ايوارڊ

ايوارڊ
 قربان علي شر
ننڊ مان اکيون مهٽي جاڳيم ته ڏسان مولو سهڪندو ٿو اچي اخبار هٿ ۾ هيس مون سان گڏ اچي کٽ تي ويٺو، چيائين ماسات خبر اٿئي هيءَ ڪلھ واري اخبار ڇو کڻي آيو آهيان تو وٽ؟
“ماسات پڪ سان ان اخبار ۾ نوڪرين جو اشتهار هوندو“
“نه ماسات اشتهار هوندو ته ڪهڙو پاڻ کي نوڪري ملندي“
اکيون مهٽيندي مولو کي چيم باقي ڇا اٿس ٻڌاءِ کڻي، مولو خوش ٿيندي چيو  “ياري ملهايو، انعام ورهايو“ اداري طرفان ڪجھ سنگتين ساٿين کي پرائو مواد گڏ ڪري ڪتاب ڇپائڻ تي ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.
مولو چيو ماسات مون وٽ سڄي سال جون اخبارون پيون آهن ۽ مان هيئنر ئي هڪ ڍڳي کپائي اخبار وارين خبرن کي ڪتابي شڪل ٿو ڏياريان.
“ڇو دماغ خراب ٿيو اٿئي مولو اهڙيون ڳالهيون ڪري ڇو ٿو پاڻ تي ماڻهو کلائين“
 “واه! ماسات يار تون به ايئن ٿو چوين، اداري ۾ منهنجي چڱي ڀلي ڄاڻ سڃاڻ آهي تون ڏسجان ويهي ايندڙ سال منهنجو نالو به ايوارڊ لاءِ ضرور ايندو“
 ايئن چئي مولو اٿيو، ولو واپاري کي پنجويھ هزارن ۾ ڍڳي ڏنائين، پئسا ۽ سڄي سال جون اخبارون کڻي وڃي هڪ پبلشر وٽ پهتو پنجاه هزارن ۾ ڪتاب جون پنج سئو ڪاپيون ڇاپڻ جو سودو طئي ٿي ويو، مولو اڌ پئسا ان وقت ۽ اڌ پئسا ڇهن مهينن جي اوڌر تي ڏيڻ لاء راضي ٿيو.
پبلشر کي چيائين “ ڪتاب تي مرتب مولا بخش عرف مولو موڳو لازمي لکجان“
 سال کان پوء اشتهار آيو، مولو به پنهنجو ڪتاب وڃي “ياري ملهايو، انعام ورهايو“ اداري ۾ جمع ڪرايو پندرهن ڏينهن کان پوء ساڳي اخبار ۾ خبر آئي ته اداري طرفان سڀ کان سٺو ڪتاب سهيڙڻ تي ليکڪ مولا بخش عرف مولو موڳي کي هڪ عدد ايوارڊ ، اڌ درجن سرٽيفڪيٽ ۽ ٻه لک روڪ ايندڙ مهيني جي ارڙهين تاريخ تي دبئي جي هوٽل ۾ ڏيڻ جو اعلان ڪجي ٿو.

0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع