اعتبارَ جو ڪَرُ

اعتبارَ جو ڪَرُ
================
بي اعتباريءَ جي ڪهڙي حد هوندي آهي؟ اعتبار الاءِ ڇا آهي! الاءِ ڪهڙو ڪيف آهي، ان احساس ۾، الاءِ ڪهڙي سرمستي آهي، جو ماڻهو، اعتبار کي ”اعتبارُ“ سمجهي، مٿس اعتبار ڪري، پاڻ کي اُڏامندو محسوس ڪندو آهي، جيتوڻيڪ هٿن ۾، خاڪ کڻي روڪي به نه سگهندو آهي. اعتبار اچي وڃي ته اُها خاڪ به بيهجي ويندي آهي.
اُن اعتبار جي سِڪي جو ٻيو رُخ هوندو آهي ٺڳي. ٺڳي ٿي ناهي، اعتبار ٽُٽو ناهي. اتي ترسي ئي نه سگهندو، جتي ٺڳي پنهنجا پيرَ کوڙيندي، ٺڳيءَ جي خيمي جي پهرين ميخ کُتي ۽ اعتبارَ پنهنجو هنڌ ويڙهڻ شروع ڪيو. پنهنجي ساهه ۾ لڳل ٺڳيءَ جي ميخ جي ڪري ئي، اسين ساهه کي بي اعتبار چوندا آهيون. سالن جي زندگيءَ جي منصوبه بندي ڪندي به اسين اهو سمجهندا آهيون ته اها اسان سان، ڪنهن مهل به ٺڳي ڪري سگهي ٿي. اهو احساس شايد ايترو گهرو هوندو آهي، جو اسين ٺڳيون ڪندي لهرائيندا ناهيون، جيتوڻيڪ ڄاڻندا آهيون ته اهو سڀ ڪجهه چڱو ناهي. جنهن مهل به ساهه ائين ڪيو، ته ٽپڙَ ويڙهڻا پوندا. پوءِ به الاءِ ڇو اسين عام حياتين ۾، بي اعتباريءَ کي اعتبارن تي ترجيح ڏيندا آهيون. ويساهه گهاتي، ويساهه کان وڌيڪ مٺي لڳندي آهي، شايد ان ۾ چاش وڌيڪ هوندو آهي. هڪ پل جي آسري تي ماڻهو، صديون جو ڪَٽَي ويندو آهي. الاءِ ڇاهي انسان، جي آهي ته پٿر کان به ڏاڍو آهي ۽ جي ناهي ته ڪپهه جي نرمي به ڪو مثال ناهي. چڙهي ٿو ته هماليه سَرَ ڪري ٿو، ڪِري ٿو ته نظر جي گهرائيءَ جي سُڌ نٿي پويس. بي ثبات زندگيءَ ۾ ڪهڙي شئي کي دوام آهي! الاءِ ڪيترو پري جو سوچجي ٿو. هٿ جي مُٺ ۾ ته هڪ گهڙي نٿي سهيڙجي. ها، اُها گهڙي ميڙجي ٿي وڃي، جنهن ۾ اعتبار جو ڪَرُ مٿي کڄيَل هجي.
فاطمه جي ڀاڻيجي جي شادي هئي. سندس ڀيڻويو ”ڀائي صاحب“ مزاج جو ٿورو سخت آهي. هر شئي اپڊيٽ کپندي اٿس. گاڏيءَ ۾ نڪرندو ته ٻئي ٽانڪيون فُل کپنِس ٿيون. سِي اين جِي به ته پيٽرول به. ڪٿي به ڪنهن شئي ۾ فالٽ نه هجي. پُٽ جي شاديءَ جا ڪارڊَ ورهائڻا هئس حيدرآباد ۾، منجهند جو ٽِين وڳي نڪتو ته شام جو ڪارڊَ ورهائي، ڪراچيءَ واپس موٽي ويندس. حيدرآباد کان 77 ڪلوميٽر اورتي، نوري آباد کان پهرين گاڏي اوچتو بيهي رهي. ڊرائيوِ سندس ننڍو ڀاءُ ”مُنو“ ڪري رهيو هو. سائيڊ تي بيهاري چينج ڪيائين ته متان گئس صحيح نه هجي، پيٽرول ڪريان. هاڻي گاڏي پيٽرول نه کڻي. ست اَٺ منٽن جي مٿا خوريءَ ۾ به ڪجهه ڪونه ٿيو. هاڻي ڀائي صاحب جو مُوڊ بگڙجڻ لڳو. ڪاوڙ وچان مون کي فون ڪري چيائين ته گاڏي ارينج ڪر ۽ هتي پهچ. اتي وري موٽر وي وارا آيا، جن ٻُڌايو ته ٿورو پريان مڪينڪ آهي، ان کي وٺي ٿا اچون. سي وڃي وٺي آيا. ان سڄي ڪهاڻيءَ ۾ ڪو ڏيڍ ڪلاڪ کن ٿي ويو هو. گاڏي پاسي کان بيهاري، ڀائي صاحب اڳين پئسينجر سيٽ تي ويٺي فونون کڙڪائي رهيو هو ۽ بانٽ کوليو مڪينڪ ۽ مُنو انجڻ ڏسي رهيا هئا. روڊ پريان موٽر وي وارا به بيٺا هئا، جو اوچتو پويان زبردست اسپيڊ ۾ هڪ ڪيرِي آئي ۽ بيٺل ڪار کي پويان ڌڪ هڻي، ڪلٽيون کائڻ لڳي. ڌڪ سان بانٽ ڪريو، مُني کي بانٽ جو ڌڪ لڳو. هُو روڊ تي ڪريو ته مٿان وري اها ساڳي ڪيري ڪلٽي ٿي ڪريس. مڪينڪ ته ڌڪ ساڻ روڊ جي کاٻي طرف وڃي ڪريو هو. سڀ وائڙا ٿي ويا. هي ڇا ٿيو! ڀائي صاحب کي لهسَ به نه آئي هئي. سڀ تڪڙا ڀڳا. ان ڪيريءَ ۾، هڪ ڪراڙي خاتون ۽ ان سان گڏ پنج جوان نياڻيون هيون، جيڪي ڪنهن شاديءَ ۾ شرڪت لاءِ تيار ٿي وڃي رهيون هيون. حادثي ۾ اُتي جو اُتي هڪ ڊرائيور ۽ هڪ ڇوڪريءَ وفات ڪئي. ٻه شديد زخمي ٿيون ۽ ٻه نياڻيون ۽ ڪراڙي امڙ بلڪل ٺيڪ هيون. گاڏيءَ ۾ ڪوبه مرد نه هو. روڊ تي ٻيون گاڏيون بيهڻ شروع ٿي ويون. هوڏانهن مُنو رت ۾ ٻُڏي رهيو هو. ڪراڙي امڙ کي الاءِ ڇو ڀائي صاحب تي ويساهه اچي ويو ته هي ان ڏکي گهڙيءَ ۾ مدد ڪندو. هُوءَ هر ڳالهه ۾ وٽس واجهائي رهي هئي. اوچتو هڪ ايمبولينس آئي. مُنو شديد زخمي هو، کيس کڻن پيا ته هُن ٻُڍڙي امڙ ڀائي صاحب کي هٿَ ٻَڌا، ”مون سان گڏ ڪو مرد ڪونهي...هي منهنجي پوٽي گذاري ويندي. خدا جي واسطي، اسان کي هن ايمبولينس ۾ وڃڻ ڏي.“ ڀائي صاحب، پنهنجي موت جي ويجهو ايندڙ ڀاءُ ڏي نگاهه رکي ۽ الاءِ ڇو چيائين، ”امڙ تون وڃ...منهنجي ۽ منهنجي ڀاءُ جي رب کي پارت آهي.“
هُو روانيون ٿيون ته پويان موٽر وي جي هڪ جيپ وارن چيو ته اسين شهر ۾ اندر نٿا هلي سگهون. ايترو ڪري سگهون ٿا ته اوهان کي ٽول تائين ڇڏيون، اوستائين اوهان پنهنجي گاڏيءَ جو بندوبست ڪري وٺو. هاڪار تي هن رت وهائيندڙ مُني کي کنيو ۽ ڪراچيءَ جي ٽول تائين پهتا، جتان ايمبولينس مُني کي هڪ خانگي اسپتال تائين پهچايو. بقول پيٽرول آفيسر جي، ”رت ايترو وهيو هو، جو گاڏيءَ جي پائيدانن ۾ بُوٽ چنبڙي رهيا هئا.“ قدرت رب جي، اهو مُنو اهو سڀ سهسائي ويو ۽ اڄ به خير سان هڪ بخير حياتي گذاري رهيو آهي. ڀائي صاحب جو هڪ جملو ياد اچي ٿو، ”ٺڳي ڪري سگهيُس پئي، ان ڪراڙيءَ سان. چوانس ها مون گهرائي آهي، منهنجي آهي، پر دل چيو، سندس ويساهه نه ٽوڙ، جيڪو تو پاران مدد ۾ پيل آهي. ان اعتبار جو ڀرم رک. ڏينس گاڏي، توکي رب مٺڙو ڀاءُ بچائي ڏيندو.“ سرائيڪي ٻوليءَ ۾ ”مجبور“ سائينءَ جون سِٽون الاءِ ڇا ڇا سمجهائين ٿيون.
نه ئي سجديان سانول يار، سڄڻان دي نال ٺڳيان
لُٽ ليندي اَي امن قرار، سڄڻان دي نال ٺڳيان
سڄڻان نال نه دغا ڪمائين، جو دم جِيوِين توڙ نڀائين
سوچين نا دل وچ هڪ وار، سڄڻان دي نال ٺڳيان
سڄڻان نال ڪرين نا دوکي، ڪملا سڄڻ نه لڀدَي سَوکَي
ڪرين ڀُلڪَي ڀي نا يار، سڄڻان دي نال ٺڳيان
سڄڻان ڪون توتي ڀرواسي، تُون ڀي ڪر دل وچ احساسَي
ڪر ڏينديان بي اعتبار، سڄڻان دي نال ٺڳيان
سڄڻان دي دل نازڪ هوندَي، نِڪِي جِي گَلَ تون ڀڄ ڀڄ پَوندَي
جِيڻان ڪر ڏينديان دُشوار، سڄڻان دي نال ٺڳيان
الاءِ ڇو اڄ اعتبار ڏاڍو ياد آيو آهي، جيڪو نه هجي ته بي اعتباري وڌي ويندي آهي، بي اعتباري، جنهن جي ڪا به حد نه هوندي آهي ۽ جيڪا اعتبار کي ڪَرُ کڻڻ ڪونه ڏيندي آهي.
محمود مغل


0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع