ٻارنهن مان ٻڙي

ٻارنهن مان ٻڙي
ڪڏهن ڪڏهن جيجان جون ڳالهيون شدت سان ياد اينديون آهن. لکڻ جي جهان ۾ پير ڌريو هئم ته 42 سال اڳ کِلندي چيو هئائين، ”اديب ته ٿين ٿو، پر جيترا ذاتي طور اهي اديبَ بي ادب هوندا ٿئي، اهڙو ڪو ورلي هجي. ڏسجانءِ، متان تون به هن قبيلي جي لڄ کي وائکو نه ڪري وجهين.“ اهو زمانو، جڏهن اديبن کي وڏن وارن واري هڪ بيڪار مخلوق تصور ڪيو ويندو هو، جيڪا خيالن جي دنيا ۾ گم رهندَي، عام حقيقتن کان لاپرواهه هوندي هئي. زماني جي سچائين کان مُنهن لڪائيندي، پنهنجي دنيا کي ئي سڀ ڪجهه سمجهندي هئي. اهو به سمجهيو ويندو هو ته انهن جي گهرن ۾ رڌڻي جو خرچ ڏکيو هلي ٿو. اديب صاحب، کائڻ ڪمائڻ جي لائق ئي ڪٿي ٿو هجي! پر پوءِ واءُ وريو ته ليکڪ لڏي جي عزت افزائيءَ ۾ واڌ آئي، جيڪا کيس پاڻ پسند نه آئي. هنن کي ڀلا ائين ڪيئن برداشت ٿيندو ته ڪير اڳتي نڪري...ٽنگون نه ڇڪيونس...ڇڪيونس ڇو؟ هڪ واري ڪپَي ئي نه ڇڏيونس. بس اها ئي سوچ گهڻي قدر رقص ڪندي رهي ٿي. جنهن جي ناچ مان گذريل هفتي ادب دوستن خوب مزو ورتو آهي.
اڱاري 16 مئي جي ڪاوش هائيڊ پارڪ ۾، هڪ پيٽي ٺيڪيدار احمد علي جوکيو صاحب، سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي آفيس جي ٺهندڙ عمارت ۾ گهپلن جو ذڪر ڪندي، هڪ عهديدار آغا ظفر تي الزام هنيو ته هُن 4 لک 77 هزار جي رقم ورتي هئي، جيڪا سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل ۽ ثقافت کاتي جي وزير جي پرسنل سيڪريٽري خالد آزاد وگهيو کي رشوت لاءِ گهربل هئي. ٺيڪو پاڻ هٿ ڪيائين ۽ جوکيي کي ڪم تان هٿ کڻائڻ لاءِ دٻاءُ وجهندي، هڪ لک روپيا وڌيڪ ڏيڻ جي آڇ به ڪيائين ۽ آخر ۾ ثقافت کاتي جي وزير ۽ ٻين سان ذاتي واسطن جا داٻا به ڏنائين. وري اربع 17 مئي جي ڪاوش هائيڊ پارڪ ۾، حيدرآباد شاخ جي سيڪريٽري غلام مصطفيٰ سولنگيءَ پنهنجي درد ڪٿا بيان ڪئي، جنهن کي اهو ڏک هو ته 30 لک روپين جو ٺيڪو، سفارش جي بنياد تي، بنا اين ٽي اين نمبر واري ڪمپنيءَ کي ڏنو ويو. ثقافت کاتي جي وزير جي پرسنل سيڪريٽريءَ کي دانهن ڏنم، ته اهو به باهه ٿي ويو. ڊاڪٽر مشتاق ڦل به چيو ته اوهان خاموش رهو. آغا ظفر ۽ احمد علي جوکيو پاڻ ۾ ٺهي ويا ته غلام مصطفيٰ سولنگيءَ کي ڪم جي نگراني ملي، جيڪو کيس ناقص لڳو ته هُن سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق کي اهڙو اطلاع ڏنو، جنهن ناراضگيءَ مان چيس، ته پراين معاملن ۾ ٽنگ نه اڙاءِ. مٿان وري خط جي آخر ۾ سولنگيءَ، وزير جي سيڪريٽري، سنگت جي سيڪريٽري جنرل ۽ رابطا سيڪريٽري جي دٻاءَ جي شڪايت ڪري لکيو ته، ”هاڻي مون کي ڪجهه به ٿيو ته ان جا ذميوار ڄاڻايل ٽيئي ڄڻا هوندا.“
18 مئي تي ساڳئي هائيڊ پارڪ ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ترجمان زاهد راڄپر صاحب، فصاحت ۽ بلاغت جا واهڙ ٿو وهائي، جنهن سيڪريٽريءَ پاران جواب ڏنو آهي، ته سڄي قانوني عمل کان پوءِ ڇت تائين ڪم پهتو ته ڪنهن شخص جو فون آيو ته آغا منهنجي نالي تي ٺيڪو کڻي، مون کي حصو نٿو ڏئي. مون کي معاملي جي ڄاڻ نه هئي. چيم آغا سان ڳالهايان ٿو ۽ ٽن چئن ڪلاڪن کان پوءِ ساڳئي ماڻهوءَ جي فون آئي ته، ”معاف ڪجو، اسين پاڻ ۾ ٺهي ويا آهيون.“ هُن واضح لفظن ۾ چيو ته کيس زور ڀريو پئي ويو ته هُو اوهان سميت وزير صاحب ۽ خالد آزاد تي ڪميشن وٺڻ جي ڳالهه ڪري، مون چيو ته مون کي خدا سڀ ڪجهه ڏنو آهي ۽ وزير صاحب ۽ خالد آزاد سميت ڪوبه اهو سوچي به نٿو سگهي، اها ساس جي آفيس خلاف سازش آهي.“ زاهد راڄپر جي خط ۾، سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل پاران چيل جملا ڇرڪائيندڙ آهن، ”صوبائي وزير کي گذارش آهي ته هُو آفيس جو ڪم بند ڪرائي، ٿيل ڪم جي جانچ ڪرائي ۽ بچيل پئسا ڪنهن ٻئي پروجيڪٽ ۾ لڳائي.“ ڇنڇر 20 مئي جي ڪاوش هائيڊ پارڪ ۾ وري رابطه سيڪريٽري آغا ظفر پاڻ کي آجو ڪيو آهي. جنهن ٻُڌايو آهي ته هُو پاڻ ٺيڪيدار آهي ۽ اين ٽي اين هولڊر آهي، جنهن جو هن نمبر به ڄاڻايو آهي. ڪم جي ڄاڻ ملڻ ساڻ غلام مصطفيٰ سولنگيءَ کيس آڇ ڏني ته هُو ڪم ڪرڻ لاءِ آتو آهي ۽ بچت مان اڌ کڻندو، جي اهو آغا ڪري سگهي ته کيس سولنگي ڪم ڏياري، ڇاڪاڻ ته هن سائين مدد علي سنڌيءَ کي ڪم ڏيارڻ لاءِ چيو آهي. آغا ظفر مطابق هن پروفيشنل ازم تي زور ڏنو، مٿس آزاد انور ڪانڌڙي الزام هنيو ته ڪم ناقص آهي. جن ٺيڪيدارن لاءِ چيل هيو ته آغا انهن کان پئسا ورتا آهن. تن سادي ڪاغذ تي انهن سڀني الزامن کان انڪار ڪيو. آغا مطابق هن کان نه ڪنهن ڪميشن گهري آهي ۽ نه هن ڪا ڏني آهي ۽ سندس ڪابه ڏيتي ليتي احمد عليءَ سان ناهي رهي. خميس 25 مئي جي ڪاوش ۾ خبر آهي ته، ”سنگت آفيس جي اڏاوتي ڪم ۾ مبينا ڪرپش...فئڪٽ فائڊنگ ڪميٽي قائم!“ معنيٰ هاڻي باقاعدي ڇنڊڇاڻ ساڻ اهو سڄو ڊرامو مڪمل ٿيندو.
هي آڱرين تي ڳڻڻ جهڙا ڪجهه ماڻهو، اسان کي ڇا ٿا سمجهن؟! هنن کي اسان ڪيترا بيوقوف لڳون ٿا؟ ڇا اسان جي حيثيت اها آهي، جو سيڪريٽري پاڻ نٿو ڳالهائي ۽ سندس ترجمان بيان جاري ڪري ڇڏي ٿو. جنهن کي پنهنجي بيان جي خبر ڄڻ نٿي پوي. ڇا ٿو فرمائي؟ ڪم بند ڪرائي جانچ ڪرائي ۽ رهيل پئسا ڪنهن ٻئي پراجيڪٽ ۾ لڳائي، مطلب...اها عمارت اڌيڪي اتي ڇُٽي؟! اها ٻولي سيڪريٽريءَ جي آهي يا ترجمان جي؟ ڇا سيڪريٽري جي اجازت سان اهو فرمان جاري ٿيو آهي، جنهن ۾ هُو ڄڻ پاڻ اهو مطالبو ٿو ڪري ته ڪم روڪي اهو پئسو، ڪنهن ”حقدار پروجيڪٽ“ کي ڏيو...هڪ کِلَ ۽ ٽوڪَ جو سامان بڻجون پيا اسان. جيڏانهن به وڃ ۽ صاحبِ ملاقات کي اها خبر هجي ته اسين هن دشت جا مسافر آهيون ته هڪدم چپن تي مرڪ اچي ٿي ۽ اشارو ٿئي ٿو، ته واهه جو هڪ ٻئي کي ظاهر ڪيو ٿوَ...هي اديبَ آهن؟ هي ادب آهي...هي لکڻ پڙهڻ آهي يا ذاتي باهه ڪڍڻ جي چڪر ۾ ٻُڏڻ جو مقام آهي؟ آغا رابطه سيڪريٽري آهي. کيس ڪهڙي پئي هئي، اهو ٺيڪو کڻڻ جي؟ مٿان وري غلام مصطفيٰ سولنگيءَ جا پنهنجا انداز آهن. مرڪزي عمارت لاءِ سيڪريٽري جنرل ذميوار آهي. هُو ڇو نٿو پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري؟ هي سنگت آهي؟...هيءَ ڪهڙي سنگت آهي؟!
ننڍڙي سليمان وساڻ جي مدد سان، انٽرنيٽ تان ”جامع سنڌي لغات“ مان ”سنگت“ لفظ جي معنيٰ هٿ ڪئيسين. ڪُل 12 معنائون آهن: دوستي، ياري، ناتو، ڳانڍاپو، هجت، محبت، الفت، رفاقت، شراڪت، همراهي، جماعت، ٽولي...جمع: سنگتون...هاڻي ترتيبوار انهن سڀني شايع ٿيل بيانن ۽ خطن کي پڙهندي، اوهان کي لڳي ٿو ته انهن 12 معنائن مان، ڪا هڪ معنيٰ به انهن تي ٺهڪي اچي ٿي؟! انهن هڪ ٻئي جي دشمنن ۾، دشمنيءَ واري سنگت ته ٿي سگهي ٿي، لغات مان مليل ڪو هڪ لفظ به مٿن ٺهڪي اچي ٿو؟! هڪ ٻئي جي دشمنيءَ ۾ ميدان رُلي ويو، جي احمد علي جوکيو پيٽي ٺيڪيدار آهي ته خط علمي ادبي لکي پيو، معنيٰ صاحبِ قلم به آهي...سبحان الله...سولنگيءَ جو هٿُ دل تي آهي ۽ حد ته اها به آهي، جو هُو پنهنجي جاني نقصان لاءِ اميدوارن جو تعين به ٿو ڪري...آغا جو هٿُ پنهنجي هانوَ تي آهي ته مٿان زاهد صاحب ته ڄڻ قلم جي نِبَ تي زور ڏيو ويٺا آهن ۽ پنهنجي بيوروڪريٽڪ حڪمنامي کي جاري پيا ڪن...افسوس آهي...صد افسوس.
سڀني سان هٿ جوڙ آهي، ڇاڪاڻ ته قافلو ساڳيو آهي. مسافرت جاري آهي، پر لڄ اچي ٿي، پنهنجي ڪردار تي...آئيءَ چواڻي، قبيلي جي لڄ وائُکي پئي ٿئي. هڪ هڪ پڙهندڙ ڄاڻي ويو آهي ته هي صاحبان، ادب جو دُهل وڄائيندي، پنهنجي اندر ۾ ڪيترا ”ادب نواز“ آهن. خصيص 30 لکن جي رقم؟ ۽ انهن مان به ڪو ڪيترو بچائي هان...هلو...30 لک ئي بچائي ها، پر اهي ڪيترو هلن ها! ڇا پنهنجي ساک ڪجهه نٿي لڳي؟ ڇا ساک جي بي مُلهه هئڻ جو احساس مري ويو آهي، جو هاڻي ان کي به لکن ۾ ڪَٿجَي؟
ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ادبي تنظيم مان، هاڻي ”سنگت“ لفظ ڪڍي ڇڏيو سائين، ڇاڪاڻ ته انهن 12 معنائن مان هڪڙي ۾ به هُوءَ نٿي ٺهڪي. ڪنهن وٽ به ڪجهه به ڪونهي. نه دوستي، نه ياري، نه ناتو، نه ڳانڍاپو، نه هُجت، نه محبت، نه رفاقت، نه شراڪت، نه همراهي، نه جماعت، نه ٽولي. جيڪڏهن فقيرَ جي ڳالهه اُگري ٿي لڳيوَ ته انهن تاريخن جي بيانن کي پاڻ پڙهي ڏسو. جيڪڏهن اندر ۾ ڪجهه جاڳندو هوندوَ ته اوهان به هن ”عظيم الشان سَٿَ“ کي 12 مان ٻُڙي مارڪون ڏيندئو.
محمود مغل


0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع