وراثت

~~~~~~~وراثت~~~~~~~
------------------
هڪ ڪمري، ورانڊي ۽ ننڍڙي اڱڻ ۾ هڪ وڏو جهان آباد هو. ساري جي موسمن ۾، ورانڊي ۾ جھڙوڪر سگري دُکيل هوندي هئي ۽ منجھس هڪ کٽ ۽ منجي پيل هوندي هُئي اندر ڪمري ۾ ٽي کٽون ۽ هڪ پينگھو. سامهون ئي رڌڻو ۽ غسل خانو هوندو هو... اندر ڪمري مان ٻاهر ڏسڻ لاءِ دري هوندي هئي ۽ اچڻ وڃڻ لاءِ دروازو. هڪ ننڍڙو جھان هو، جنهن ۾ فقير ميان نور محمد، پنهنجي گھر واريءَ، پيءُ ۽ ٻارن سان رهندو هو. ميان نور محمد مغل کي سيوهڻ ۾ “ڪؤڙو” سڏيو ويندو هو. پاڻ ڪورٽ ۾ بئلف هو ۽ پنهنجي والد فقير ميان گل محمد مغل جو وڏو پٽ هو، جنهن صاحب کي درگاهه قلندر رحه جي جاروب ڪشي عنايت ٿيل هئي. گل محمد صاحب بي انتها پڙهيل ڳڙهيل وجود هو. جنهن پنهنجي اولاد کي به تعليم ڏياري هئي. نور محمد پاڻ به فارسي، عربي، اردو ۽ سنڌي ڄاڻندو هو. پنهنجي والد سان گڏ هُو به هڪ ٻئي جهان جو مسافر هو. صبح ساڻ پنهنجي ڪورٽ جي پيشي کان پوءِ هو ٻپهريءَ جو سيوهڻ جي شاهي بازار ۾ تقريبن پنج باءِ پنج فٽ جي هڪ دڪان ۾ حڪمت ڪندو هو. مغرب کان پوءِ مخدوم بصر الدين صديقي رحمت الله عليه جي خدمت ۾ حاضري شروع ٿيندي هُئس. اها حاضري  هونئن ته چوويهه ئي ڪلاڪ هُئي، پر سائين جن کين، دنياوي  امرن کي نمٽائڻ لاءِ ٻيو وقت ڏنو هو. مخدوم صاحب، جيد عالم هو. ولي الله هو. سيوهڻ شريف ته ڇا. ڏيههَ پرڏيهه جا عالم دين سندن مرتبي ۽ حيثيت کان آگاهه هوندا هئا.
گل محمد صاحب، 1940ع جي اوائل ۾ جھان ڇڏيو پر ان کان پهرين، پنهنجي پُٽ کي ٽلٽيءَ جي خاصخيلين مان نياڻي پرڻايائين، جيڪا پاڻ به شاديءَ وقت سن جي هڪ اسڪول ۾ ماسترياڻي هُئي ۽ شمس العلماءِ عمر بن محمد دائود پوٽي جي لاڏلي شاگردياڻي هُئي. ڪنوار جو ويڙهو به علم جي جھان سان لاڳاپيل هو، هيڏانهن هن فقير به اعليٰ تعليم ماڻي هئي. ان هڪڙي ڪمري واري گھر ۾ هڪ جھان آباد ٿيو. ميان نور محمد، پنهنجي غربت ۽ سادگيءَ کي هنئين سان هنڊايو ۽ اهڙو ئي ساٿ سندس ونيءَ ڏنو. جنهن شاديءَ کان پوءِ اها نوڪري ڇڏي ۽ سڄي عمر لاءِ سندس ۽ پوءِ پنهنجي اولاد جي  نوڪريءَ ۾ ارپي ويئي. حنيف الرحمٰن، جيڪو سُتت وفات ڪري ويو. عبدالرحمٰن، خليل الرحمٰن، گل محمد، ٻه نياڻيون ۽ ميان محمود الحسن کين اولاد جي صورت ۾ عطا ٿيا ۽ حياتي، ان سادگيءَ، سونهن ۽ غربت ۾ حسين عڪس پَسائيندي رهي. عجيب هئو فقير نور محمد به. پنهنجي حياتيءَ ۾ ٻن وڳن کان مٿي جو قائل نه هو. هڪ ڌوپجندو، هڪ پائبو هو. جي ڇيھه ٿيو ته کڻي ٽي وڳا. هڪ سادي جُتي هوندي هُئي. هڪ سياري ۾کٿو يا وري هڪ ڪوٽ سدائين هوندو ئي هوندو هو. پٽڪو پهريندا هئا ۽ سونهاري شريف سان بابرڪت چهري جا صاحب هئا. سڄي ڄمار هنن رڳو ٻه تصريرون ڪڍرايون، هڪ حج جي لاءِ فارم ڀرڻ واسطي ۽ هڪڙي، الاءِ ڪيئن ڪنهن اوچتي ڪڍي ورتي. تصوير ڪشي جي برخلاف هئا. شرع جا صاحب هئا.
گھر جو سامان به عجيب هو... برنيون، حڪمت جا ٿانوَ. ڪيمياگري جو سامان، ڪرن ڦُل ۽ بس اهي کٽون، پينگھو ۽ منجي. روز صبح جو هُو گھران نڪرڻ مهل گھر واريءَ کان پڇندو هو. “ڪنوار... اٽو آهي؟” زال کي “ڪنوار” سڏيندو هو. هوءَ هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي هئي ته پڇندو هو “پاڻي آهي؟” نادين ۽ مٽ ۾ پاڻي هوندو هو ته هاڪار ٻڌي شڪر ڪري دفتر روانو ٿي ويندو هو. پوءِ ڪا ڀاڄي هوندي هئي ته ٺيڪ، جي ٽڪي ۾ ملندڙ پڪوڙن جي پڙي آئي ته به ٺيڪ، جي ائين ئي وقت گذريو ته به ڪمال. ان سادي سوديءَ پڙهيل لکيل “ڪنوار” ڪڏهن به اهو ڪونه پُڇيو ته هن “غربت خاني” جو آخر نِيم ڇا آهي؟ هوءَ اولاد کي سکيو رکڻ ڄاڻندي هئي، شايد ان ڪري چڱي چوکي کائڻ  کان لنوائيندي هئي. ان ڪري جڏهن سندس جھان مان رخصت ٿيڻ جا ڏينهن آيا هئا ۽ توڙي جو آسودگي هوندي هئي، پر سندس آخري ۽ ڊاڪٽر پُٽَ کي وڏي ڊاڪٽر، امڙ جي تپاس کان پوءِ چيو هو “توهان جي والده سڄي عمر اوترو کاڌو آهي، جيڪو شايد اسين ٻه سال کن کائيندا آهيون.“ ستر سالن جي ڄمار ۾  ٻه سالن جو کاڌو!... حد آهي...! ان گھر جي ٻي اهم ڳالهه اتان جي آڳر مان، درگاهه جي زيارت آهي، ڇاڪاڻ ته اهو گھر، درگاهه جي اتر کان پهرين گھٽيءَ ۾ درگاهه ڏانهن مُنهن ڪئي، چوٿين نمبر دروازي سان موجود آهي... اندر ڪمري مان بيهه ته گنبذ سڄي گولائيءَ سان نظر اچي ٿو. بلڪه سڄي منظر کي ڀري ڇڏي ٿو. ان گھر ۾ الاءِ ڪيترا ٽهڪ رهجي ويا آهن. فرش کي گرم ڪرڻ لاءِ وڇايل ڳوڻين جو غاليچو، اڄ به سڏيندو رهي ٿو. پڪوڙن جي پُڙيءَ جو ڪاغذ اڃان تائين به ڄڻ ته خوشبو ۽ گيهه جي داغن سان ڀنل آهي. پينگھو لڏندو رهي ٿو، کٽن تي، سادا سودا، ڌوتل هنڌ وڇايل نظر اچن ٿا. رات جو ستارا جھرمر ڪن ٿا ۽ ڏينهن جو روشني رقص ڪري ٿي. منجيءَ تي ڪنوار پنهنجي ننڍڙن ٻارڙن کي پڙهائي ٿي. سندس چريو آخري پٽ، هن جي رئي کي جھلي، بس ڀڄ ڀڄان ۾ پورو آهي.
اهو چريو مان آهيان، محمود... فقير صاحب جو آخري فرزند. جنهن کي سندس ماءُ خط ۾ “نورچشم، راحت جان، پياراپٽڙا ميان محمود الحسن مغل” جي ابتدائيي ۽ “دائمه دعاڳو تنهنجي ماءُ” جي اختتاميي سان ياد ڪندي هئي ۽ جنهن جي ڪنن ۾ اڄ تائين، امڙ جا ٻڌايل لفظ ياد اچن ٿا. جيڪي ابو  کائنس پڇندو هو. “ڪنوار... اٽو آهي؟... پاڻي آهي!” جي سچ پڇو ته اوڇڻ ۽ ڇت کان پوءِ اهي ٻه شيون ئي ته جياپي کي اڳتي ڪن ٿيون. جي والد گرامئي مرتبت، اهڙي سادگيءَ جو صاحب هو. ته اولاد کي ڪجھه ته ميراث ۾ ملندو نه... ۽ جي امڙ، اهڙ حد تي بيٺل هجي جو سندس خوراڪ جو مثال ڏئي سگھجي ته به ڪُجھه پلئه پوندو نه. بابا جو عڪس، اُنهن ٻن تصويرن ۾ سامهون هلي ٿو، ڇاڪاڻ ته مان هنن ساڻ رڳو ست سال ۽ ٻه مهينا گُذاري سگھيس ۽ سي به حياتيءَ جا شروعاتي ڏينهن.. ته بس، ڪجھه به ياد نه آهي. هنن جو  آواز ڪيئن هو؟ کلندا ڪيئن هئا، سڏيندا ڪيئن هئا؟ هنن کي سڏيان ها ته ڪيئن سڏيان ها...! امڙ سائنڻ حياتيءَ جا ٽيٽيهه سال ۽ ٽي مهينا ساٿ جي مهر و عنايت ڪئي. سندس جتيءَ مان نڪتل پٿريون، هڪ بوتل ۾ ميڙي، هي فقير سندس مرڪ، آواز، پيرن جي ترين، آڱرين جي پٻن کي سيني ۾ سانڍي هلي ٿو. سچي ڳالهه ته اها آهي ته انهن ٻنهي جي دعائن مون کي رڱي ڇڏيو آهي. منهنجا عيب ڍڪيل آهن ۽ مون سان پيار ڪرڻ وارا مون کي الاءِ ڇا ٿا سمجھن. انهن ٻنهي جي دعائن جي ڪري منهنجو  مٺو رب، منهنجا اوگڻ ڪنهن کي ڏسڻ نٿو ڏيئي.مان پنهنجي پنجونجاهين جنم ڏينهن تي مالڪ مهربان جو ازحد شاڪر آهيان. جنهن مونکي اهڙا مهربان، سادا ۽ حياتي سيکاريندڙ مائٽ نوازيا. بي انتها پيار ڪندڙ ۽ يتيمي جي دور ۾ سنڀاليندڙ ڀائر ۽ ڀينر ڏنا.حسين دوستن جو ساٿ نصيب ٿيو ۽ مخلص ننڍا مليا، جن به پنهنجي پاران ڪنهن به وت ۾ ڪونه گھٽايو. مالڪ مونکي بي انتها نوازيو آهي ۽ هيل تائين جو سفر پنهنجي سادگيءَ ۽ سونهن سان بي انتها حسين رهيو آهي، اڳتي به ننگيءَ تي ننگ آهي.
مان هڪ بيلف ۽ هڪ ٽيچر جو اولاد آهيان ۽ پاڻ کي مليل ميراث تي فخرمند آهيان. مان عام رواجي جائداد جو صاحب ناهيان، پر مون لاءِ اها وارثي، ڪنهن عظيم الشان ورثي کان گھٽ ڪونهي. پروردگار هنن جا درجات بلند فرمائي. آمين.

                                                                                (محمود مغل)

0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع