رِوَرس گيئر

رِوَرس گيئر
هر ڀيري درد جي هڪ عجيب لهر اندر ۾ اٿندي آهي. مايوسي گناهه آهي پر اندر ۾ اهو خيال بار بار ڪَرَ کڻندو آهي ته آخرڪار ماڻهوءَ کي خوش به ته ٿيڻ گهرجي نه...هي ملامتن جو جهان ڇو پيا جوڙيون!؟ ڇا اسان ملاحتن جو ذڪر نٿا ڪري سگهون!؟...هر ڀيري جي هفتيوار ملاقات ۾، اسين ڏکائيندڙ حوال ڇو ڪٽيندا آهيون! اسان کي ٽهڪن ڏيڻ ۾ ڪا تڪليف ٿي ٿئي ڇا؟! خواب نگر لاءِ خيال سڄو هفتو پيا ڦرندا آهن. موضوع ڪلهي سان ڪلهو ملائي هلندو آهي. اهو خيال دامنگير هوندو آهي ته جمعي تي بهرحال ڪمپوز ڪرائڻو ئي آهي. ڏينهن وڌندا وڃن ته ڪلهن جو بار وڌي ويندو آهي. لکي پورو ڪجي ته لڳندو آهي ته پَرَ لڳي ويا آهن.
حياتي مايوسي نه آهي، دراصل حس ايندڙ ساهه جي اُميد آهي. ڪيترن وٽ ته اها اميد گهٽ ”پڪ“ وڌيڪ هوندي آهي. وڏي لوڏ سان هلندا آهن ته هي به ڪنداسين، هو به ڪنداسين، هن کي برباد ڪرڻو آهي، هُن کي تاراج...فلاڻي کي فلاڻي جاءِ وٺي ڏينداسين...تباهه ڪندڙ، جاءِ ڏياريندڙ ”ويچارو“ پاڻ بي خبر هوندو آهي ته پاڻ سان ڇا ٿيندس!؟...ٻڏندو، ترندو، بچندو، يا اجل جي ناوڪ ڇڪجي چڪي آهي، بس رڳو ”حدف“ جي مٿي ۾ دونهون ڀريل آهي. هر لمحو گذرندڙ نوان تجربا کڻي ايندو آهي پر ڪڏهن ڪڏهن لڳندو آهي ته پَلَ پراڻا ٿي ويا آهن. اسين جتي آهيون اتي ئي بيٺا آهيون. ڪڏهن ڪڏهن ته شدت سان خوف ٿيندو آهي ته آٽوميٽڪ رورس گيئر لڳي چڪو آهي ۽ اسين وحشتن، درندگين ۽ غير شعوري ڪيفيتن ڏي موٽي رهيا آهيون. عجيب رفتار آهي، لڳي ٿو ته وجود جي گاڏيءَ، ابتي هلڻ لاءِ خاص فٽنگ ڪرائي آهي.
ڌڻيءَ جا هن فقير تي بي حد احسان آهن. ڍڪيل آهيان، سندس مهر، منهنجي عيبن کي ڍڪيو ويٺي آهي. مختلف مسندون ۽ موقعا ملن ٿا، جنهن سان وس آهر نبرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. هلي سگهان ته ٺيڪ آهي، نه ته فقير کي موڪلائڻ ۾ دير ناهي ٿيندي. چريو ماڻهو آهيان، پنهنجن ٽن ٿيلهن (Bags) ۾ پنهنجي آفيس کڻي گهمندو آهيان. پهچبو ته ٽنهي بيگين ساڻ، لَش لَش ڪري، ڪم ڪبو ۽ روانو ٿبو. مزو نه آيو ته استعيفيٰ پيش ڪبي، ٿيلهو کُٽائبو ۽ اڳيان روانو ٿبو. آفيس ۾ سامان اهڙو ڪو خاص ناهي هوندو. 10 منٽن ۾ فراغت ٿي ويندي آهي ۽ فقير ڪنهن ٻي راهه تي نڪري ويندو آهي. اهو سڀ تڏهن ناهي ٿيندو جڏهن ڪم سان نبرڻ هوندو آهي. سمجهه آئي ته چمبڙي پئبو، ذميواري پوري نڀائبي، پنهنجي رب پاران عنايت ٿيل عقل کي، وت آهر ضرور ڪتب آڻبو.
عرض ڪيم نه، ذاتي عيب پروردگار لڪائي ٿو ته ماڻهو ايماندار سمجهن ٿا ۽ مختلف فورمن تي ڪم جي آڇ ملندي رهي ٿي. حڪومت، مستحق شاگردن لاءِ جيڪي فنڊز ڪڍي ٿي انهن مان ڪيترائي فنڊز تعليمي ادارن کي به ملندا آهن. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هڪ مڪمل ڊائريڪٽوريٽ، شاگردن جي مالي مدد لاءِ قائم ڪيل آهي، جيڪا شاگردن کي ٻڌي ٿي ۽ سندن مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. ان مد ۾ زڪوات جو پئسو به اچي ٿو جنهن لاءِ هڪ مڪمل نظام وضع ٿيل آهي. سرڪاري سطح تي ٽي رڪني ڪاميٽي مقرر ٿي آهي جنهن جو ڪم ڪاغذن جي جاچ پرتال ڪرڻ آهي. ڪاميٽيءَ جو سربراهه ڊائريڪٽر ۽ ان ۾ ٻن ميمبرن مان، هڪ مان آهيان ۽ ڪميُونٽي ايڪٽيِوسٽ طور ڪم ڪري رهيو آهيان. اها رقم جيتوڻيڪ زڪوات جي رقم آهي ۽ ضلعي زڪوات ڪميٽي وٽان منظور ٿئي ٿي پر ان کي ”ميرٽ اسڪالرشپ“ سڏيو وڃي ٿو. حدن اندر ڪاغذ گهرجن ٿا. گريڊز گهربل ۽ آمدني هڪ خاص انگ تائين هجي ته ٻيا ڪاغذ چيڪ ڪري صحيح ڪجي ٿي. ٻن ميمبرن ۽ ڊائريڪٽر جي صحيحن کان پوءِ 18000 تائين ٻار کي ملي پون ٿا، جيڪي مستحق لاءِ چڱي مدد بڻجي پون ٿا.
ان سڄي ڪهاڻيءَ ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته جنهن به شاگرد جا ڪاغذ چيڪ ڪجن ٿا ۽ کين ٻڌائجي ٿو ته هي زڪوات آهي...ڇا اوهان ان جا مستحق آهيو ته ڌڻيءَ کي حاضر ناظر ڄاڻي لکان ٿو ته 75 سيڪڙو کان مٿي ٻارن کي اها خبر ناهي ته زڪوات ڇا ٿيندي آهي! ڇُوٽُ سوال پڇندو آهيان ته ”بابا اوهان زڪوات ڏيندا آهيو يا وٺندا آهيو؟“ ته حيرت انگيز جوابَ پلئه پوندا آهن.
”سر... ڏيندا به آهيون ۽ وٺندا به آهيون...ضرورت تي ڊپينڊ ٿو ڪري.“
”سر...ان سان ڪهڙو فرق ٿو پوي...جيڪڏهن زڪوات آهي ته پوءِ اسڪالر شپ ڇو لکيل آهي؟“
”توهان سوال ڇو ٿا پُڇو...بس صحيح ڪري ڏيو نه...“
يا رب...هي ڪهڙي قوم آهي، جيڪو زڪوات ڏيندڙ هوندو، اهو ڪيئن ٿو وٺي سگهي!؟ مٿان آڏي پُڇا ۾ ڦاسي پوندا آهن. ”ابو ڇا ڪندو آهي؟“ هاڻي ڪنهن جو پيءُ آفيسر آهي، ڪو واپڊا ۾ آهي، ڪو بئنڪ ۾ وائيس پريزيڊنٽ آهي، ڪو پروفيسر آهي...ٻار زڪوات لاءِ بيٺو آهي...جيڪڏهن سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيو ته ڇوٽ چون ٿا ”سر...اوهان جو ڇا پرابلم آهي!؟ اوهان سائينِ ڪيو نه...“ عام رواجي جملو ته اهو به ٻڌندو آهيان...“سر...اچن پيا نه پئسا...وڃن ته ڪو نه ٿا نه...“
منٿ ڪندو آهيان ”ڏسو...جيڪڏهن اوهان کي خبر ناهي ته اوهان جي بابا ۽ امان کي ضرور خبر هوندي...کانئن پُڇي اچو...ٻڌايونِ...ته هي زڪوات آهي...ڇا مان وٺان؟...جيڪڏهن هو ها ڪن ته مونکي صحيح ڪرڻ ڪو به اعتراض ناهي ٻچا...“ هاڻي انهن مان هڪ وڏو انگ، ٻئي ڏينهن ڪاغذ لوڏيندو ايندو ”سائين ابو چوي ٿو صحيح ڪرايو...ملن ٿا ته پئسا نه ڇڏيو.“
سيني ۾ الائي ڇا هُرندو آهي...هي مخلوق ڪيڏانهن پئي وڃي!؟ ڪڏهن ڪڏهن ڪي خوشگوار لمحا به ايندا آهن، جڏهن ڪي ڪي ٻارڙا ان ”زهرِ قاتل“ کي سڃاڻي وٺندا آهن، جيڪو ڪڏهن به ترياق نٿو ٿي سگهي...فارمز واپس کڻي ويندا آهن.
اسين هڪ وڏي وبال ۾ آهيون عزيزان من، اسان جو ٻار، اسان جي هٿان برباد ٿي رهيو آهي. اسين کيس وقت نٿا ڏيون...سٺي خراب جي سمجهه نٿا ڏيون...جي ڏيندا هجون ته اسين ائين کُلي عام، کين ڪاپي نه ڪرايون ته جيئن هو ڊاڪٽر، انجنيئر بنجڻ لاءِ ڪواليفاءِ ڪري سگهن...ائين کڻي اجازت نه ڏيون ته ڀلي هو غير مستحق هوندي به، زڪوات جي رقم مان پنهنجي جياپي جو بندوبست ڪن.
پرورش بدلجندي پئي وڃي. جتي انساني ذهن هاڻي اها سوچ نٿو رکي ته ٻارن کي 6 ڪلاڪن کان مٿي ڊائپر ٻڌڻ سان ڪهڙي تڪليف ٿي سگهي ٿي!...ننڍڙي ٻار کي موبائل فون، ٽيبليٽ يا ڪمپيوٽر جي اسڪرين مان نڪرندڙ شعاءَ ڪهڙي تڪليف ڏئي سگهن ٿا؟ يا وري کين ڊيڄاريندڙ ڪارٽون يا فلمون ڏيکاري سمهارڻ سان هُو ڪهڙي بي سُڪونيءَ جو شڪار ٿين ٿا. اتي ايندڙ پئسي بابت سوچ ڪٿان ايندي.
نگاهه وڃي ٿي ته ان ۾ ڌنڌ ڀرجي ٿو. هن عُمر پهچڻ تائين جيڪڏهن کين چڱي مٺي جي خبر ناهي ته پوءِ ان نگاهه ۾ چمڪو ڪٿان اچي سگهي ٿو. اهو زهر، رڳن ۾ داخل ٿي رهيو آهي. الاءِ سلو پوائزن آهي الاءِ تيز، نقصان ته بهرحال گهڻو ڏيندڙ آهي. لڳي پيو ٿو ته رورس گيئر لڳي چڪو آهي. سُٺي خراب جو فرق مٽجي وڃي ته پوءِ ڪهڙو سفر اڳتي وڌي سگهي ٿو.
محمود مغل

0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع