Saturday 27 May 2017

ڌيان طلب (شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور)


ڌيان طلب.
ڊاڪٽر پروين شاه صاحبه، وائيس چانسلر شاه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور
محترم سائين اسد رضا عابدي صاحب، رجسٽرار شاه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور
توهان کي ذهن نشين ڪرائجي ٿو ته جنوري 2017ع ۾ يونيورسٽي جي مختلف شعبن ۾  خالي پيل جايون ڀرڻ لاء پاڪستان ٽيسٽنگ سروس پاران يونيورسٽي اندر لکت ۾ امتحان ورتو ويو جنهن جا نتيجا اچڻ کان پوءِ توهان انهن نتيجن کي رد قرار ڏئي ٻيهر ڪنهن ساک واري اداري کان لکت وارو امتحان منعقد ڪرائڻ جو اعلان ڪيو پر چار مهينا گذرڻ جي باوجود ڪا چرپر نظر ڪونه ٿي اچي. ان وقت يونيورسٽي انتظاميا قسم کڻي اميدوارن کي يقين ڏياريو هو ته نتيجن ۾ ڪا ڦيرڦار نه ٿيندي ۽ ڀرتيون ميرٽ تي ڪيون وينديون . توهان کي گذارش ڪجي ٿي ته ساک واري اداري کان لکت وارو امتحان منعقد ڪرائي اهل ماڻهو ڀرتي ڪري هن مادر علمي جي ساک کي برقرار رکيو وڃي.
(قربان علي)

0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع