حال حبيبان پيش پريان

حال حبيبان پيش پريان
اندر جو آگم هلندو رهي ٿو.
الاءِ ڪيتريون ڪيفيتون آهن جيڪي سمجهه کان ٻاهر هونديون آهن. عمر جي اڌ صدي گذارڻ کان پوءِ به جي سمجهه پلئه نه پوي ته ڇا ٿو ڪري سگهجي! پنهنجي ڪُوڙهه مغزيءَ تي، ماٺ به نه ٿي اچي. الاءِ ڪيترن آوازن جو سڏ ورنائڻو پوي ٿو. پاڻ کي پاڻ ئي جواب ڏيڻو پوي ٿو ۽ پنهنجي جواب تي پاڻ ئي کِل به اچي ٿي ته هل پنهل... وقت جو ايڏو وهڪرو ايترو به نه سيکاري سگهيو! ’خواب نگر‘ جون وارتائون اصل ۾ اندرَ جون ڪهاڻيون هونديون آهن، جيڪي لکبو آهي يا لکجي ويندو آهي اهو دراصل، اسان ۽ اوهان جي روئداد هوندي آهي. اک ڪو منظر جهٽيندي آهي، ڪنن ۾ ڪُجهه ٻُرندو آهي، الاءِ ڇو اها ياد وڻ ويڙهيءَ جيان وڪوڙي ويندي آهي. آچر جو ڏينهن ڀاڪر ۾ ڀري وٺندو آهي.
گذريل هفتي اوهان جون انيڪ ڪالون مليون، اِي ميلز الڳ هيون، فقير ڇا ورندي ڏئي! ڪهڙو جواب ڪشڪول مان ڪڍي ۽ مانائتن مهربانن جي خدمت ۾ پيش ڪري!؟ جن وٽ سوال هوندا آهن، انهن وٽ ئي جوابن جي حاضري به درج ٿيل هوندي آهي. ورهيه ٿيا، سوال جو ڪاسو ڀڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته جوابَ، خودبخود الاءِ ڪيڏانهن غائب ٿي ويا... تڏهن خبرَ پئي، سوالُ، جوابَ جي ٻانهن جهلي ايندو آهي، اوهان سوال ڪريو ٿا، فقير ورندي عرض ڪري ٿو. اها ورندي به اوهان جي ئي مرضي هوندي آهي. اوهان جو سوال، فقير جي جواب جو هٿ جهلي ايندو آهي... ۽ هونئن به عزيزانِ من، ڪهڙو جواب عرض ڪجي! علم و عقل جي جنهن پدَ تي اوهان بيهاريو ٿا، اهو اوهان جو وڙ آهي. هتي ته حيثيت جي خبر آهي نه، بس رڳو قبول پوي، ان کان وڌيڪ ڪهڙي عنايت ٿي سگهي ٿي...!
اسين دراصل پنهنجي اندر ۾ هڪ جهان آباد ڪندا آهيون، ان ۾ پنهنجن سڄڻن، محبوبن، مٺن، گهڻ گهرن ۽ دشمنن کي رهائيندا آهيون. اسان وٽ اسان جو دشمن به اسان جي ئي مرضيءَ سان رهندو آهي. جي اسان جي مرضي نه هُجي ته ائين هُو، اندر جي وڏي ڪمري ۾ صَوفَي تي، ٽَنگَ ٽَنگَ تي رکي ويهي! ائين هر هر اسان جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي! ائين اسين هر هر سندس نئين وارَ جو انتظار ڪريون!!
ڪنهن مهربان سوال ڪيو: ”ترجمن تي زور ڇو اٿوَ؟ خواب نگر ۾ هاڻي موضوع نه ٿا ملنوَ يا واٽس ائپ، جان ڇڏائڻ ۾ مددگار ٿو لڳيوَ، مڙئي خال ٿا ڀريو، ٻيو ڪو موضوع نه ٿو مليوَ ته ترجمو ڏئي مڙئي پئمينٽ وٺڻي اٿوَ ڪالم جي.“
حوالن ۾ نالا نه لکبا آهن، زبان تُند هُجي، لهجي ۾ ڪٽار هُجي ته نالو نه کڻڻ گهرجي. جيڪي ٻاجهه ڪن، مٿي تي هٿ ڦيرين، پٺيءَ کي دلاسو ڏين، انهن جو نالو کڻڻ گهرجي ۽ بار بار کڻڻ گهرجي، اندر جي گهاءَ جو سبب ’گمنام‘ ئي رهي ته بهتر آهي.
هن غريبَ، 1975ع کان علم و ادب جي پڙ ۾ پير ڌريو آهي. ان حساب سان ساندهه 42 سال لکڻ جو بخت مليو آهي، انهن 42 سالن ۾ صرف هڪ ناٽڪ، ’ماخوذ‘ رهيو آهي. جنهن جي اسڪرپٽ تي ’ماخوذ‘ وڏن اکرن ۾ لکيو هئم، پر مرحوم منظور مگسي صاحب کان اهو اکر رهجي ويو ۽ اهو ناٽڪ، ’اڻ ڏٺل موسم‘ جي نانءَ سان ٽيليڪاسٽ ٿيو. لک معذرتون ڪيم. منظور سائينءَ کي منٿ ڪيم، پر اسڪرول نه مَٽيو. ان هڪ تحرير کان سواءِ، حياتيءَ ۾ جيڪي ڪُجهه به عنايت ٿيو آهي، اهو نجو آهي. هاڻي جي ترجما به ڪيا هوندا ته انهن جو حوالو به سنئون سڌو سامهون هوندو، ڪا چوري نه ڪئي هوندي، ڏاڍي لڄ ايندي آهي پاڻ بابت ڪُجهه لکندَي، پر مرحوم قبلا انور هالائي صاحب جي سکيا هيٺ، هن غريب ترجمي جو ڪم شروع ڪيو ته سندس چواڻيءَ ”تُنهنجي انگريزي ڪمال آهي ڇوڪرا“... جڏهن به ڪيو هوندم ته انگريزيءَ مان ئي ترجمو ڪيو هوندو، اردوءَ تان ترجما مون گهٽ ڪيا آهن. هاڻي جي انگريزيءَ ۾ ڪا ڀلي ڳالهه آهي ته ڇا اها ترجمو ڪري، ’پيش پريان‘ نه ڪجي! ’حال حبيبان‘ جيڪو به آهي، ان تي شرمساري ڪانهي قبلاَ. نه آهي، نه هُئي ۽ ڌڻي مٺڙو ڪندو ته هوندي به ڪانه. جي واٽس ائپ تي چڱيون شيون آهن ۽ حوالي طور ڏجن ٿيون ته ان ۾ ڪهڙي قباحت آهي! خوشبوءَ جو ڪو نالو ٿورئي هوندو آهي. اها ته خوشبو ئي هوندي آهي سائين... نانءُ رکڻ ته اسان جو ڪمال آهي.
سيوهڻ شريف جي قاضي محلي ۾ اسان جو گهر هو. درگاهه شريف کان ڪُجهه وکن جي مفاصلي تي، اتر طرف پهرين گهٽيءَ ۾ گهر ڇا هو! هڪ وڏو ڪمرو، دالان، اڱڻ... قبلا والد صاحب، ڪورٽ ۾ بيلف هوندا هُئا ۽ حيرت انگيز ڳالهه اها هُئي ته سندن حڪمت جو چؤٻول به چؤطرف هو. گهر ۾ دوائڻ جي خوشبو هوندي هُئي. جارن ۾ شيشيون سٿيل هونديون هيون. ’ڪرن ڦُلَ‘ مان نڪرندڙ شربت جي ٻاڦَ ماحول کي عجيب رنگ ڏيندي هُئي، بابا سائين قبلا فقير هُئا. فقرائي رنگ ۾ گهر ۾ ڪهڙو سامان ٿي سگهي ٿو، ڪُجهه کٽون هيون ٻه پينگها ۽ ڪُجهه منجيون... باقي وڃي ٿيو ڪُل خير.
هاڻي ان حال ۾، سندن سنگت ايندي هُئي ۽ ان گهر جي ’عظيم الشان‘ فرنيچر تي وقت گذاريندي هُئي پينگها اندر هُئا، سو پرديداريءَ جي ڪري، انهن تي ويهڻ جو ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. باقي گهمي ڦري ٻاهر اهي منجيون ۽ کٽون بچنديون هيون، انهن تي ابي جا ٻه گهاٽا دوست اچي ويهندا هُئا.
ابو بيلف هو ۽ سندس ٻن دوستن مان هڪڙو، سائين جسٽس فيروز نانا صاحب هو ۽ ٻيو پنهنجي وقت جو رُعبدار وزير، مرحوم سائين حاجي مولا بخش سومرو صاحب. جنهن مهل، اهي اسان جن انهن ڪکن ۾ اچي ويهندا هُئا ته عهدن تي فائز هُئا، ائين به ڪونه هو ته ڪو لٿل هُئا. بس دوست هُئا ۽ کين پنهنجي حبيب جي حال جي خبر هُئي، جيڪو هُو پيش پريان ڪندو هو ۽ جنهن کي پيش ڪندي هُو ڪڏهن به گهٽتائي محسوس ڪونه ڪندو هو، ڇاڪاڻ ته اهو ئي اصل هئو. نِج هو، سچ هو.
مُنهنجو نالو گامون سچار ناهي، پر مان ان ئي فقير سائينءَ جو آخري فرزند آهيان. مُنهنجي اندر جي گهر ۾ اهو ئي غريباڻو فرنيچر آهي ۽ مان اوهان جهڙن صاحبن جو شڪر گذار آهيان، جو اوهان خواب نگر ۾ اچي اتي ويهڻ پسند ڪريو ٿا، ويهو ٿا، تڏهن ته هن گهرَ جي ڪچائي پڪائيءَ جي خبرَ پوَيوَ ٿي نه. هاڻي جي دوستيءَ جي دعويٰ ٿا ڪريو ته ڪيئن ٿا اهو سوچيو ته فقير جان ڇڏائيندو!... واٽس ائپ يا ٻين سلسلن جي مدد تي ڀاڙيندو رهندو؟... مون کي مُنهنجي ربَ مٺڙي جيڪي ڪُجهه عطا ڪيو آهي، اهو مُنهنجي حيثيت کان گهڻو آهي، اهي کٽون ۽ منجيون، اهي ترجما ۽ حوالا، حاضر اٿوَ، ’حالُ حبِيبَان پيشُ پِريَان‘ آهي ۽ وڏي اعتماد سان آهي. اوهان کي پنهنجو سَمجهندي، هي فقير اوهان کي موجود مايا آڇي ٿو. ڪالم جي مايا به ملي ٿي، پر ڇا ايترو سستو سؤدو ڪجي، جو خواب وڪجندي، مُنهن مٿو پٽينِ!؟
اندر جون ڪيفيتون وڪري لاءِ نه هونديون آهن. قصو پئمينٽ جو ناهي، قصو ان حال جو آهي، جيڪو پيش ڪجي ٿو. الاءِ ڇو اهو حال پِريُن وٽ پيش ٿئي ٿو ته اهي سندس مُلهه ڪَٿڻ شروع ٿا ڪن. ائين آهي ڇا ’حبيبُ‘ ته اهو ئي آهي، ’پِرِين‘ مَٽجي ويا آهن.

                                                                                         

0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع