سياري جي شام جا پاڇا

سياري جي شام جا پاڇا
دل پٿر جو تاج محل ناهي جو جٽاءُ ڪري. دل ديوانن جي وستي آهي، بيگانن جي بستي آهي. آباد آهي ته سرءُ جي سانت به بهار ڀائنجي. پر جي هڪ وار اُجڙي ته تصور جا شهر ويران ڪيو ڇڏي.
        مون سنڌو جي اکين ۾ غم ڏسي ورتو. غم جڏهن به سنڌوءَ جي عميق اکين ۾ گھر ڪندو آهي تڏهن سنڌو مونکي سنڌ وانگر عظيم، سنڌ وانگر پيڙيل، سنڌ وانگر ستايل نظر ايندي آهي.
        سنڌوءَ جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا. هڪدم ميز تان عينڪ کڻي اکيون ڪارن شيشن        پٺيان لڪائي ڇڏيائين. منهن ٻئي طرف ڪري اٿي بيهي رهي. چيائين، “مان وڃان ٿي.”
پڇيومانس، “ڪيڏانهن ٿي وڃين؟”
آواز ڪنبيس پئي. وراڻيائين، “رستن تي رلنديس. جتان تون ڪتاب وٺندو آهين، اتان فٽ پاٿ ٿي بيهي ڪتاب وٺنديس. پوءِ وري رلنديس.”
سنڌوءَ جي آواز ۾ ايڏو ئي درد هو، جيڏو سنڌ جي سيني ۾ سمايل آهي. مون کان رهيو نه ٿيو. مون سندس هٿ پنهنجي ٻنهي هٿن ۾ جھلي ورتو. هوءَ کوري وانگر پڄري رهي هئي. چيم، “توکي بخار آهي. ويهي رهه.” هوءَ نه ويٺي.
“هن حالت ۾ مان توکي رستن تي رلڻ نه ڏينديس.” اهو جملو چوڻ خاطر چئي ويٺس، پر پوءِ سوچيم ته ته اهو جملو چوڻ جو مون کي حق نه هو.
چيم، “تو منهنجي مٿان پابندين جون جيڪي سرحدون بيهاري ڇڏيون آهن. مان اُهي لتاڙي رهيو آهيان. ويهي رهه، سنڌو.”
هوءَ ويهي رهي. چيومانس، “عينڪ لاهي ڇڏ. مون کان اکين جو غم نه لڪاءِ. مان تنهنجي روح ۾ لهي ويو آهيان. تنهنجيءَ دل کي پنهنجي سيني ۾ ڌڙڪندي محسوس ڪيو اٿم. مون کان لڙڪ نه لڪاءِ.”
سنڌوءَ جي چپن ٿي مرڪ تري آئي. سياري جي شام جا پاڇا اداس هوندا آهن. پر سنڌوءِ جي چپن تي آيل مرڪ موهن جي دڙي وانگر ويران ۽ اداس هئي.
سنڌوءَ پڇيو، “مون کي وڃڻ ڇو نٿو ڏئين؟”
“هڪ شرط ٿي وڃڻ ڏيندو مانءِ.”
“ڪهڙو شرط؟”
“رستن تي نه رلندينءَ ۽ سڌو گھر ويندينءَ.”
“منهنجو ڪو به گھر ڪونهي.” سنڌوءَ چيو. مون محسوس ڪيو، مدد خان جون خونخوار فوجون ڄڻ تازو هينئر، ڪجھ گھڙيون اڳ سنڌ کي اجاڙي ويون آهن. سنڌ سڏڪن ۾ آهي. سنڌو سڄي قوم جو ماتم ڪري رهي آهي.
مون کي ماٺ ڏسي سنڌوءَ چيو، “مان مئل آهيان. مان مري ويئي آهيان.”
“نه سنڌو تون منهنجي حياتيءَ ۾ مري نٿي سگھين.” چيم، “مون کان اڳ، تاريخ جي هر دور ۾ مون جھڙو ڪو چريو تنهنجون ڪهاڻيون لکندو هيو. توکي مرڻ نه ڏيندو.”
هوءَ ٽڪ ٻڌي مون ڏانهن ڏسندي رهي. ڪجھ دير کان پوءِ پڇيائين، “تون مونکي سنڌو ڇو سڏيندو آهين.”
“ادب جي روايت کي برقرار رکڻ لاءِ مان توکي سنڌو سڏيندو آهيان.”
“ادب جي ڪهڙي روايت.”
“علامتن ۽ شخصيتن کي Camouflage  ڪرڻ جي روايت.” چيم، “دنيا جي گھڻو ڪري هر ليکڪ ڪنهن نه ڪنهن دور ۾ ائين ضرور ڪيو آهي. اها ادب جي روايت ۽ هڪ ليکڪ جي ٻئي ليکڪ سان مسلسل ڪڙي آهي.”
        چپن تي وري مرڪ تري آيس، پر ايڏي اداس نه هئس. چيائين.
“چڱو، مان وڃان ٿي گھٻراءِ نه پنهنجي روم تي ٿي وڃان.”
مان کيس در تائين ڇڏڻ ويس. مون ڏانهن ڏسي، اکيون ڇنڀي هلي ويئي. مان ڏانهنس ڏسندو رهيس. هوءَ سنڌ جي تاريخ وانگر وڌندي رهي.
        مون سنڌوءَ جي وجود ۾ سنڌ جي عظمت جا آثار ڏٺا آهن.

        

0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع