Sunday 30 April 2017

ماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج انجينئرنگ


سنڌي ٻوليءَ جي انجينيئرنگ يا ڪمپيوٽنگ جي لاءِ آزاد ۽ خودمختيار اداري جي گهر اسان شروع کان ڪندا آيا آھيون، جنھن ۾ سوشل ميڊيائي دوستن پڻ اسان جو سڏ ورنائي آواز ۾ آواز ملائي اسان جي مطالبي کي سگهارو ڪيو آھي. تہ جيئن وس ۽ وسيلن سان سنڌي ٻوليءَ جي ڊجيٽائيزيشن ۽ مستقبل جي گهرجن پٽاندر ڪم ڪري سگهجن ۽ گهربل رٿائون جوڙي ڪي جوڳا قدم کڻي سگهجن، ڇاڪاڻ تہ سنڌي ٻوليءَ جي ڊجيٽائيزيشن جو ڪم افرادي بنيادن تي نہ پر ادارتي بنيادن تي ڪرڻ وارو ڪم آھي، ھيستائين ادارن کان وڌيڪ فردن ڪم ڪيا آھن گذريل ٻن اڍائي سالن کان ”سنڌي لئنگئيج اٿارٽي“ البت تحرڪ ۾ آئي آھي، جنھن ان ٿوري عرصي ۾ ڊڪشنريون، سنڌي سکيا پورٽل ۽ سڀ کان وڏو ڪم سنڌي ٻوليءَ جي او سي آر جاري ڪئي آھي جيڪو ھڪ تاريخي ڪم آھن.
ھوڏانھن سنڌ سرڪار جو ثقافت کاتي پڻ سيد سردار شاھ جي سرواڻيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي خودمختار اداري ” ماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج انجينئرنگ“ ٺاھڻ لاءِ سندرو ٻڌو آھي. جنھن سان سنڌي ٻوليءَ جي سرڪاري سطح تي مالڪيءَ واري احساس دل کي آٿت ۽ روح کي راحت ڏني آھي. سرڪار جي اھڙي سجاڳيءَ تي سيد سردار شاھ ۽ سندس ٽيم جي جيتري واکاڻ ڪجي سا گهٽ آھي. ھيءُ اسان سنڌين لاءِ بيحد وڏي خوشخبري آھي. ڇاڪاڻ تہ ٻولي زندہ معنىٰ قوم زندہ ھي ادارو جوڙي سائين سردار شاھ پنھنجو ۽ پنھنجي قوم جو قنڌ فخر سان اوچو ڪري ڇڏيو آھي. جنھن تي اسان سندس ٽيم جا بيحد ٿورائتا آھيون.
بيشڪ ھي ادارو سنڌ جو ھڪ ماڊل ادارو ھوندو جيڪو، ڪاڳر ڪاريءَ کان پاڪ 24/7 ڪم ڪندو، مڪمل تحقيقي ۽ تخليقي ادارو.
لو يو: سيد مراد علي شاھ، سيد سردار شاھ، اڪبر لغاري ۽ سمورا گهڻگهرا دوست جن ھن جاکوڙ ۾ اسان جي آواز سان پنھنجو آواز ملايو.
اسان مانواري ڀيڻ مھتاب اڪبر راشدي، ڀيڻ فھميدہ حسين، تاج جوئي، سليم ميمڻ، ڊاڪٽر الطاف شيخ سميت سڀني سڄڻن جا پڻ بيحد ٿورائتا آھيون.
”ماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج انجينئرنگ“ جي عمارت سازيءَ جو ڪم جاري آھي. ھن اداري جي قيام ۾ جيڪي ڪوششون ٿيون يا وِکون کنيون ويون سي ھن طرح آھن:
پھرين عملي وِک: ھي نومبر سال 2014ع جي ڳالھ آھي جڏھن ڀيڻ فھميدہ حسين (چيئر پرسن سنڌي لئنگئيج اٿارٽي) ۽ اداري جي سيڪريٽري تاج جوئي گڏجي نيوپورٽس يونيورسٽيءَ جي آءِ ٽي شعبي جي انچارج ’امر فياض ٻرڙي‘ کي اٿارٽي جي ڪمپيوٽنگ شعبي جي نگراني آڇي، جنھن پنھنجي والد صاحب (چاچا حمزہ عليءَ) جن جي خاص ھدايت تحت غير سرڪاري خودمختيار اداري وارو وڌيڪ پگهار ۽ مراعتن واري عھدو ڇڏي گهٽ پگهار ۽ مراعتن واري سيٽ پنھنجي ماءُ ٻوليءَ جي خدمت واري جذبي سان اچي سنڀالي.
ان ۾ ڪو شڪ ڪونھي تہ ڪي فرد پنھنجو پاڻ ۾ ادارا ھوندا آھن ۽ سندن جاکوڙ جو انداز دنيا کان نرالو ٿيندو آھي، بلڪل ائين ئي ’فياض ٻرڙي‘ جي اچڻ سان اٿارٽيءَ جي ڪٻٽن ۾ بند علم ھرڪنھن جي پھچ ۾ اچڻ شروع ٿي ويو ڊڪشنريون سنڌي سکيا جا پورٽل ۽ ڪيتريون ئي رٿائون ھڪ ئي وقت شروع ٿي ويون ۽ چند مھينن ۾ اداري تمام ڪارائتيون ائپس جاري ڪري ورتيون. ھر سال سنڌي لئنگئيج اٿارٽي 21 فيبروريءَ جو ڏھاڙو دنيا سان گڏجي مادري ٻولين طور ملھائيندي آھي، سو ھن سال (2015) 21 فيبروري کي پڻ مادري ٻولين جي ڏھاڙي طور ملھايو وي، تقريب اين اي بلوچ ھال ۾ ٿي، جنھن ۾ اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن (ڀيڻ فھميدہ حسين) ”ماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف سنڌي ڪمپيوٽنگ“ جي قيام، يونيڪوڊ ڪنسورشيم، مائڪروسافٽ ۽ گوگل جھڙن ادارن سان مستقل مميبرشپ جا اعلان ڪيا. ھن تقريب ۾ سائين ماجد ڀرڳڙي خاص مھمان طور شريڪ ٿيو ھو. ظاھر آھي تہ آن لائن سنڌي سکيا ۽ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جھڙا ڪم ڪندڙ چيئرپرسن اھي سکڻا اعلان تہ نہ ڪيا ھوندا نہ، پر انھن کي پنھنجي ذميواري سمجهي ھٿ ۾ کنيو ھوندو ۽ انھن کي عملي جامي پھرائڻ لاءِ وٽس ڪا نہ ڪا حڪمت عملي بہ ضرور ھوندي. پر کيس 10 مارچ 2015ع تي ان عھدي تان ھٽايو ويو، جنھن ڪري اھي اعلان فقط اعلان ئي رھجي ويا، ڇاڪاڻ تہ اسان وٽ فردن جي وڃڻ سان سندن شروع ڪيل ڪم پڻ بند ٿي وڃڻ جو رواج عام آھي، مطلب تہ ادارن جي وڏين ڪرسين تي ايندڙ فرد سابقہ فردن جون جاري ڪيل رٿائون مڪمل تمام گهٽ ڪندا آھن ۽ اھو ئي ٿيو جنھن سان ھي باب اتي ئي بند ٿي ويو.
ٻين عملي وِک: سنڌ جي تعليمي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ وڏو نالو رکندڙ اداري سگا (سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن) سنڌ جي گاديءَ واري شھر ڪراچيءَ ۾ 29 کان 31 جنوري سال 2016ع ۾ ”سنڌي ٻولي عالمي ڪانفرنس“ جي نالي سان ٽي روزھ ڪانفرنس ڪوٺائي جنھن ۾ سنڌي ٻوليءَ سان لاڳاپيل مختلف سيشن رکيا ويا جن کي تڏھوڪي تعليم جي وزير نثار کھڙي صاحب، ثقافت کاتي جي وزير شرميلا فاروقي صاحبہ ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي کاٻي ڌر جي ليڊر مھتاب اڪبر راشدي صاحبہ چيئر ڪيو. ڪانفرنس جي ٻئي ڏينھن سڀ کان آخري سيشن ”سنڌي ٻولي ۽ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي“ رکيو ويو، جنھن جي ماڊريٽر وحيدہ مھيسر ۽ مھمانن ۾ ڊاڪٽر اسلم پرويز، ڊاڪٽر جمال چارڻ، امر فياض ٻرڙو ۽ آئون شامل ھئاسين. سڄي ڏينھن جا ٿڪل حاضرين ھن سيشن ۾ جهٽڪو کائي جاڳيا پر مک مھمان ڀيڻ مھتاب اڪبر راشدي، ڀيڻ فھميدہ حسين، اياز گل، ادل سومرو، تاج جويو، سليم ميمڻ، الطاف شيخ وغيرہ جيڪي سيشن جي شروعات وقت انتھائي ٿڪل محسوس ٿي رھيا ھئا سي ھڪدم توانا ٿي ويا ۽ انتھائي غور سان سڄي سيشن کي ٻڌائون، سيشن جي پڄاڻيءَ تي سڀئي مک مھمان اسان جي انتظار ۾ بھي رھيا گروپ فوٽو لاءِ ڀيڻ مھتاب اڪبر راشديءَ، فياض ۽ مونکي پنھنجي ٻنھين پاسن کان بيھاري چيو تہ سنڌي ٻوليءَ جي مستقبل سان منھنجي تصوير ڪڍو ۽ پوءِ ڀيڻ مھتاب مسلسل رابطي ۾ رھي ۽ پنھنجي وسان سرڪاري سطح تي ڪوششون وٺي سندس آفيس ۾ 3 فيبروري 2016ع تي سنڌ جي 3 وزيرن: سيد مراد علي شاھ تڏھوڪو وزير خزانہ، نثار کھڙو وزير تعليم ۽ ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو وزير صحت ، پروفيسر سليم ميمڻ، ڊاڪٽر سليمان شيخ ۽ سندس موجودگيءَ ۾ ھڪ گڏجاڻي ٿي جنھن ۾ مون ۽ امر فياض ٻرڙي سنڌي ٻوليءَ جي ڊجيٽائيزيشن بابت گڏيل 40 منٽن جي تفصيلي پرزنٽيشن ڏني ۽ جنھن ۾ ٻوليءَ جي مستقبل جي گهرجن ۽ خدشن بابت آگاھي ڏيندي ٻوليءَ جي انجينيئرنگ بابت خودمختيار اداري جي گهر ڪئيسون جنھن تي تفصيلي ڳالهہ ٻولهہ کانپوءِ سڀئي اداري جي قيام تي متفق ٿيا، اڳتي ھلي اسان کان گهربل تفصيل پڻ ورتا ويا تہ جيئن بجيٽ ۾ اداري بابت قانوني گهرجن وغيرہ لاءِ بندوبست ڪري اعلان ڪيو وڃي. سڀني گهربل انتظامن کي ڏسندي بجيٽ ۾ اداري جي قيام جو اعلان متوقع ھو جيڪو نہ ٿي سگهيو ۽ پوءِ بجيٽ تي بحث مباحثي واري تقرير ۾ پڻ ڀيڻ مھتاب اڪبر راشديءَ وس وارن کان اھڙو پڇاڻو پڻ ڪيو ھو، پر ادارو قائم نہ ٿي سگهيو.
ٽين عملي وِک: ثقافت کاتي جون ذميواريون سنڀالڻ کانپوءِ سيد سرادار شاھ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو دؤرو ڪري، اداري جي ڪارڪردگيءَ بابت بريفنگ ورتي جتي کيس ٻوليءَ جي مستقبل بابت امر فياض ٻرڙي پرزنٽيشن ڏني جنھن کيس ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ پاڻ آمادہ ٿيو تہ ٻوليءَ جي مستقبل جي رٿابنديءَ بابت ڪي سنجيدہ قدم کڻجن.
آڪٽوبر سال 2016ع سائين عبد الماجد ڀرڳڙي جي سنڌ اچڻ تي ثقافت کاتي جي وزير سائين سيد سردار شاھ سان ان سلسلي ۾ ھڪ ميٽنگ تاريخ 26 آڪٽوبر 2016ع تي سندس آفيس ۾ ٿي، جنھن ۾ سائين عبد الماجد ڀرڳڙي، امر فياض ٻرڙو ۽ آئون شريڪ ٿياسين، ھن ميٽنگ جي پڄاڻيءَ تي سائين سردار شاھ نہ رڳو اداري جوڙڻ جي حامي ڀري پر سائين ماجد ڀرڳڙي کي مخاطب ٿيندي چيائين تہ ”ٻوليءَ جي سلسلي ۾ ڇا ڪرڻو آھي؟ اھو اوھين ٻڌائيندؤ اسان جو ڪم آھي اوھان ۽ ھنن نوجوانن (امر فياض ۽ مون ڏانھن اشارو ڪندي) کي سھوليتون فراھم ڪرڻ“. ھن ميٽنگ کانپوءِ سائين سردار شاھ ۽ سندس ٽيم اھو ڪري ڏيکاريو جنھن جو سڄيءَ سنڌ کي انتظار ھو.
سنڌ ميوزيم جي بلڪل پويان لڳ ڀڳ 4 ھزار چورس فوٽن تي چار ڪروڙن جي رقم سان جڙندڙ 2 ماڙ عمارت جو، ڊسمبر 2016ع ۾ ٽينڊر ڪرايو ويو. جنھن جو ڪم ھن مھيني (اپريل 2017ع) کان شروع ٿي چڪو آھي. اميد ٿي ڪجي تہ ھي ادارو پنھنجي شاندار عمارت سان ٻوليءَ سان عشق رکندڙ انتھائي ذھين نوجوان ڊولپرس جي سٿ سان پنھنجو ڪم شروع ڪندو ۽ اسان سڀني جي ھن جاکوڙ کي سنڌي ٻوليءَ جي مستقبل جي درست سيڙپڪاري ثابت ڪري ڏيکاريندو. 
سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاھر رھندڙ سڀني سڄڻن کي پنھنجي ٻوليءَ جي خودمختيار اداري جون واڌايون. 
”سنڌي ٻولي، منھنجي ٻولي“
شبيرڪنڀار جي فيسبڪ وال تان:

0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع