مون کان پڇن ٿا ته هوءَ ڪير آهي؟

مون کان پڇن ٿا ته هوءَ ڪير آهي
مون سنڌوءَ کي چيو، “ماڻهو مون کان تنهنجي باري ۾ پڇا ٿا ڪن.”
حيران ٿي پڇيائين، “منهنجي باري ۾؟”
“ها تنهنجي باري ۾.”
“ڇا ٿا پڇن؟”
“پڇن ٿا ته تون ڪير آهين. ڪيئن آهين_ ڪٿي آهين.”
“پر منهنجي باري ۾ توکان ڇو ٿا پڇن؟”
مون سنڌوءَ ڏانهن نهاريندي چيو، “عرش جي بلندين بابت فرش جي بستين کان ئي پڇا ڪئي ويندي آهي.”
ڪجھ حيا ۽ ڪجھ ڪاوڙ مان چيائين، “توکي اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ نه گھرجن.”
چيم،  “ته توکي به مونکان اهڙا سوال پڇڻ نه گهرجن.”
پڇيائين، “ڪنهن منهنجي باري ۾ پڇيو هوءِ؟”
“گذريل هفتي روهڙيءَ ويو هوس.” چيم، “ڪجھ نوجوان ملڻ آيا هئا. ادب، سياست ۽ سنڌ جي آئيندي بابت ڳالهائڻ کانپوءِ منجھائن هڪ ڄڻي پڇيو، ته سنڌو ڪير آهي.”
“تو ڪهڙو جواب ڏنن؟”
“مون کي ياد ناهي ته مون ڪهڙو جواب ڏنو هو.”
“عجيب انسان آهين!”
“مون کي فقط ايترو ياد آهي، ته جنهن جاءِ ۾ اسين ويٺا هئاسين سا جاءِ سنڌوءَ جي ڪناري، رستي جي ٻئي پاسي ٺهيل هئي. سندس سوال ٻڌي مون دريءَ کان ٻاهر سنڌوءَ ڏانهن نهاريو هو. سنڌوءَ ڏانهن نهاريندي مونکي هماليه جي عظمت ۽ هماليه جي بلندي ياد آئي. ورڻيم، “نوجوان جو سوال ٻڌي ته تون ڪير آهين، مونکي عرش جي دامن وانگر بيداغ، پاڪ ۽ صاف هماليه جي چانديءَ جھڙي چمڪندڙ برف ياد آئي هئي.”
سنڌوءَ ناراض ٿي منهن ڦيري ڇڏيو.
مون نوجوانن جو سوال ٻڌي، کين ٻڌائڻ چاهيو هو ته سنڌوءَ جو سڱ هماليه جي بلندين ۽ عرش جي عطمتن سان آهي. سنڌو منهنجي لاءِ آسمانن کان مقدس آهي. هوءَ تهذيب جي سلسلي جي ڪڙي آهي. هوءَ شاهه لطيف جي سر سارنگ وانگر ڌرتيءَ لاءِ مهر جي علامت آهي. مان سنڌوءَ کي ڏسي، تسبيح جي داڻن تي ڀٽ ڌڻيءَ جي هڪ بيت جون ٻه سٽون ورجائيندو آهيان.
“جي وسڻ جا ويس ڪري، ته ڪڪر ڪن ڪيهان،
بادل ٿي بيهان، جي آگم اچڻ جي ڪرين.”
سنڌوءَ خفي ٿيندي چيو، “ماڻهن کي منهنجي باري ۾ توکان پڇا ڪرڻ نه گهرجي. تون سودائي آهين.”
“مان ئي آهيان، جنهن کي خبر آهي ته تون ڪير آهين.” چيم، “مان ئي آهيان، جنهن کي  خبر آهي ته اروڙ جي قلعي ٻاهران ان وڄ جھڙي تلوار سان وڙهندي جنهن ڌرتيءَ کي زندگيءَ جو دان ڏنو هو، سا سنڌو هئي. هوءَ به سنڌو هئي، جنهن علاءُالدين خلجيءَ جي خونخوار فوجن جا پاسا ڪڍي ڇڏيا هئا. هوءَ به سنڌو هئي، جنهن هيمو ڪالاڻيءَ کي شهادت کان ٽي ڏينهن اڳ سنڌ جي مقدس مٽيءَ جو تلڪ ڏنو هو.”
سنڌوءَ ڪجھ نه چيو. مون سندس اکين ۾ لڙڪ ڏٺا. مان سنڌوءَ جي باري ۾ فقط لکي سگھان ٿو ٻڌائي نٿو سگھان.
سنڌو ازل کان آهي. سنڌو حياتي مماتيءَ کان آزاد آهي. گناهن، ثوابن، گلائن کان اڳتي جتي ڪائي ڪلفت نه آهي اُتي هوءَ آهي جتي مان نه آهيان، اُتي هوءَ آهي.

مون کان تڏهن به پڇن ٿا ته هوءَ ڪير آهي!

0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع