گناهه

گناھ
مون زندگي ۾ فقط گناھ ڪيا آهن. منهنجي ساهميءَ جو ثوابن وارو پڙ خالي آهي. جڏهن به ۽ جتي به ڪنهن گنهگار جو ذڪر آيو آهي، تڏهن مونکي پنهنجو ئي خيال آيو آهي. اڄ مان اوهان کي پنهنجن لاتعداد گناهن مان گناھ جي ڪهاڻي ٻڌائيندس. ڪهاڻي منڍ کان شروع نه ڪندس، ڇو جو منهنجيءَ ڪنهن به ڪهاڻيءَ کي منڍ نه هوندو آهي. ڪهاڻي پوري به نه ڪندس، ڇو جو منهنجي ڪنهن به ڪهاڻي کي پڇاڙي نه هوندي آهي. تنهن ڪري ڪهاڻي اڌ مان شروع ڪندس ۽ اڌ ۾ ئي ڇڏي ڏيندس. مون اشارن ۾ ڳالهايو آهي. مان اشارن ۾ ڳالهائيندو رهندس. اهو منهنجو ڏوھ آهي، جيڪو منهنجن گناهن جي فهرست ۾ شامل آهي.
“ته توکي ڪجھ به ياد ڪونهي!” هن ٿڌو ساھ کڻندي چيو، “تو هڪ دفعي چيو هو، ته تون مون کان پوءِ ٻئيءَ ڪنهن عورت سان محبت ڪري نه سگھندين.”
مون منهن ورائي ڏانهنس ڏٺو. رات جو ڳپل حصو گذري ويو هو. لورس برج جي مٿان ڦڻ وانگر بيٺل ٽيوب لائيٽن ۾ مون کيس سڃاڻڻ جو ڪوشش ڪئي، پر مان کيس سڃاڻي نه سگھيس.
چيم، “مان توکي نه ٿو سڃاڻان.”
هن جي چپن تي مايوس مرڪ تري آئي. چيائين، “تو هڪ دفعي چيو هو، ته سمورو جڳ جيڪڏهن جبل وانگر اسان جي وچ ۾ اچي بيٺو ته تون جبل ڏاري ڇڏيندين.”
“مان سمجھان ٿو، توکي ڪا غلط فهمي ٿي آهي.” کانئس جند ڇڏائڻ لاءِ چيم، “يقين ڪر، اهي ڊائلاگ مون توکي هرگز نه چيا آهن ۽ سڀ کان وڏي ڳالھ ته هن کان اڳ مون توکي ڪڏهن به نه ڏٺو آهي.”
هوءَ لورس برج جي لوهي ريلنگس تي ٻانهون رکي، ريل جي پٽن ڏانهن ڏسڻ لڳي. چيائين، “تو هڪ دفعي چيو هو، ته توکي ۽ مون کي جيڪڏهن هڪٻئي کان ڌار ڪيو ويو ته تون خودڪشي ڪندين.”
“پر مان هن پل تان ٽپو ڏيئي آپگهات ڪرڻ لاءِ هتي نه آيو آهيان.” ڪجھ کهري لهجي ۾ چيم، “مان سخت پريشان آهيان، هيڪلن رستن تي نڪري آيو آهيان. تون خدا جي واسطي مونکي اڪيلو ڇڏي ڏي.”
“تون ڪيترو نه بدلجي ويو آهين!” هن ٿڌو ساھ کڻي، مون ڏانهن ڏسندي چيو، “نيپيئر روڊ جا سمورا تماشائي، اڌ رات کانپوءِ جڏهن هڪ هڪ ٿي هليا ويندا هئا، تڏهن تون منهنجي در جي چائنٺ جھلي ويهي رهندو هئين. مونسان شادي ڪري، مون کي چڪلي مان ڀڄائي وڃڻ جون ڳالهيون ڪندو هئين.”
سموري پل پنهنجي پيرن هيٺان لڏي ويئي.
هن چيو، “مون آخرڪار چڪلو ڇڏڻ ۽ شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.”
مان کانئس ٻه قدم پري ٿي بيٺس.
هن چيو، “مون کي تنهنجي ڳولا هئي. صدين کان پوءِ مون تو کي لڌو آهي. ڪڏهن ٿو مون سان شادي ڪرين؟”
“ڳالهه ٻڌ. مان عزت دار ماڻهو آهيان. مونکي چار چڱا سڃاڻن.” کائنس پري ٿيندي چيم، “هن بيگاني وقت جيڪڏهن هتي ڪنهن مون کي توسان ڏسي ورتو ته مان مفت ۾ بدنام ٿي ويندس. سالن جي محنت کانپوءِ پنهنجي معاشري ۾ جيڪو مقام پيدا ڪيو اٿم، ان کان محروم ٿي ويندس.”
هن ڪجھ نه ڳالهايو.
مان کيس پٺي ڏيئي بيهي رهيم. وڏي واڪ چيم، “تون منهنجي دشمن آهين، تون منهنجي دشمن آهين.”
هن ڪجھ نه چيو.
مون منهن ورائي هن ڏانهن ڏٺو.

لورس برج (پل) تي مون کان سواءِ ٻيو ڪو به نه هو.

0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع