مان تماشو خود ئي تماشائي

مان تماشو، خودئي تماشائي
        “چپ چپ ڇو ويٺو آهين؟”
        “دل بيحد اُداس آهي.”
        “ڪو شدت سان ياد آيو اٿئي؟”
        “وساري ڪٿي سگھيو آهيانس، جو ياد ڪريانس.”
        “خاموشيءَ جو سبب!”
        “تماشو آهيان، يا تماشائي آهيان. ان مامري تي سوچي رهيو آهيان.”
        “ڪهڙي نتيجي تي پهتو آهين؟”
        “مان تماشو آهيان. پر، جڏهن تماشائين ڏانهن ڏسان ٿو، اتي به مان آهيان.”
        “تون تماشو آهين ۽ خودئي تماشائي آهين؟”
        “شايد.”
        “ڪو شڪ اٿئي!”
        “ها!”
        “ڇا جو؟”
        “پنهنجي هستيءَ جو.”
        “ڪيئن!”
        “مان آهيان به، يا فقط احساس جو دوکو آهيان.”
        “پنهنجي وجود تي شڪ ڪرڻ لڳو آهين ڇا؟”
        “منهنجو وجود عارضي آهي.”
        “ته پوءِ مستقل ڇا آهي!”
        “تون.”
        “مان!”
        “ها، تون، تنهنجي ڪري مان آهيان. تون منهنجي وجود جو سبب آهين. مان تنهنجو آواز آهيان. مان تنهنجي تخليق آهيان.”
        “تون منهنجي تخليق آهين! ڇا پيو چوين؟”
        “تنهنجو ڪم اڻپورو رهجي ويو آهي. مان اڻپورو رهجي ويو آهيان. مان تڪميل جو منتظر آهيان.”
        “بيحد پريشان آهين ڇا؟”
        “پريشان اڳ ڪڏهن نه هوس ڇا؟”
        “اڄ ڪجھ وڌيڪ پيو لڳين.”
        “انڪري جو توکي پنهنجو خالق سڏيو اٿم!”
        “شايد.”
        “مونکي پنهنجي وجود تي شڪ آهي. مان لهندڙ سج ۾ ڪنهن لام جو پاڇو آهيان. پر مونکي تنهنجي وجود تي شڪ نه آهي. تون آهين، تون موجود آهين. منهنجي موجودگي تنهنجي وجود جي شهادت آهي.”
        جڏهن اندر ۾ اُڌما هوندا آهن، تڏهن سوچ جي سطح تي ڪوهيڙو ڇانيل هوندو آهي.”
        “پر تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ ڪوبه ڪوهيڙو نه آهي. تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ ڪوبه پڙدو پيل نه آهي.”
        “تون ٺيڪ ٿو چوين. تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ ڪوبه ڪوهيڙو نه آهي، ڪوبه پڙدو پيل نه آهي. تنهنجي سوچ مون کان مخفي نه آهي.”
        “ڪنهن لمحي لڳيم ٿو، مان رڻ آهيان. ڪنهن لمحي لڳيم ٿو مان رڻ جو راهي آهيان. ڪنهن لمحي لڳيم ٿو مان رڃ آهيان. ڪنهن لمحي لڳيم ٿو مان اُڃ آهيان.  ڪنهن لمحي لڳيم ٿو مان خواب آهيان. ڪنهن لمحي لڳيم ٿو مان حقيقت آهيان. ڪنهن لمحي لڳيم ٿو مان پڙاڏو آهيان. ڪنهن لمحي لڳيم ٿو مان ابتدا آهيان. ڪنهن لمحي لڳيم ٿو مان سڏ آهيان. ڪنهن لمحي لڳيم ٿو مان انتها آهيان. ڪنهن لمحي لڳيم ٿو مان رات جو پهريون پهر آهيان. ڪنهن لمحي لڳيم ٿو مان رات جو پويون پهر آهيان. ڪنهن لمحي پنهنجي وجود تي تنهنجي وجود جو احساس ٿئيم ٿو ۽ ڪنهن لمحي تنهنجي وجود تي پنهنجي وجود جو احساس ٿئيم ٿو.”

        “تون ۽ مان محبت ۽ وڇوڙي جي علامت آهيون. تنهنجي سوچ مون کان مخفي نه آهي.”

0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع