پوپٽ جھڙا پل

پوپٽ جھڙا پل
طاهره حسن به رخصت ٿي، اناالله وانا اليه راجعون. ڪالهه جڏهن، ميت بس ۾، جنهن در کان سندس ڏولي رکي هئائون، مان ان در کان، سندس پيرانديءَ بيٺل هئس. سندس آخري سفر جاري هو. نماز ٿي چڪي هئي، هاڻي مٽيءَ جي پِنوڙي کي پنهنجيءَ جاءِ تي پهچڻو هو. الاءِ ڪيترا ٽهڪَ، نگاهون، اندازَ، اسلوبَ، هاڻي هن ڏوليءَ ۾ روانا ٿي رهيا هئا. طاهره جو وڃي چڪي هئي. ڌڻيءَ جي ڪائنات به عجيب آهي. هتي رفاقتن جو ساٿُ به عجيب انداز ۾ نصيب ٿئي ٿو. ڪن سان سڄي ڄمار گذريو وڃي، پر رهجي ٿو اوڏڙو ئي اوڏڙو. ۽ ڪي چِتَ تي چڙهن ته کين ڄڻ وسارجڻ جو هُنر ايندو ئي ناهي. هُو پنهنجي پُوري حساب ڪتاب سان ذهنن ۾ اچي ويندا آهن. ساٿُ، لمحي جو هجي يا عمر جو، هوندو ته ساٿ ئي آهي نه...۽ طاهره حسن، اسان جي ڪليگ، ساٿي انائونسر، ڪمپيئر، صداڪاره ساٿَ جي ساعتن کان سدا بهار نموني واقف هئي.
رات جو ”تارن ڀرِي رات“ ڪندي، جڏهن کيس ياد پئي ڪيم ته پاسي ۾ مشهور براڊڪاسٽر ڀاءُ اعجاز علي ميمڻ به ويٺل هو. طاهره جو ذڪر هلندي، جڏهن اسان تعزيتي پروگرام نشر ڪيو ته اعجاز جي اکين جا بندَ ڀڄِي پيا. وڏي پاٻوهه مان هُو مون سان ملڻ آيو هو، پر اهو سڀ ٻُڌندي بيحد ملول ٿي ويو، ڳوڙها بيهنس نه پيا. هُو گهڻو وقت ويهي نه سگهيو، واپس هليو ويو. سندس اکين جو پاڻي، اندر کي وڌيڪ پوسرائي ويو. الاءِ ڪيترن موقعن تي گڏ رهياسين، هاڻي ته انهن جي ڳڻپ به ناهي. اسٽيج، ريڊيو، محفلون، قومي ۽ صوبائي نشرياتي رابطي جا پروگرامَ. قدرت هن فقير تي عنايت ڪئي ته خاص خاص موقعن تي، خاص محفلن ۾ ميزبانيءَ جو شرف مليو ۽ انهن ۾ جڏهن به ڪو اردو پروگرام هوندو هو ته مان ۽ طاهره گڏ هوندا هئاسون. هُوءَ پنهنجو اسڪرپٽ پاڻ لکندي هئي، شاعريءَ جي چونڊ ڪندي هئي ۽ برمهل هر موقعي تي ڪَتب آڻيندي هئي. طاهره کي پنهنجي لکئي تي ڀروسو هوندو هو. هُوءَ باقاعدي پنهنجي لکيل اسڪرپٽس ۽ شعرن کي هر هر پئي ورجائيندي هئي، باوجود پخته ڪار براڊڪاسٽر هئڻ جي، منجهس هوم ورڪ ڪرڻ جو جنون سدائين موجود رهيو. پنهنجي 36 سالن جي براڊڪاسٽنگ جي ڪئريئر ۾ مون اهڙا ميزبان گهٽ ڏٺا آهن، جيڪي هر موقعي تي، هر دفعي، نئين تياريءَ سان اچن. نه ته عام طور هڪ ٻه پروگرام ڪيو ناهي ۽ پاڻ کي ”سُپر اسٽار“ سمجهو ناهي...پوءِ ڪيڏانهن ويو اسڪرپٽ ۽ ڪيڏانهن وئي تياري! نراڙ تي لڳل عينڪ هيٺ ٿيڻ جي زحمت به نه ڪندي آهي. همراهه/سانئڻ وٽ وقت ئي ناهي هوندو، جو پروگرام جي معيار بابت ڪجهه سوچِين يا ڌيان ڌرِينِ، معيار ته بس هُو ”پاڻ“ ٿي ويندا آهن.
طاهره ۾ ٻي سٺي ڳالهه، ٻئي کي موقعو ڏيڻ جي هوندي هئي. هُوءَ ساٿي ميزبانَ، مهمانَ ۽ شريڪ کي ڳالهائڻ جو پورو موقعو ڏيندي هئي، بلڪِ ڪٿي ڪٿي ته وڌيڪ ڳالهائڻ لاءِ جاءِ ڇڏي ڏيندي هئي. اِها ڳالهه ٻُڌندڙن يا پڙهندڙن کي شايد عجيب لڳي، پر نشريات جي جهان ۾، اهو عمل ڏاڍو ”محبوب“ هوندو آهي ته ماڻهو ٻئي لاءِ لکيل لائينون کائي وڃي يا پاڻ ادا ڪري.
قومي نشرياتي رابطي تي هڪ پروگرام هيو. ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان آن ايئر هئاسين. ڪُل ڏهه ڪمپيئر هئا ۽ هي فقير، ان ۾ لِيڊ ڪمپيئر هيو. مهربان پروڊيوسر صاحب، هر چنڪ تي ميزبان جو نالو ٽائپ ڪرائي ڇڏيو هو. ڪل ستاويهه چنڪس هئا يعني 27 ڀيرا اسٽيج اچڻو هو، جن مان پهريون، آخري ۽ وچ ۾ 14 چنڪس منهنجا هئا. باقي ڏهه ٻين ۾ ورهايل هئا. جن ۾ هڪ جڳ مشهور ميزبان به شامل هئي. اتفاق اِهو هيو، جو سندس انائونسمينٽ ٻيو نمبر چنڪ جي هئي. شروعات ۾ اسٽيج تي وياسين ته الاءِ ڇو مان سڀني کي ساڻ وٺي ويس، جيتوڻيڪ مان اڪيلو به وڃي سگهيس پئي. هاڻي سڀ هئاسين ته مهربان پروڊيوسر صاحب ڏاڍا اشارا ڪيا، پر ڳالهه مون کي سمجهه ۾ نه آئي. سمجهه ۾ آئي ته ان وقت جڏهن پروگرام ختم ٿيو، ڇاڪاڻ ته مان رڳو ابتدائيي ۾ سلام ڪري سگهيس ۽ گڏيل ساٿين جو تعارف ڪرائي سگهيس، باقي سڀ ڪجهه هُن محترمه ايڏي ته اطمينان سان ڪيو، جو لڳو پئي ته سڄي اسڪرپٽ تي، هر چنڪ تي صرف سندس نالو لکيل هجي. حد ته اها هئي ته موڪلاڻيءَ وارو چنڪ به هُن ئي ڪيو. لائيوِ پروگرام ۾ مان کيس ڇا پئي ڪري سگهيس.
شايد اهڙا ئي تجربا هئا، جو مان طاهره سان گڏ ميزباني ڪندي لهرائيندو هئس، پر هُن سدائين مون کي سهوليت ڏني ۽ اعتبار ۽ اعتماد ڏنو. جڏهن پروگرام ڊگهو ٿي ويندو هو ۽ ڄامشوري وڃڻ جي ڪري مان پُڄاڻيءَ کان پهرين نڪرندو هئس ته هُوءَ سدائين، پروگرام جو بقايا حصو سنڀالي وٺندي هئي. الاءِ ڇو کيس مون تي ڏاڍو اعتبار هيو. تقريبن ٻه ورهيه اڳ، جڏهن هُن مون سان پنهنجي بيماريءَ جي ڳالهه ڪئي هئي ته مان ڏڪي ويو هئس. ايڊيٽر نيوز جي آفيس ۾ ويٺي، هن کِلندي کِلندي احوال اوريو هو ۽ مون کيس سمجهايو هو ته ان مرض کي سَوَلو نه وٺي، ته هُوءَ کِلندي کِلندي چُپ ٿي وئي هئي ۽ اوچتو چئي ڏنو هئائين، ”ماڻهن کي لڳندو آهي ته مان شين کي سَوَلو وٺندي آهيان، پر سچ اهو ٿَوَ محمود صاحب ته مان هر معاملي کي بيحد سنجيده وٺندي آهيان، ها بس الاءِ ڇو اها سنجيدگي ظاهر نه ڪري سگهندي آهيان.“
سندس لاءِ ڪيل تعزيتي پروگرام ٻُڌندي، ڳوڙها ڳاڙيندڙ اعجاز ميمڻ ٻُڌايو، ”پنهنجي اندر کي هُوءَ صداڪاريءَ ۾ کڻي ايندي هئي. ڊرامن ۾ اداسيءَ جا منظرَ، الميا لمحا، هُوءَ بي انتها ڪمال سان آواز معرفت گذاريندي هئي ۽ ٻُڌندڙن جو سِينو وٺجي ويندو هو. هڪ اردو ڊرامي ”آزمائش“ ۾ سندس ڪردار هڪ اهڙي عورت جو هوندو آهي، جنهن کي اولاد جي شديد خواهش آهي ۽ کيس ٿئي نٿو. ان ڪردار کي آواز معرفت ادا ڪرڻ جي سونهن، صرف طاهره وٽ هئي.“
هڪ مقامي ٽي وي چينل سان به سندس لاڳاپو رهيو ۽ اتي پروفائل پروگرام ۾ هُن مون کي ريڪارڊ ڪيو هو. مان ۽ فاطمه چينل جي آفيس پهتاسين. هُن گفتگو شروع ڪرڻ کان اڳ حسبِ روايت، وارن جي ڪرندڙ ڇُڳي کي جهٽڪو ڏيئي پري ڪندي، فاطمه کان پڇيو هو، ”اجازت هَي؟“ الاءِ ڇو ان مهل ٽهڪ نڪري ويا هئا. جيتوڻيڪ جملي ۾ ڪجهه به نه هو. 28 مارچ 2017ع تي، اجل کيس بنا اجازت جي وٺي ويو ۽ اسان جي اکين ۾ منظرَ ڌُنڌلا ٿي ويا آهن. ريڊيو اسٽيشن تي اچڻ کان پهرين هُوءَ ڪليگس کان پڇندي هئي، ”ڇا کائيندئو؟“ پوءِ گڏيل فرمائش تي ڪجهه نه ڪجهه گهران ٺاهي ايندي هئي. سڀ گڏجي کائيندا هئا. ٽهڪَ ٻُرندا هئا، جن ۾ سندس آواز بلند ترين هوندو هيو ۽ تن گهڙين کي هُوءَ پوپٽ جهڙا پَلَ سڏيندي هئي.
ٿي سگهي ٿو، اهو سڀ هاڻي به ٿئي. ڪونه ڪو، ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان ڪجهه نه ڪجهه ٺاهي اچي. سڀ گڏجي کائينِ، کِلن ڳالهائين، ٽهڪَ به گُونجن، پر انهن جي گونج ۾ طاهره حسن جو آواز شامل نه هوندو. هُوءَ پنهنجي اندر جي تمام تر سنجيدگين ساڻ، جِي او آر جي قبرستان ۾ آرامي آهي ۽ هاڻي هُوءَ بظاهر وڌيڪ نٿي کِلڻ گهري. ڌڻي کيس بهتر کان بهتر جاءِ ڏئي- آمين. طاهره! انهن سڀني مهربانين لاءِ مهرباني، جيڪي تو اسان ڪليگس تي ڪيون ۽ انهن سڀني سان ڪيون، جن سان تو پنهنجي حياتيءَ جا پوپٽ جهڙا پَلَ ونڊيا.

محمود مغل  سفسسفpomahddka

0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع