سِنو بال

پنجين تاريخ ٿي وئي آهي، جيڪي پگهارن جا صاحبَ آهن، پگهاردار آهن، انهن پڪ سان پنهنجو پوتڙو ڇنڊي ورتو هوندو. سِيڌو، اوڌر، خرچيون، مهيني جي ايندڙ خرچ لاءِ رکيل رقمَ... مطلب جي لفافا ٺاهيا هوندئون ته سڄو جهان جُڙي چڪو هوندو. اها ڪهاڻي گهڻو ڪري ته پهريَن ٻن ڏينهن جي هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته ’لالا مال خلاص‘ وانگر، هوڏانهن پگهار آئي ناهي، هوڏانهن مختلف ’کاتن‘ جو پُورائو ناهي ڪيو ويو. ڏئي وٺي، هٿَ ڇنڊي، صاحبِ زر به پاڻ کي آجو محسوس ڪندو آهي ۽ آسيس وند اکيون به منظرن کي ڀري وٺنديون آهن. وري هڪ ٻي پهرين تاريخ جو انتظار، ديدَ ۾ ڀرجندو رهندو آهي.
اهو دنيا جي گهڻن ئي گهرن جو قصو آهي. ڪمائڻ وارو، رڳو پاڻ لاءِ ناهي ڪمائيندو. سندس اُپت تي، ٻين جي به جيئدانَ جو ڪاڄ سرندو آهي. انهن ۾ زال، ٻارَ، والدين، ننڍا ڀائر ڀينر ۽ ڪن ڪن وٽ ته وري عزيزن جو به جهان جُڙيل هوندو آهي. پنهنجيءَ سرنديءَ آهر، انهن جو مهينو طئه ڪبو آهي ۽ پوءِ درمهيني انهن تائين پهچائبو آهي. اندر ۾ اطمينان جي عجيب لهرَ، ڪَرَ کڻندي آهي، جيڪا خوشيءَ جي ساحل سان ٽڪرائجي ختم ناهي ٿيندي. ساحل کي ئي ڀاڪُر ۾ ڀري وٺندي آهي. اُن اطمينان جو قصو به عجيب هوندو آهي، جيڪڏهن ڪنهن هڪڙي کي به سندس امانت نه ڏني وڃي، ته اهو اطمينان مڪمل ناهي ٿيندو. کوٽِي ٽوٽِي، ڀڳل شيشي جيان اندر کي لڳندي رهندي آهي.
ان سڄي قصي ۾ ٻه فردَ حصيدار هوندا آهن. هڪ ڏيڻ وارو، هڪ وٺڻ وارو. ڪهاڻي هڪ هڪ جي ون ٽُو ون هوندي آهي. ڀلي اوهان چاليهن ماڻهن جا ڪفيلَ هجو، هوندئو هر هڪ سان ون ٽُو ون. هُو ڄاڻي اوهان ڄاڻو، اوهان جو ربُ ڄاڻي. ائين به ته هوندو آهي نه ته اوهان لڪائي ڏيندا آهيو ته جيئن هڪڙي کي خبر نه پوي ته ٻئي کي ڪيترو ٿو ملي... معنيٰ ون ٽُو ون ٿيو نه. ڀلو به ان ۾ ئي آهي. مدد جيتري ڍڪيل هجي، اوتري حسين هوندي آهي. ڀلي اها ڪَکَ جيتري ڇونه هجي. انهيءَ مدد ۾ وري اسان لاءِ ڪيترا فيڪٽرز وچ ۾ اچي ويندا آهن. ڪير ڪَنَ چوري سگهي ٿو. ڀڙڪائي سگهي ٿو. مدد جي لائق ماڻهوءَ جي خلاف ڀري سگهي ٿو. ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. اندر ۾ هڪدم ناد وڄي ته ’يڪ جُنبشِ قلم‘ سان سڀ بند.
چهري ۾ جي ڏيئا ٻرندا آهن ته سندس مُکَ تي سڀ ڏيئا وساڻل هئا. چانهه پيئندي خبر نه پئي پئِي ته هُن چانهه پئي پيتي يا ڳوڙها. گُهٽيل لهجي ۾ چيائين، ”خبر ناهي سر! ڇو ادا هڪدم مهيني جي خرچي بند ڪري ڇڏي!؟“
مهيني جا ڏهه ڏينهن گذري چڪا هئا. هونئن عام طور کيس وڏي ڀاءُ وٽان ٽِين تاريخ تائين پئسا ملي ويندا هئا، ڇهه سئو روپيا، پر هاڻي ڏهين به ٿي وئي هئي. ڀاءُ سامهون ٽڪريُس نه پئي. ڀاڄائيءَ کان واجهائي بيٺو هو، پر هُن فرمايو، ”ادا مون کي ڪهڙي خبر، ڀاڻهين ڄاڻي تون ڄاڻين...“ مايوسيءَ وچان گهر وارن ڏي به نهاريئين پئي، جن مان هر هڪ کي پنهنجو حساب ادا ٿي چڪو هو. ڀاءُ کي پگهار به وقت تي ملي هئي ۽ رڳو هُو ئي رهجي ويو هو.
”نه ٿو پڇي سگهان وڌيڪ ڪنهن کان سائين.“ هُن بچيل چانهه کي هڪ ڳِيتَ ۾ هيٺ لاٿو. ”بس ڳالهين ڳالهين ۾ سمجهي ويو آهيان ته سڀني کي پنهنجا پنهنجا پئسا ملي ويا آهن، رڳو مان ئي هڪڙو بچيو آهيان. ڇهه سئو روپيا ڪي وڏا کڻي نه به هجن، پر ته به مون لاءِ ته آهن نه... وِيسيءَ جي قسط ڀرڻي آهي... اوڌر لاهڻي آهي هڪ دوست جي... مهيني جو گذر ڪرڻو آهي... مٿان وري بچت به ڪا هٿن ۾ ناهي... مون کي خبر هئي ڇا ته ادو ائين هٿُ ڪڍي ويندو!“ هاڻي اکين جا نيسارا وهڻ لڳا هئس. ”الاءِ ڪهڙو خالي پڻو آهي چوڌاري... سڀ ڪجهه خالي خالي ٿو لڳي سائين.“
منهنجي آفيس ۾ سڀ ڪجهه ٿي رهيو هو. ڪمال صفائيءَ سان هُن ڳوڙها اُگهيا. دل ۾ آيم ڪجهه مدد ڪريانس. مهينو ٽَپِي ويندو. وري سندس لهجي جي خودداري سامهون اچي وئي. ”ڀلي بند ڪري ها سائين، ادا پئسا... بس رڳو ٻُڌائي ته هان نه... الاءِ ڪنهن جي چُرچ تي لڳو آ، جو ڳالهه به نه ڪئي اٿائين.“
سِينُو ڄڻ چيريل هجيس. مون کي به ڪجهه ٿي رهيو هو، جو اوچتو فونَ جي گهنٽي وڳي. ڳالهايم ته هڪ دوست پڇيو، ”ٽيوشن واري جو انتظام ڪيئي؟“
مون به ائين پڇيو، ”ڪهڙو ٽيوشن وارو؟“
چيائين، ”ڪمال ٿو ڪرين، فزڪس لاءِ چيو ڪونه هومانءِ“
فون تي هٿُ رکندي پڇيومانس، ”فزڪس پڙهائي ويندين؟“ اکين ۾ نِيرُ وڌي ويس. ڪنڌُ رڳو هاڪار ۾ لوڏيائين. دوست کان پڇيم، ”گهڻا پئسا ڏيندين... فزڪس جا ائڪسپرٽ ڏاڍا مهانگا ٿا ملن.“ چيائين، ”ٻنهي ٻارن کي گڏ پڙهائڻو آهي. چار گُهرئي ته تون هزار کن ته گهٽراءِ.“
اڳتي جي ڪهاڻي اوهان پاڻ سمجهي سگهو ٿا. هڪ درُ بند ٿيو هو، ٻئي در پنجُوڻ ڏني هئي.
هي جيڪي اسان تي دارومدار رکندا آهن نه، معزز خواتين و حضرات، انهن جو دارومدار اسان تي نه هوندو آهي. ڏيڻ وارو ئي کين ڏيندو آهي. بس حِيلو وسيلو اسان نظر ايندا آهيون. ايندا نظر آهيون، سمجهي ويهندا آهيون ته آهيون ئي اسين، جو پُڄايون پيا. پوءِ جنهن مهل دل چيو ڏنوسين نه ته بند ڪري ڇڏيوسين. سامهون واري جي ڪُلهن جي بار کان الاءِ ڇو اسين مُڪت ٿي ويندا آهيون. ايڏا ته بي خبر هوندا آهيون، جو اهو بار اسان جي ڪُلهن تي پوندو آهي، پوءِ به محسوس ناهي ٿيندو. سندس اندر ۾ خالي پَڻَ جو ڳوڙهو، اسان لاءِ سِنو بال ٿي پوندو آهي. برف جي گولَي جيان وقت سان رڙهندي، وڏو ٿيندو رهندو آهي ۽ جڏهن اَٽڪندو آهي ته خبر پوندي آهي.
چهرن جا ڏيئا نه وسائيندا ڪريو. جيڪو ڏيڻ وارو آ، اهو اڃان جَجهو ڏيندُوَ... خزانن جون ڪُنجون وٽس آهن. رڳو پنهنجي اُن مُوڙِيءَ جي خبر هجيوَ، جيڪا هٿن مان ڦيري، هنن کي ڏيڻي آهي ۽ بند ناهي ڪرڻي. ۽ ڀلا جي بند به ڪرڻي آهي ته ٻُڌائي ڪرڻي آهي. ائين اوچتو سِيني ۾ ڌَڪُ ناهي هڻڻو.
پنجين تاريخ ٿي وئي آهي. اوهان ڪنهن جي، ڪنهن مدد کي روڪڻ جو ته ناهي سوچيو نه؟... نه سوچجو. ڪنهن جي سِيني کي خالي نه ڪجو، پنهنجي لاءِ، سندس سِيني مان نڪرندڙ، اُن سِنو بال جو بندوبست مهرباني ڪري نه ڪجو، جيڪو برف جي گولَي جيان وقت سان رڙهندي وڏو ٿيندو رهندو آهي ۽ جڏهن اَٽڪندو آهي ته خبر پوندي آهي.
                                                                            محمود مغل

0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع