محمود مغل جو تعارف

محمود مغل
محمود مغل سنڌي ٻوليء جو ناميارو ڪالم نگار آهي. محمود الحسن مغل 27 نومبر 1941ع تي سيوهڻ شريف ۾ ميان نور محمد مغل جي گهر جنم ورتو. شروعاتي تعليم حيدرآباد مان ۽ ايم بي بي ايس 1988ع ۾ ايل ايم سي مان پاس ڪيائون. 1982ع کان سنڌ يونيورسٽيء جي فارميسي شعبي ۾ پڙهائي رهيا آهن ۽ هن وقت فزيڪل ايجوڪيشن جي ڊائريڪٽر طور پڻ پنهنجا فرض نڀائي رهيا آهن. هو هڪ ئي وقت ڪيترين ئي خوبين جو مالڪ آهي، هو هڪ شفيق استاد بہ آهي تہ بهترين ڪالم نگار پڻ. محمود مغل ڊراما نگار بہ آهي تہ حساس ڪهاڻيڪار بہ آهي. هو ريڊيو جو بهترين ڪمپيئر بہ آهي تہ مڃيل اسٽيج ڪمپيئر پڻ آهي. 1975ع ۾ هن پهرين ڪهاڻي لکي، 1982ع ۾ نصير مرزا کين ريڊيو پاڪستان تي متعارف ڪرايو، 1989ع ۾ ٽي وي تي پهريون پروگرام ڪيائون. 1982ع ۾ ٽي وي لاء پهريون ڊرامو آئيڊيل لکيائون. هن وقت تائين ٽي ويءَ لاء سنڌيءَ ۾ 21 سيريلز سان گڏ 37 سولو ڊراما ۽ ان سان گڏ 27 اردو سيريلز ۽ ڊراما پڻ لکيا اٿس. سندس ڪاوش ۾ لکيل ڪالمن جو مجموعو خواب نگر ڇپيو بہ آهي تہ ساڳي وقت سنڌ سلامت تي بہ موجود آهي. محمود مغل کي سندس ادبي ۽ فني خدمتن عيوض پي ٽي وي پاران 7 مڃتا ايوارڊ جڏهن تہ 2013ع ۾ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ طرفان سنڌ ايڪسيلنس ايوارڊ ڏنو ويو. ڊاڪٽر محمود مغل ٽي وي ۽ ريدِيو تي ڪيترن ئي پروگرامن جي ڪمپيئرنگ سان گڏ مسلسل لکندو رهيو آهي.

0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع