سو مون سڀ ڄمار، اورڻ اهو ئي ٿيو


سو مون سڀ ڄمار، اورڻ اهو ئي ٿيو
الاءِ ڪيترا لمحا ماٺ ۾ گذريا آهن. گهڙيال جي ٽِڪ ٽِڪ سماعتن کي عجيب احساس ڏياري ٿي. وَيلَ ويلُن جي سفر ۾، ڇا اسان سدائين ”ڏکائيندڙن“ کي ساريو آهي يا ڪي خوش بختَ، خوش نصيبَ به پلئه پيا آهن، جن جو تذڪرو ڪري روح کي راضي ڪيو هُجي. سدائين انهن جي ڳالهه ڇو ٿي زبان تي اچي، جيڪي روَئين، سُلوڪن، رواجن، قانون جي پوئيواريءَ ۽ عملن جي ”منفي“ ٿا هُجن. ڇا شعوري طور تي اها احسانمنديءَ بابت سٽَ نٿي لکي سگهجي، جيڪا لطيف سرڪار سوين سال پهرين اُڪري ويا:
حبيبن هيڪار، منجهان مهرَ سڏُ ڪيو
سو مون سڀ ڄمار، اورڻ اهو ئي ٿيو.اڄ شعوري طور تي ڪوشش ٿا ڪيون، ڪُجهه اهڙن وجودن جي شڪريه ادائيءَ جي، جن جيئڻ سيکاريو آهي. انهن جا نالا عرض نه ٿا ڪري سگهجن، پر سندن مثالَ، روح جي تازگيءَ لاءِ ڪمال آهن، جن جي لاءِ جيتريون به مهربانيون مڃجن گهٽ آهن.
ادي سانئڻ، ڊاڪٽر آهي، مريضن سان محبت جي ڏور ۾ ٻڌل آهي...سندس والده محترمه عُمر جي وڏي ٿي ۽ آهستي آهستي بستري ڀيڙي ٿي وئي. حالت اها ٿي جو جسم نٻل ٿي ويو. سيني ۾ وڌيل بلغم، حد کان وڌڻ لڳو ۽ مٿان وري جسم ۾ طاقت نه هُئڻ جي ڪري اهو بلغم، امان سانئڻ ٻاهر نه پئي ڪڍي سگهي، سَڪشن مشينن جي سٽَ جسم سهي نه سگهي ها، اسان جي اديءَ، پاڻ پنهنجو وات امڙ سانئڻ جي وات سان ملائي، اهو بلغم چوسڻ شروع ڪيو ۽ لاڳيتو ڇڪي ٻاهر ڪڍندي آئي. هُوءَ وات ۾ گڏ ڪري، ٻاهر ٿُڪي ڇڏيندي هُئي. امان کي ٻيون انيڪ تڪليفون به ٿيون، پر سندس سيني کي مونجهه جي تڪليف اسان جي مٺڙي اديءَ ٿيڻ نه ڏني.
مُنهنجو دوست ننڍڙي عُمر کان دنيا جي خفن ۾ پيل آهي. هڪ ننڍڙي ڪئبن کان زندگيءَ جي جاکوڙ شروع ڪندي، اڄ هُو هڪ سدا بهار ڪاروبار جو مالڪ آهي. هن پاڻ اسڪول جو مُنهن نه ڏٺو، ٻين سڀني ڀائرن ڀينرن کي اعليٰ تعليم ڏياريائين. هڪ ڀاءُ، سعودي عرب ۾ ٻارنهن سال رهيو ۽ مالي حوالي سان مدد ڪندي هُن به جهيڻي خاندان کي سگهه ڏياري. هاڻي امڙ سانئڻ 95 سالن جي آهي جنهن جي هر خدمت مُنهنجو وڏو دوست پاڻ ڪندو آهي. سندس گهر واري، حاجت ۾ امان جي مدد ڪندي آهي. تڙ ڪرائيندي آهي، دوست، پاڻ کيس پائوڊر لائيندو آهي، تيل سان هٿن پيرن، ٻانهن جي مالش ڪندو آهي، پشمَ جهڙن وارن ۾ جُئن، ليِکُن کان بچاءَ جي چڪر ۾ پاڻ ڦڻي ڏيندو آهي ۽ هٿن سان ڀور ڪري نرم نرم، ٿورو ٿورو ڪري کيس کارائيندو آهي. تازو ننڍو ڀاءُ، وطن چڪر تي آيو ته رات جو ڪُمهلو اڃ لڳس، لائونج ۾ پاڻي پيئڻ آيو ته ڏٺائين وڏو ڀاءُ، فرش تي پوچو پيو هڻي، پڇيائين، ”ڇا ٿيو؟“ وراڻيائين، ”خطا ٿيل آلاڻ“ هُئي، سا ڌوتم ۽ هاڻي اگهيم پئي...“ ننڍو ڀاءُ ته دنگ رهجي ويو. هڪدم چيائين، ”نوڪر ڪونهن....نرس ڪونهي...!“ وڏي جي خمار جا نشا ئي ٻيا هُئا. کلندي چيائين، ”ياد ڪر، جڏهن تون مان اهو ائين ڪندا هُئاسين ته ڪي نرسون هونديون هيون ڇا؟ هوءَ ئي نوڪرياڻي هُئي، هُوءَ ئي نرس...پوءِ هاڻي اسان اهو سڀ ائين نه ٿا ڪري سگهون ڇا؟“ ننڍڙي ڀاءُ چيو، ”ادا محمود، اسين ڀلي پار مان ٿي ٿا اچون...هي پنهنجو ڀلو نگرَ هتي آباد ڪيو ويٺو آهي.“
ائين ئي آهي. اهي ئي آهن، جيڪي ڏيئا ڏيئا لاٽ آهن، جيڪي جرڪن ٿا ته زندگيءَ جي شاهراهه چٽي نظر اچي ٿي ۽ سفر سولو ٿئي ٿو ۽ پڪَ ڄاڻو اهي ئي آهن، جن جي ڪري اسان جهڙا، معتبر بڻجن ٿا نه ته، هونئن، دڳُ ئي هٿ نه اچي. لطيف سرڪار تي حاضر هُئاسين، چوڏهينءَ جي رات هُئي ۽ شايد ماهه پهريون به هو. سلام ڪرڻ جي ساعت نصيب ٿي ته ڪي چوڏهن ڄڻا هُئاسين. اتان جي هڪ مهربان وجود، سائين ربَ ڏني جي معرفت اهو دربانَ، هاڪاري ٿيو، جنهن وٽ دريءَ جي چاٻي آهي. سڀني جو خيال هو ته ”محمود مغل صاحب آيا آهن. خاص طور تي اها صندلي جنهن تي ڏاڪي جيان چڙهي مٿي دريءَ جو ديدار ۽ سندن قرب کي حاصل ڪجي، نصيب ٿي آهي...دري کلي آهي اهو سڀ مغل صاحب جي ڪري آهي...“
عنايت ٿي...سلام عرض ٿيو. هيٺ لٿس ته سنگت واري واري سان سلام ڪرڻ لڳي. اتي کاٻي طرف کان اڇن ڪپڙن ۾ هڪ همراهه سُڙٻاٽ ڪيم، ”مون کي اتي پُڄاءِ...“ حيران ٿي ڏٺومانس ”ڪٿي؟“ هن کليل دريءَ ڏانهن اشارو ڪيو. ”اتي...“ مون کي سمجهه ۾ نه آيو، اڳ ۾ ئي هڪ هجوم هُئاسين، مٿان وري ڪنهن اوپري ماڻهوءَ جي سفارش...ته اتي هن سخت لهجي ۾ چيو، ”مُنهنجي مدد ڪر، مُنهنجو خواب پورو ڪر...مون کي اُتي وڃڻ جي اجازت وٺي ڏي...تون ڪري سگهين ٿو...جي نه ڪندين ته مان مري ويندس...“ احاطي ۾ وڏو گوڙ هو، پر هڪدم ماٺ ٿي وئي هُئي ۽ سندس جملو فريز ٿي ويو هو. مون گونگي دربان صاحب کي اشارو ڪيو ته هي همراهه به آهي، هن اشاري سان پُڇيو، ”توسان؟“ ڪنڌ کي هاڪار ۾ لوڏيم ته هن اشارو ڪيو ته اڳتي اچي...بجليءَ جيان هو وڃي پهتو ۽ دريءَ تي پهتو ته ڄڻ سندس سيني مان آبشار نڪرڻ لڳو.
مؤٽ تي، مون اهو عرض ڪيو سڀني کي ”اها دري مون لاءِ نه کلي هُئي...اها دري هن لاءِ کُلي هُئي سائين...مان ته رڳو هڪ معرفت هُئس. ها، ان معرفت ۾ مُنهنجو به جهان ٺهي ويو. هڪ خاص ماڻهوءَ لاءِ هنن بظاهر دري کولي هُئي، جنهن کان لڪل هڪ خاص ماڻهو ئي دراصل اتي اچڻو هو، پر عام اڳيان خاص نه هو.“ عنايت ٿئي ته ٿورو غور ڪجو...ان ڊاڪٽر ادڙيءَ ۽ ان سائينءَ جهڙا مهربان ئي، دراصل اهڙيون دريون کولائيندا آهن. اهي ئي مهرَ جي ديدار جا صحيح طالب هوندا آهن، انهن لاءِ ئي اهڙيون دريون کُلنديون آهن. اسان جهڙا ته بس ٻاهران ئي ٻاهران پيا خوش ٿيندا آهن.
                                      محمود مغل



0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع