چاهت جي انتها

چاهت جي انتها
چيائين، “مونکي خبر آهي، تون منهنجو ٿي نه سگھندين.”
سندس جملي ۾ سچائي محسوس ڪيم. ڪجھ نه چيم. خاموش رهيم.
هوءَ منهنجي سامهون سائي ويس ۾ بيٺي هُئي. سندس حسن جي هاڪ جيڪا ٻڌي هئم، سا ڏٺم. چاهتن جي جيڪڏهن ورڇ ٿي سگھي ها ته مان پنهنجي چاهت جو جيڪر وڏو حصو کيس ڏيئي ڇڏيان ها، پر چاهتن ۽ وفائن جي ورڇ نه ٿيندي آهي.
“گذريل ويهن پنجويهن ڏينهن ۾ تنهنجي روش مان سمجھي ويئي آهيان ته تون منهنجو ٿي نه سگھندين” چيائين، “تون مون ڏانهن هليو ته آيو آهين پر پنهنجو روح پوئتي ڇڏي آيو آهين.”
پڇيومانس، “توکي ڪيئن خبر پيئي ته مان پنهنجو روح پوئتي ڇڏي آيو آهيان؟”
منهنجي اکين ۾ نهاريائين چيائين، “منهنجي ميخاني ۾ ڪوبه رند هوشمند نه رهندو آهي.”
“اسان جي اکين تي ازل جا کيپ چڙهيل آهن، چري.” چيم، “توکي ڪهڙي خبر، ته هڪ جو ٿي وڃڻ ۽ هڪ لاءِ مرڻ ۾ ڪهڙو نشو ۽ ڪهڙي ڪشش آهي!”
هڪدم پڇيائين، “ڪير آهي هوءَ؟”
“منهنجي مٿي ۾ مٽي ڏسين ٿي؟” چيم، “کائنس موڪلائڻ مهل مون سندس پيرن جي پڻي کڻي پنهنجي مٿي ۾ وجھي ڇڏي هئي.”
عجيب سوال پڇيائين، “کيس ڏاڍو چاهيندو آهين؟”
“چاهڻ ۽ مري وڃڻ ۾ فرق نه هوندو آهي.” چيم، “مان اڃان جيئرو آهيان. سمجهان ٿو منهنجي چاهڻ ۾ کيس پوڄڻ ۾ ڪٿي ڪا نه ڪا ڪسر رهجي وئي آهي.”
ڪجھ ڪجھ ساڙ مان پڇيائين، “مرڻ جي حد تائين کيس چاهين ٿو؟”
“مرڻ جيڪڏهن چاهت جي انتها هجي ها ته پوءِ مان انتها کي پهچي کيس چاهڻ ڇڏي ڏيان ها.” چيم، “پر مون هر جنم ۾ کيس چاهيو آهي. کيس چاهڻ کان پوءِ مان هر دور ۾ مرندو رهيو آهيان ۽ مري وري موٽندو رهيو آهيان. چاهت جو سلسلو ختم نه ٿيندو آهي.”
هوءَ هوشربا آهي. مرغزار جھڙيون ٻانهون کوليندي چيائين، “مان تنهنجو آڌر ڀاءُ ڪيان ٿي. اچ مونکي اچي پنهنجو ڪر.”
“تو تاريخ جي هر دور ۾ ڪاھ ڪندڙ جي آجيان ڪئي آهي. حمله آور کي دل ۽ اکين ۾ جاءِ ڏني آهي.” چيم، “پر مان حمله آور نه آهيان. مون ڪاھ نه ڪئي آهي. منهنجو آڌر ڀاءُ ڇو ٿي ڪرين؟”
منهن تي مرڪ تري آيس. تبسم سان چيائين، “مان تنهنجيءَ دل تان ان جي ياد ميسارڻ چاهيان ٿي، جنهن وٽ پنهنجو روح ڇڏي آيو آهين.”
چيم، “مان سڄو سمورو هن وٽ رهجي ويو آهيان. تون منهنجو اولڙو ڏسي رهي آهين.”

          

0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع