احساس جو صليب

احساس جو صليب
اوندھ ۽ سانت جي غفائن ۾ سنڌو مونکي ڳولي لڌو.
        “تون جيئرو آهين!” سنڌوءَ چيو، “خبر اٿئي توکي ڪٿي ڪٿي ڳوليو اٿم؟”
        کيس جواب نه ڏنم. احساس جي صليب تان ڏانهنس ڏسندو رهيس.
        چيائين، “ڀانيو هوم، مُلن توکي ڪهي ڇڏيو هوندو.”
        “منهنجي مٿي تي سڱ ناهن، تنهنڪري مُلن جي نگاھ کان بچي ويو آهيان.” مان احساس جي صليب تان لهي آيس، صليب پنهنجي ڪلهن تي کڻي ورتم. سنڌوءَ جي سامهون اچي بيٺس. چيم، “ٻڪر ۽ مون ۾ فرق فقط ايترو آهي، جو ٻڪر چئن ٽنگن وارو جانور آهي ۽ مان ٻن ٽنگن وارو جانور آهيان.”
        سنڌو کلي پيئي.
        مان پنهنجي جملي تي کلي نه سگھيس.
        چوندا آهن، ٻئي کي کلائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. پر، مون محسوس ڪيو آهي ته زندگيءَ ۾ انيڪ گھڙيون اهڙيون به اينديون آهن، جڏهن انسان ٻين کي کلائي سگھندو آهي، پر پاڻ کلي نه سگھندو آهي.
        مون سنڌوءَ کي چيو، “پنهنجو غم لڪائي کلڻ وڏو آرٽ آهي. مان اهو فن توکان سکندس.”
جيئن ڪو هوا جو جھوٽو اچي ۽ ڪا لاٽ اجھامي وڃي، تيئن سنڌو وسامي ويئي. پر پوءِ هڪدم پاڻ کي سنڀالي ورتائين. ڳالھ بدلائڻ لاءِ پڇيائين، “تون ڪنهن ڪنهن وقت ڪيڏانهن غائب ٿي ويندو آهين؟”
        “مان احساس جو صليب پنهنجن ڪلهن تي کڻي، اگھاڙين پيرين پٿر ۽ چن جي زمين تي هلندو رهندو آهيان.” وراڻيم، “ٿڪبو آهيان ته اوندھ ۽ سانت جي غفائن ۾ صليب کوڙي، پاڻ کي مٿس لٽڪائي ڪجھ دير ساھ پٽي وٺندو آهيان.”
سنڌو وياڪل ٿي ويئي. چيائين، “تو واعدو ڪيو هو ته مايوس نه ٿيندين!”
“مان مايوس ناهيان سنڌو،” چيم، “مان احساس جي صليب سان ٻڌجي ويو آهيان. هڪ فرد جي حيثيت ۾ مان اندر ئي اندر ڪچيءَ مٽي جي مقبرن وانگر ڀڄان ٿو، ڀران ٿو.”
منهنجي ٻانهن ۾ هٿ وجھندي چيائين، “اڄ عيد جو ٽيون ڏينهن آهي. ٻاهر هلي ڏس ته ماڻهو ڪيترو نه خوش آهن.”
وراڻيم، “جيستائين ڪشمور کان ڪراچيءَ تائين سنڌ مٿان بيٺل آسمان تي اميدن جي انڊلٺ نه اڀرندي، تيستائين خوشي اسان کان رڃ وانگر پري رهندي.”
زور ڀريائين. چيائين، “تون هل ته سهي.”
“ٻاهر سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جو ثقافتي قتل هلي رهيو آهي.”
چيم، “زخم تازو آهي، مان ٻاهر هلي نه سگھندس.”
حيران ٿي پڇيائين، “ڇا جو زخم؟”
        “عيد ڏينهن، سنڌ جي ٽيليويزن اسٽيشن تان، ڇهن ڪلاڪن جي پروگرامن مان سنڌي ٻوليءَ کي پندرهن منٽن جي خيرات ڏني ويئي هئي.” چيم، “مون کي احساس آهي ته Audio – Visual عمل ۾ ڪيڏي طاقت هوندي آهي ۽ ان سان ڇا حاصل ڪري سگھجي ٿو، ڇا برباد ڪري سگھجي ٿو. ٽيليويزن ۾ آڊيووزوئل سودائي ڪري ڇڏيو آهي.”
سنڌوءَ چيو، “اڪيلائيءَ توکي سودائي ڪري ڇڏيو آهي.”
“سنڌ لاءِ سوداءُ موجوده ٽهيءَ جي ميراث آهي.” چيم، “اسين ان احساس کان سواءِ جي نه سگھنداسين.”
پڇيائين، “گھڙي کن لاءِ به ٻاهر هلي نه سگهندين؟”
وراڻيم، “ٻاهر رت ۽ ڪچي گوشت جي بوءِ آهي.”
پڇيائين، “اها بوءِ ڪڏهن ختم ٿيندي؟”
وراڻيم، “جڏهن رت ۽ ڪچي گوشت سان بارود شامل ٿيندو.”

سنڌو هلي ويئي، مون اوندھ ۽ سانت جي غفائن ۾ پاڻ کي احساس جي صليب تي لٽڪائي ڇڏيو.

0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع