دستور

دستور

        مان سنڌو ڏانهن ڏسندو رهيس.
        سنڌوءَ پڇيو، “ڇا پيو ڏسين؟”
        ڏانهنس ڏسندو رهيس. سندس سوال جو جواب نه ڏنم، “خبر اٿئي نه سنڌو، ته مان نصيب جي وجود کان منڪر آهيان!”
        “ها، مون کي خبر آهي.”
        سنڌوءَ چيو، “تنهنڪري سڄي ملڪ ۾ بدنام ٿي ويو آهيان.”
        “مان بدناموسيءَ جو داغ کڻي مري ويندس.” چيم، “پر يقين ڪر سنڌو، ته هينئر منهنجو نصيب ۾ اعتقاد ٿي ويو آهي. ڪجھ آهي. نصيب چئجي يا ٻيو ڪجھ. پر آهي ضرور، جنهن تي انسان جو وس نه ٿو هلي.”
        “چريا! سچ پچ راھ راست تي اچي ويو آهين ڇا؟” سنڌوءَ ڪجھ تعجب وچان پڇيو.
        “مون کي يقين ٿي ويو آهي سنڌو ته تون ۽ مان ڪجھ ڏينهن کان پوءِ جدا ٿي وينداسين. شايد هميشه لاءِ جدا ٿي وينداسين.” سنڌوءَ ڏانهن ڏسندي چيم، “مان توکي وري ڏسي نه سگھندس. توسان ڳالهائي نه سگهندس، توکي پنهنجين بي معنيٰ ڳالهين سان بيزار ڪري نه سگھندس.”
        سنڌو اداس ٿي ويئي.
        چيم، “تون اداس نه ٿيءُ سنڌو. تون سدا حيات آهين. منهنجي هجڻ يا نه هجڻ سان ڪو فرق نه پوندو.”
        هن منهن ٻئي طرف ڪري ڇڏيو.
        “مون کان منهن نه موڙ.” چيم، “مونکي ڏسڻ ڏي. مان توکي نصيب جي بازيءَ ۾ هارائي ويٺو آهيان. مون کي پاڻ ڏانهن ڏسڻ ڏي ته جيئن نصيب جي وجود ۾ منهنجو اعتقاد پختو ٿي وڃي ۽ پوءِ مان تنهنجي ياد کي دل ۾ سانڍي هتان هليو وڃان.”
        سنڌوءَ هڪدم منهن ورائي مون ڏانهن ڏٺو. پڇيائين، ڀڳل ٽٽل آواز ۾، “موٽي نه ايندين ڇا؟”
        ڏانهنس ڏسندي چيم، “هزارين ميلن جو مفاصلو منهنجي تصور جي پرواز آڏو ڪا معنيٰ نه ٿو رکي.”
        چيائين، “اهو منهنجي سوال جو جواب ناهي.”
        دل جي مايوسيءَ تي ڪارا ڪڪر تري آيا. چيم، “موٽي اچي ڇا ڪندس.”
        پڇيائين، “مون سان محبت نه اٿئي ڇا؟”
        “محبت قربتن جي محتاج نه هوندي آهي، سنڌو.” ڏانهنس ڏسندي چيم، “تون منهنجي روح، منهنجي وجود، منهنجي شخصيت جو لازمي حصو آهين، پر ظاهري طرح مون کان پري آهين، منهنجي پهچ کان ٻاهر آهين. محروميءَ جو احساس محبت کي ابدي زندگي بخشي ڇڏيندو آهي.”
        اجايو کيس اُداس ڪري وڌم. پڇيائين، “پاڻ تي اعتبار نه رهيو اٿئي، يا مايوس ٿي پيو آهين.”
        “اڳ تو تائين پهچڻ مشڪل محسوس ٿيندو هو.” چيم، “هينئر تو تائين پهچڻ ناممڪن ٿي پيو آهي.”
        ٿڌو ساھ کنيائين پڇيائين، “ٻاهر وڃي مون کي وساري ڇڏيندين؟”

        “مان هر جنم ۾ تنهنجي در تان پنهنجو دامن دعائن ساب ڀري موٽندو آهيان.” چيم، “تنهنجي آرزوءَ ۾ جيئڻ ۽ تنهنجي لاءِ مرڻ جو دستور مون کي ورثي ۾ مليو آهي. مان پنهنجو دستور وساري نه سگهندس، سنڌو.”

0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع