چريا ڪٿان جا.....!

~~~~~چريا ڪٿان جا.....!~~~~~
----------------------------------------
مائرن جا ڏهاڙا، دُنيا ۾ مختلف ڏينهن تي ملهايا ويندا آهن. ناروي ۾ فيبروريءَ جي ٻئين آچر کان اهو ڏينهن ملهائجڻ شروع ٿيندو آهي ته انڊونيشيا ۾ 22 ڊسمبر تي اها سرخوشي سامهون ايندي آهي. هر ملڪ ماءُ کي ڄاڻي ٿو ۽ هونئن به ماءُ جو ته هر ڏهاڙو آهي، ڪنهن هڪ تاريخ سان ڇا ڪرڻو آهي. ڪنهن مهربانَ، امڙ جي حوالي سان هڪ آرٽيڪل موڪليو، روحَ سَٽَ کاڌي ۽ اُن جو ترجمو اوهان جي خدمت ۾ حاضر آهي.
”ماءُ جي محبت بابت ايئر وائس مارشل، رٽائرڊ ملڪ خداداد خان لکندي، پڙهندڙن جي دل کي مُٺ ۾ جڪڙي ٿو.’امان ان وقت اسان کي زهر لڳندي هُئي جڏهن هو سياري ۾ زوريءَ اسانجو مٿو ڌوئيندي هُئي. لڪس، ڪَپري، ڪنهن ڏٺا هُئا! کجيءَ مارڪ صابڻ سان ڪپڙا به ڌوپجندا هُئا ته مٿو به. اکين ۾ صابڻ ڪنڊن جيان چُڀندو هو ۽ ڪنَ امان جي دڙڪن ساڻ ڳاڙها ٿي ويندا هُئا. اسان جي ٿورڙي شرارت تي ئي امان باهه ٿي ويندي هُئي ۽ ڪپڙن ڌوئڻ واري سونٽي کڻي وٺندي هُئي جنهن کي اسان جي ٻوليءَ ۾ ’ڊمني‘ سڏيندا هُئا... پر ڪڏهن اها سونٽي هنيائين ڪونه... وقت سِر ڪڏهن ڏاڏي بچائيندي هُئي، ڪڏهن اَبو.... ۽ ڪڏهن مان پاڻ ڀڄي ويندو هُوس. ڳوٺ جي رونقن کان پريان، پوکن جي بلڪل وچ ۾ اسان جو ديرو هيو، ديري کان شاخ ڪناري هلندي ڳوٺ تائين وڃڻ اسان جو سڀني کان وڏو ’شاپنگ ٽُوئر‘ هوندو هو. ۽ ان ٽُوئرَ کان محروم رهڻ اسان جي سڀ کان وڏي بدنصيبي...جي ڪڏهن امان اڪيلي ڳوٺ هلي ويندي هُئي ته موٽ تي مون کي ننڍين ننڍين شين سان پرچائڻ جي ڪوشش ڪندي هُئي...مان پهرين ته ننڍڙن هٿن سان کيس ماريندو هُئس، سندس رئو ڇڪيندو هُئس ۽ پوءِ سندس ڪڇَهه ۾ مُنهن رکي، ڳلو ڦاڙي روئندو هُئس. جي امان مون کي پاڻ ساڻ وٺي ويندي هُئي ته مان ڪُڏَ ڏيندو، ٽپَ ڏيندو سندس ڪڍ ڊوڙندو رهندو هُئس. شام ڌاري جڏهن ڳوٺ مان موٽڻو هوندو هو ته مان ڏاڍو روئندو هُئس. مون کي ڳوٺ ڏاڍو سٺو لڳندو هو. ”امان... اسان ڳوٺ ۾ ڪڏهن رهنداسين؟...“ مُنهنجي سوال تي امان سدائين اهو گَسيل جواب ڏيندي هُئي ”جڏهن تون وڏو ٿيندين... نوڪري ڪندين... الاهي پئسا ٿيندا... تُنهنجي شادي ٿيندي...“وغيره وغيره...۽ ائين اسان ماءُ پُٽ، ڳالهيون ڪندا، اونداهي ديري تائين اچي پڄندا هُئاسين.
مون کي ياد آهي، ڳوٺ ۾ بابا مظفر جي شاديءَ جو جشن هو. اتي ٻرڻ وسامڻ واريون بتيون به لڳل هيون ۽ ڦٽاڪا به ڦاٽي رهيا هُئا. مون امان کي ڏاڍيون منٿون ڪيون ته رات هتي ئي رهي ٿا پئُون، پر هن صفا نه مڃيو. جڏهن مان روئندو روئندو سندس پويان ڳوٺان واپس اچي رهيو هئس ته ٻَنيُن مان لنگهندي، مُنهنجي نيت ۾ کوٽ اچي وئي ۽ مان ماٺڙي ڪري ڳوٺ موٽي ويس. شام جو وقت هو. امان کي ڳچ دير کان پوءِ مُنهنجي گم ٿيڻ جو احساس ٿيو، هوءَ چرين وانگر رات جي گگهه اوندهه ۾ ٻَنيُن ۽ ميدانن ۾ مون کي رڙيون ڪري سڏيندي رهي ۽ ديري کان وٺي ڳوٺ تائين، هر کُوهَه ۾ هٿَ بتي لڙڪائي ڏسندي رهي. رات جو دير سان جڏهن مان شاديءَ واري گهران ظاهر ٿيس ته هن شينهڻ جيان مون تي حملو ڪري ڇڏيو. ان رات جي ڳوٺ جون مايون مون کي نه بچائين ها ته امان ته مون کي ماري ئي ڇڏي ها. هڪ ڀيري، بابا پنهنجي پير صاحب سان ملڻ لاءِ سرگوڌا ويل هو. مان تنهن وقت ڇهن ستن سالن جو هُئس. تيز تَپُ ٿي پيم. امان مون کي لوئيءَ ۾ ويڙهي ڪلهي تي کنيو ۽ ٻَنيُن، ڪَسيُن ۽ موريُن مان لنگهندي، مون کي ٽي ڪلوميٽر پريان، هڪ ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ وئي، موٽ تي هڪ موري ٽپڻ جي ڪوشش ڪندي هوءَ ان ۾ ڪري پئي، پر ڪرندي ڪرندي به مون کي بچائي ورتائين. سندس واتان پنهنجن ساهرن لاءِ ڪُجهه ناروا لفظ نڪتا هُئا...اهو واقعو مُنهنجي حياتيءَ جي سڀ کان پراڻين يادگيرين مان هڪ آهي. يقينن هوءَ هڪ همٿ واري خاتون هُئي، جيڪا آخري ساهه تائين محنت جي چڪي پيهندي رهي. پوءِ الاءِ ڪيئن مان وڏو ٿي ويس ۽ امان کان ڏاڍو پري هليو ويس. سال کن کان پوءِ گهر ايندو هُئس ته امان سيني سان لائي ڀاڪر پائي، ڏاڍو روئندي هُئي ۽ مان سڀني آڏو پيو کلندو هُئس. پوءِ رات جو جڏهن سڀئي سمهي پوندا هُئا ته مان سندس پاسو جهليندو هُئس ۽ سندس چادر ۾ مُنهن لڪائي جامَ روئندو هُئس. امان ٻَنيُن ۾ گاهه ڪندي هُئي ۽ هڪ وڏي ڳنڍُ، مٿي تي کڻي، گهر اچي ڪُتر مشين جي سامهون اڇلائيندي هُئي. ڪڏهن ڪڏهن پاڻ اهو گاهه ڪتر جي مشين ۾ وجهي پاڻ ئي مشين هلائيندي هُئي. مان گهر هوندو هُئس ته پنهنجي وِتَ آهر سندس هٿ ونڊائيندو هُئس. جڏهن مان مشين هلائي ٿڪجندو هُئس ته ڪنن ۾ سس پُس ڪندي چوندي ”فلاڻي گهر ۾ تُنهنجي ڳالهه چَوريان؟“ هوءَ ڄاڻندي هُئي ته مان پيدائشي عاشق آهيان ۽ اهڙي قسم جون ڳالهيون، مُنهنجي بئٽري فل چارج ڪنديون آهن. پوءِ اسان ڳوٺ ۾ گهر ٺاهي ورتو ۽ امان پنهنجي پسند سان مُنهنجي شادي ڪرائي. مان فئملي وٺي شهر هليو آيس ۽ امان ڳوٺ ۾ پنهنجي الڳ دنيا آباد ڪري ورتي، هُوءَ مُنهنجي پهرئين پُٽ جي ڄَم تي شهر به آئي. مون کيس سمنڊ جو سير ڪرايو. ڪلفٽن جي ڪنارن تي چانهن پيئندي هن چيو، ”هن سمنڊ کان ته اسان جي ديري وارو ڍورو چڱو آهي.“
امان بيمار ٿي ته مان موڪلن تي هُئس. الاءِ ڪيترا ڏينهن کيس باسڪوپان کارائي اهو ئي سمجهندو رهيس ته پيٽ جو ڪو معمولي سور آهي، جلد لهي ويندو. سور وڌيو ته شهر جي وڏي اسپتال جو رُخ رکيم جتي ڊاڪٽر ٻُڌايو ته جگر جي ڪئنسر جي آخري اسٽيج آهي. رت جي هڪدم ضرورت پئي ته مان پاڻ بلڊ بئنڪ ۾ وڃي ليٽيس. امان کي خبر پئي ته هن ڏک وچان ڏسندي رڳو ايترو چيو، ”ڇو ڏنئي رت...؟ ڪٿان خريد ڪري اچين ها...چريا ڪٿان جا...“ مان رڳو ايترو چئي سگهيس، ”امان، رت جي ڪُجهه ڦڙن سان، ته اهو قرض به نه ٿو لهي سگهي، جيڪو تون مون کي کڻي ڳوٺ جي ڊاڪٽر وٽ ڀڳي هُئينءَ ۽ موٽ ۾ موريءَ جي اَڏَ ٽپندي ان ۾ ڪري پئي هئينءَ.“ ٻارن وانگر کلڻ لڳي ته مون چيو، ”امان، مون کي معاف ڪجانءِ....مان تُنهنجي خدمت ڪري نه سگهيس.“
مُنهنجو خيال آهي ته مون شايد ئي پنهنجي ماءُ جي خدمت ڪئي هُجي...وقت ئي ڪونه مليو...پر هوءَ وڏي دل واري هُئي، مؤت جي بستري تي، جڏهن مان هر هر کائنس پنهنجين ڪوتاهين جي معافي گهر رهيو هُئس ته هُوءَ چوڻ لڳي...”مان راضي آهيان تو مان پُٽ...تون ڇو ٿو هر هر معافيون گهرين؟“ امان مُنهنجي سامهون دم ڏنو، پر مان ڪونه رنس، ٻئي ڏينهن مٿو ڳرو ٿيڻ لڳو ته مقام تي هليو ويس ۽ سندس قبر وٽ نڙي ڦاڙي رنس. امان کان وڇڙي سال ٿي ويا. هاڻي ته پڪَ به نه ٿي ٿئي ته امان ڪڏهن هن دنيا ۾ هُئي به يا نه هُئي. سڀ ڪُجهه ياد ايندو آهي ۽ ڪُجهه به ياد نه ايندو آهي.“
تحرير، اکين جي آب کي ظاهر ڪري وئي. بس چئو طرف ڄڻ آواز ئي آواز هو ”چريا ڪٿان جا...چريا ڪٿان جا...“ هي مائرون اسان کي چريو ڇو سمجهنديون آهن؟
                                                                                    محمود مغل 


0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع