گھر کي لڳل باھ

گھر کي لڳل باھ
        دل ورهين جي ويراڳ جو شڪار ٿي پيئي. اُداس ته اڳ به ٿيندي هئي. پر اهڙي ڪيفيت جو ڪارو لباس نه پائيندي هئي، جھڙو ڪجھ ڏينهن کان پاتو اٿائين. مونکي لڳي ٿو، جوڳ ورتو اٿائين. سموريءَ سڃ جو واسو منهنجي روح ۾ آهي. اندر مان اوتارن ڪوچ ڪيو آهي. دل اڪيلائين جي مسافر آهي.
        مان سنڌوءَ جي قدمن ۾ ويهي رهيس. چيم، “مون کي ڪجھ سمجھ ۾ نه ٿو اچي. سنڌو؛ مونکي ڪجھ سمجھ ۾ نه ٿو اچي.”
        پنهنجين اڱرين سان منهنجا وار جائيتا ڪندي چيائين، “مون ڏانهن ڏس.”
        مون سنڌوءَ ڏانهن ڏٺو.
        منهنجي اکين ۾ لڙڪ ڏسي چيائين، “روئين ٿو، چريا.”
        “ها، سنڌو.” چيم، “دل چاهي ٿي تنهنجيءَ هنج ۾ منهن لڪائي روئي پوان. پنهنجين ناڪامين جو اعتراف ڪريان.”
        سنڌوءَ چيو، “تنهنجي باري ۾ گھڻو اڳ مون هڪ رايو قائم ڪيو هو. مان اڄ به ان رايي تي قائم آهيان.”
        پڇيم، “ڪهڙو رايو؟”
        چيائين، “اِهو ته تون سياست جو ليکڪ نه آهين ۽ سياست تنهنجي وس جو روڳ نه آهي.”
        شڪست کاڌل نگاهن سان مون سنڌوءَ ڏانهن ڏٺو.
        سنڌوءَ چيو، “اُهي ڀوڪ آهن، جيڪي توکي سياست جو ليکڪ سمجھندا آهن.”
        سنڌوءَ جي هنج ۾ منهن لڪائيندي چيم، “مونکي خبر ڪونهي ته مان ڇا جو ليکڪ آهيان. مونکي فقط ايتري خبر آهي ته منهنجي اندر ۾ آنڌ مانڌ آهي، بيچيني آهي، اضطراب آهي ۽ مان لکندو آهيان. مونکي خبر ڪونهي ته مان ڇا لکندو آهيان، ڇو لکندو آهيان.”
        سنڌوءَ چيو، “تون بنيادي طرح محبت جو، چاهت جو غم جو ۽ درد جو ليکڪ آهين. اها تنهنجي لکڻ جي کيتر آهي. ان کيتر مان ٻاهر نڪري تو جڏهن به لکڻ جي غلطي ڪئي آهي، ناڪام رهيو آهين.”
        چيم، “مونکي اعتراف آهي.”
        “سنڌ يونيورسٽي ٻرندڙ جبل آهي.” سنڌوءَ چيو، “جنهن ڏينهن سنڌ يونيورسٽيءَ جي سياست تي تو پهريون ڪالم لکيو هو، تنهن ڏينهن ئي مان سمجھي ويئي هيس ته تون سياست جي ڪاڪ محل ۾ منجھي پوندين، پڇتائيندين ۽ پنهنجيءَ ناڪاميءَ جو اعتراف ڪندين.
        “مان ڇا ڪريان سنڌو! مان دل هٿان مجبور آهيان. مان سنڌ يونيورسٽيءَ سڙندي ڏسي نه  ٿو سگھان.” اُڌمن اُٿل کاڌي. ڇيم، “اُتي منهنجا ڀائر آهن، ڀينرون آهن، پٽ آهن، ڌيئرون آهن.”
        “تون هنن لاءِ افسانا لک، ڊراما لک، ڪالم لک.” سنڌوءَ چيو، “پر پاڻ کي سندن سياست کان ڌار رک.”
        مان خاموش رهيس.
        سنڌوءَ وڏي پاٻوھ مان چيو، “محبت ڪرڻ وارا هميشه کان، ازل کان اڪيلا هوندا آهن ۽ سياست اڪيلن انسانن جي وس کان ٻاهر هوندي آهي.”
        تصور اُسائين جي آڪاش تي هيڪلي ڪڪر وانگر آواره آواره ڀٽڪڻ لڳو.
        سنڌوءَ چيو، “مان تنهنجين اڪيلائين کان واقف آهيان. مان تنهنجيءَ دل جي درد کان واقف آهيان. تنهنڪري اعتراف تي مان حيران نه ٿي آهيان.”

        سوچيو اٿم، پنهنجي سڙندڙ گھر بابت ڪڏهن ڪجھ نه لکندس، ڇو جو مان فائربرگيڊ جي عملي مان نه آهيان.

0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع