محبت جي گوءِ

محبت جي گوءِ
هنن نهاريو هو ۽ گهِري مُرڪ آڇيندي پُڇيو هُئائون، ”مُنجهيل سُٽُ ته ڪونهي. سنئين سڌي ڳالهه آهي. سوال جو جواب ورنايو ته هارائڻ کان پوءِ ماڻهوءَ وٽ ڇا بچندو آهي؟“ سڀ ڪلاس ۾ موجود هُئاسين، عملي حياتيءَ جي حوالي سان سبق جاري هو. سائينءَ، زندگيءَ ۾ فتح و شڪست جي رنگن کي واضح پئي ڪيو ۽ سڀ حيرتن جي جهان مان ٽٻيُون کائي، پُسِي حيرتزده ٿي رهيا هُئاسين. ”هِن حياتيءَ ۾ انسان رڳو کٽڻ لاءِ ئي ايندو آهي ٻچا.“ هڪ هڪ ڏانهن نهارڻ جو کين ملڪو حاصل آهي. انداز ڪمال هوندو اٿن. اکين ۾ ديد جي جاءِ تي الاءِ ڇا ڇا کڻي ايندا آهن. پيار، محبت، ڪاوڙ، گهُورَ، سمجهاڻي. ڄڻ ته انهن جاڙن ڀِرُن جي هيٺان، اُڇل جا منتظر هوندا آهن. ”ڪير آهي جيڪو هارائڻ جي سوچ کنيو، دنيا ۾ نروار ٿيندو هُجي!؟ ميدان کڻي ڪهڙو به هُجي، هوندو هر ڪنهن کي کٽڻو ئي آهي. رانديون، نوڪريون، عهدا، رشتا، رشتيداري، جتي نِهارِ اتي هر ڪنهن جو هٿُ، فتح جي هٿ کي جهلڻ جو منتظر هوندو آهي. شڪست کي ته ڄڻ ڪرايُون ئي نه هونديون آهن سهڻا...بلڪه، سدائين بنان ٻانهن جي هوندي آهي.“
سڀني هڪٻئي ڏانهن نهاريو، سائين پاڻيءَ جو هڪ وڏو ڍڪ ڀريو ”هوندي بنان ٻانهن جي آهي، پر جنهن مهلَ پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ گهُري، ته الاءِ ڪٿان، منجهائنس هڪ ڀاڪر نڪري ايندو آهي، جيڪو شڪست خورده کي ساڻ وٺي ويندو آهي.“
”شڪست کي هٿ معنيٰ ناهي هوندو سائين؟“ هڪ شاگرد پُڇيو. ”اهو ئي ته چوان پيو نه بابلا...شڪست وٽ وجود هوندو آهي، دسترس هوندي آهي، دَست نه هوندو آهي. بنان هٿن جي هٿ جهلي وٺندي آهي...ماڻهو فتح جي سرخوشيءَ کان دامن ڇڏائي ويندو آهي، شڪست جي الم کان پري ناهي وڃي سگهندو...هٿ جهلي ته سڏڪو ته آيو ئي آيو.“
”اسين شڪست کان ڊنل هوندا آهيون سائين؟“ سوال بُلند ٿيو، ته هنن جي اکين جو رنگ ڄڻ مَٽجي ويو.“ اسين دراصل پنهنجو پاڻ کان ڊنل هوندا آهيون شهزادا، شڪست ۽ فتح سان اسانجو ڪو خاص جهان ناهي هوندو. انهن سان جُڙيل احساسن ۽ پنهنجي ردِعمل جي خوف ۾ اسين ڀڄندا ڀرندا رهندا آهيون. فتح جي خوشي ملي ته ڊپ وڪوڙي ويندو آهي ته ڪنهن جي نظرَ نه لڳي...ڪا هُوسَ، ڪا بدنظري کائي نه وڃي ۽ شڪست جو درد عنايت ٿئي ته ٻين جي ڪهل ڀريل نگاهن جو وزن سَٺو ناهي ٿيندو. ماڻهو پاڻ تي پاڻ ئي بار ٿي ويندو آهي.“ حياتيءَ جي هڪ بازي تازي تازي هارائي آيو هوس. اعتبار جو هڪ رشتو وري ڀور ڀور ٿيو هو. محبت ڪُجهه وکون پريان اچي، سائي جهنڊي کڻي هلي وئي هُئي. رشتن جو ڀرم قائم نه رهيو هو. مان هن ڀيري به بازي هارائي ئي موٽيو هُئس ۽ انهيءَ جي کين پروڙ هُئي. ٻُڌائڻ جي کين ڪا خاص ضرورت نه هُئي، ماڻهو هارايل هُجي ته پري کان پڌرو هوندو آهي.
”حياتيءَ جي وڏين جنگين مان محبت به هڪ هوندي آهي، بلڪه ائين کڻي چئجي ته وڏي ۾ وڏي جنگ هوندي ئي محبت آهي. انسان پنهنجو الهه تلهه لڳائيندو آهي ۽ نتيجو ڪڏهن مُرڪن جا خزانه ته ڪڏهن ڳوڙهن جو درياهه هوندو آهي. اهي خزانه ۽ درياهه، محبت جي عملَ ۾ هر وقت جاري رهندا آهن. محبوب جي نگاهه پاڻ ڏانهن کڄي ته چپن تان مُرڪ ڪٿان ٿي غائب ٿي سگهي ۽ جي سندس اک جو تابُ، ڪنهن ناراضگيءَ کي ظاهر ڪري ته پنهنجي اک جو ڳوڙهو ڪٿي ٿو جَهلَ ڏئي؟ پر اهي ٻئي عنايتون، انتَ کان پوءِ ڪنهن هڪ ۾ رهجي وينديون آهن. يا مُرڪ خزانه سامهون هوندا آهن يا ڳوڙهن جو درياهُه...هاڻي نصيب ۾ ڇا ٿو اچي، جي اُن جي اڳواٽ خبر هُجي ته ماڻهو محبت جي مام کان ڪوههَ پري ڀڄندو وتي بابا.“
هُنن وڏا وڏا ڍُڪ پئي ڀريا. لڳي پيو اندر ۾ ڪا ڄَرَ هُجينِ. ”محبت کان ماڻهو ڀڄي سگهندو آهي سائين؟“ چئي ڏنم، الاءِ ڪيئن چيم. ”ڀڄڻ جي ڪندو آهي، ڀڄي ناهي سگهندو سهڻا.“ هُنن مُرڪيو. ”محبتَ ۽ محبتَ ۾ چوٽ کاڌل شخص، گڏ گڏ ڊوڙندا آهن. محبت ۾ چوٽ کاڌل، ٻئي ڀيري گوءِ ۾ شرڪت کان لهرائيندو آهي. ڄاڻندو آهي ته جي وري هارائي ويس ته ڪٿي جو ڪونه رهندس.“ مُنهنجي ڏيک مان سمجهندي چيائون، ”چئو...چئو، جيڪي چوڻ ٿو گهرين، چئو ٻچا.“
”محبت ۾ چوٽ کاڌل، وري به محبتَ سان گوءِ ۾ ڇو هوندو آهي سائين؟“
”ڇاڪاڻ ته هُو نفرت ناهي ڄاڻندو ابا...محبت ڪندڙ، دراصل دل جو ڪمزور هوندو ٿئي...دل جو پڪو ئي نفرت ڪندو، جنهن جي سُتيءَ ۾ محبت پيل هُجي، اُهو نفرت کان اڳ ۾ ئي کٽيل هوندو آهي. سندس اصل مقابلو ته محبت سان ئي هوندو آهي.“
”اڳواٽ خبر رکڻ کان پوءِ به، مقابلي ۾ شريڪ ٿيندا آهيون سائين؟“
”اسين، زندگيءَ ۾ صرف هڪ هار کان اڳواٽ واقف هوندا آهيون بابا ۽ اها زندگيءَ جي هارَ هوندي آهي“ هنن پاڻيءَ جو ڍُڪ ڀريندي مون تي خفيف نگاههَ وڌي ۽ چهرو موڙي ٻين ڏانهن ڪري ورتائون. ”هوش سنڀالڻ ساڻ ئي اسان کي معلوم ٿي ويندو آهي ته حياتيءَ جي بازي شروع ئي هار جي خبر ڏيڻ سان ٿئي ٿي. ساهه جو طبل وڄي ئي ان نوبت سان ٿو ته بس هاڻي کُٽ کُٽان جو جهان آهي، هڪ ڏينهن ته زندگيءَ کي اوَس به هارائڻو آهي. معنيٰ اسين، رڳو حياتيءَ جي بازيءَ ۾ هارائڻ کي سمجهندا آهيون. ٻئي ڪنهن به ميدان ۾ اهڙي ڪا سوچ هوندي ئي ناهي. ڪروڙين مداحن جي وچ ۾، راند جي ميدان ۾ لهندڙ رانديگر به شروعات فتح جي اڳواٽ خيال سان ڪندا آهن.“
”نه پر سائين، هارائڻ جي خبر ته انهن کي به هوندي آهي، لازمن هڪڙو کٽيندو هڪڙو هارائيندو...“ ڪنهن ڪُڇيو، سائين جي ڳالهه ڪٽجي وئي هُئي. ڳالهائيندڙ جو ڪنڌ جهڪي ويو هو، سائينءَ جو لهجو، جلال ڀريل ٿي ويو...”خبر ۽ پَڪَ ۾ فرق هوندو آهي نادان، زندگيءَ کي موت جي پڪَ هوندي آهي، خبر به هُجيس ٿي پر انجام اهو ئي لڳيس ٿو، جڏهن ته راند ۾، ترقيءَ ۾، رشتي ۾، خبر ڀلي هُجي، هارَ جي انجام جي پڪَ نه هوندي آهي.“
سڀ ماٺ ٿي ويا هُئاسين. هنن مرڪزِ نگاهه مون تي ڪيو ”هارائي اچجي ته ڳاٽُ اوچو هُجي بابا، شڪست نظرن کي ڪمزور نه ڪري، نگاهه ۾ ڌنڌ نه ڀرجي. جيڪِي روئڻو هُجي، اهو بس هڪ مهلَ ئي روئي وٺجي ۽ پنهنجو پاڻ کي اهو سمجهائجي ته هارائڻ کان پوءِ ماڻهو وٽ ڇا بچي ٿو.“ اکين ۾ ڪُجهه ڀرجيو پئي پر ضبط به طلبگار هو ”هارائڻ کان پوءِ بابا، ماڻهوءَ وٽ فتح کان سواءِ سڀ ڪُجهه بچي ٿو. سڄو سارو پنهنجو پاڻ بچي ٿو، جنهن کي سنڀالي وري، ڪنهن ٻي بازيءَ ڏانهن جُوهَه وجهي سگهجي ٿي. محبت جي گوءِ ۾ سڀ ڪُجهه هارائڻ کان پوءِ به جي ماڻهو، پنهنجو پاڻ سنڀالي وڃي ته ان فاتح کان لکين درجا بهتر هوندو آهي، جيڪو کٽڻ کان پوءِ بتال ٿي ويندو آهي.“
محمود مغل


0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع