پهچي. ڇاڪاڻ ته اصل مقصد آهي درخواست اماڻڻ. جڏهن ته اشتهار پي آرڊر گهربل ناهي، تنهنڪري توهان ان طريقي سان سنڌ روزگار ۾ پنهنجي درخواست آنلائين اُماڻي سگھو ٿو.

0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع