پنهنجو گھر

پنهنجو گھر
عجب جهڙي فضا هئي، لڳو پئي ته غير يقينيءَ جي ڪيفيت حاوي آهي. هُوءَ رات ٽِڪندي يا هلي ويندي!؟ جي ويندي ته ”ادو“ ڪنهن مهل وٺڻ ايندس؟! ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو. ننڍو ڀاءُ پنهنجي ڪمري ۾ نه پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته جي هُوءَ رهي پوندي ته کيس ڪمري کان ٻاهر، لائونج ۾ ئي رات گذارڻي پوندي...هِڪَ هِڪاڻي ته ٿي وڃي نه...ائين نه ٿئي جو هُو به ڪمري جو رُخ ڪري ۽ اديءَ جي به ترسڻ جو، ٽِڪڻ جو پروگرام ٺهي وڃي. بيزاري، سندس مُکَ تي صاف ظاهر هئي، جنهن کي لڪائڻ جي ڪوشش ته ڪري پيو، پر شدت سان ناڪام ٿئي پيو. هوڏانهن ڀيڻ به سڀ سمجهيو پئي. هڪ رات ٽِڪِي هئي، گنجُ ٿيو هو. مائٽن جي گهر ۾، سندس نئين ڄاول ٻارڙَي خوب گهمسان مچايو هو. جنهن جا آثار، صبح جو گهرڀاتين جي مُکن تي واضح هئا. امڙ کان سواءِ ٻين سڀني پاڻ ملهايو هو. ڀاڄائي، ادا وڏو، ننڍي ڀيڻ...سڀني اُٿڻ سان ئي اوٻاسيون ڏيئي احساس ڏياريو هو، ته ٻار جي روئڻ جي ڪري، سندن آرام جو مرحلو ڏاڍو ڏکيو طئه ٿيو هو. ڀاڄائيءَ ۽ ڀاءُ کي اڃا اولاد نه ٿيو هو، ننڍو ڀاءُ ۽ ڀيڻ پرڻيل نه هئا. ابو جهان ڇڏي چڪو هو...بس امڙ ئي هئي، جنهن کي اها خبر هئي ته اولاد ڇا ٿيندو آهي. خبر ته بظاهر سڀني کي هوندي آهي، پر خبر بابت ”مڃتا“ گهٽ ماڻهن جي نصيب ۾ هوندي آهي.
هُوءَ پاڻ به پريشان ٿي وئي هئي. ننڍڙو وَٺُ نه پيو ڏئيس. الاءِ ڇا ٿيو هئس. گهروارو فون نه پيو کڻي...ننڍي ڀاءُ جي شڪل اهڙي ٿي وئي هئي، جو هاڻي کيس ڊراپ ڪري اچڻ جو چوڻ، ڄڻ نانگ جي پُڇ تي پيرُ رکڻ هيو. پاڻ اڪيلي نڪري نه پئي سگهي. ڇو ته ”صاحب“ ناراض ٿئي ها...هُو اڪيلي سفر جي اجازت ناهي ڏيندو ۽ ڇُوٽ اهو پڇي ها، ته ”ڀاڻهين واندو ڪونه هو ڇا؟“...سندس سانورين اکين ۾ الاءِ ڇا ڇا ڀرجي آيو هو. شام لهڻ واري هئي. ماءُ دلاسو ڏنس ته خير آهي، پنهنجو گهر آهي، ڳڻتي ڇا جي آهي!؟ ۽ هُن جي مُک تي اداس مرڪ اچي وئي هئي، کيس ”پنهنجي گهر“ جي خبر هئي. اوچتو ڄڻ رنگَ تصوير ۾ ڀرجي ويا. سندس گهر وارو کيس وٺڻ اچي ويو. فون خراب هئس، سو بند مليَس پئي. آفيس ۾ اوچتو ڪم وڌي ويو هئس، پر بهرحال جانِ ڇڏائي اچي پهتو هو. هرڪو ڄڻ شانت ٿي ويو. ننڍي ڀاءُ کي ڪمري جي راحت جي پَڪَ ٿي. ننڍي ڀيڻ اهو ڄاتو ته رات جو ڪو گوڙ نه هوندو. ڀاڄائيءَ واتَ ٽُڪاڻي ضرور رکي ته، ”اڄ به رهي پئه...بلڪِ اڄ ته ٻئي رهي پئو، ادا به آيو آهي.“ ته هُن ڏاڍي پاٻوهه مان آجپو حاصل ڪيو، ”سڀاڻي هنن کي صبح ساڻ نڪرڻو آهي، وري پوءِ ترسنداسين.“ جا جملا اهڙن موقعن لاءِ ئي هوندا آهن. ماءُ جي اکين ۾ آگم هو. هُن ڪڪرن کي وسائڻ نه پئي گهريو. ماءُ ته هونئن ئي نه سمجهه ۾ ايندڙ ڳالهيون به سمجهي ويندي آهي.
هي سڀ ڪا تمثيل ناهي خواتين و حضرات...نه ڪا ڪهاڻي آهي. هيءَ حقيقت آهي، هر دور جي ۽ خاص طور هن دور جي، جڏهن رشتن جي ڪٿا ۾، اسان جي ”پرڻايل ڀيڻ“ گهڻو ڪري اهڙين حالتن جو شڪار هوندي آهي. ڌُوم ڌام سان کيس رخصت ڪبو آهي، سندس اچڻ جا انومانَ، گهرائڻ جا سانباها ڪَر کڻندا آهن ۽ پوءِ جنهن مهل هُوءَ اچي ويندي آهي ته ڪجهه گهڙين کان پوءِ الاءِ ڇو سڀ ڪجهه ڪُلهن تي بارُ ٿي پوندو آهي. جي هُجت نه لڳيوَ ته فقير هٿَ ٻَڌي عرض ڪريوَ ته اسان وٽ ته هُن لاءِ هاڻي مهمان خانو به ناهي هوندو، ڇاڪاڻ ته هُوءَ اسان کي مهمان به ڪونه لڳندي آهي. هڪ طرف اسين کيس پنهنجي وجود جو حصو سمجهندا آهيون ۽ ٻئي طرف کيس رخصت ڪرڻ کان پوءِ، واپسيءَ جي ڪا سوچ به ذهن ۾ نه هوندي اٿئون. ڌڻي معاف ڪري، واپسيءَ جي سوچ رکڻ به نه گهرجي...پر ڇا اهو به نه سوچڻ گهرجي ته ڪڏهن ڪڏهن ته هُوءَ چڪر ڏيڻ اچي سگهي ٿي...هن گهر ۾ هُن ننڍپڻ گهاريو آ، اِتي ئي ڪٻاٽ مٿان سندس گُڏڙيون ۽ رانديڪا رکيل هوندا هئا. هُوءَ پنهنجي مرضيءَ سان، پنهنجي ڪمري ۾ رهندي هئي، جنهن جي هڪ هڪ ڀِتَ، پلنگ، ڪٻاٽ، سينگار ميز ۽ جي هجي ته باٿ روم...سڀ هن جا هوندا هئا...اِتي ئي ته امان، سندس وارن ۾ تيل وجهي، چوٽيون ٺاهيندي هئس ۽ جتي هُوءَ بي فڪريءَ سان ننڊ ڪندي هئي...۽ جنهن ڪمري تي هڪدم سندس وڃڻ کان پوءِ قبضو ٿي ويو...هلو اهو به ٺيڪ ٿيو، ڇاڪاڻ ته هُوءَ ”پنهنجي گهر“ وڃي چڪي آهي ۽ هتي کانئس جونيئر جو حق آهي ته کيس اهو ڪمرو ملي، پر ڇا ائين نٿو ٿي سگهي ته ڪا جاءِ، ڪا ڪُنڊ، ڪا ننڍڙي ڪوٺي، اڃا به سندس نانءُ هجي! جتي هُوءَ اچي ته سندس سامان سنواريل هجي، جيڪو ڪمرو سندس ڪمرو هجي...جيتوڻيڪ هاڻي وڃي ”پَيڪا“ ٿيا. جتي گهڻو ناهي رهبو، پر ڇا اُتي آسِيس ختم ٿي وئي آهي...ڇا هُوءَ سدائين لاءِ وڃي چڪي آهي!؟
ڏاڍو عجيب لڳي پيو ٿو، اهو سڀ لکڻ...اندر ۾ ڪجهه هلي پيو ٿو...ڪي اکيون، ڪو چهرو...ڪا اداسيءَ جي کُليل دري...اسين، مانائتا مهربانو ائين ڇو ٿي ويندا آهيون؟ سواءِ امڙ جي، هُنن جو دردُ ٻيو ڪير ڇو نه سمجهي سگهندو آهي؟ امڙ به سمجهندي ته آهي، پر ڪجهه ڪُڇي ڪونه سگهندي آهي. هڪ ڳالهه هتي ضرور سمجهڻ گهرجي ته جيڪي نياڻيون پرڻجي وينديون آهن نه، اُهي به پنهنجي مائٽاڻي گهر ۾ گهڻو ترسڻ ڪونه گهرنديون آهن...کين به خبر هوندي آهي ته پنهنجائپ جو احساس هاڻي ڪهڙي چادر پائي پيو گهمي...پر بهرحال جيترو وقت به اچن، ان احساس تان چادر لاهي ڇڏجي ته ڪيترو نه چڱو ٿي سگهي ٿو. ڳالهه ڪا وڏي ڪانهي، ها احساس وڏو آهي. ڪٿي پڙهيو هئم. ”عورت کي ڪڏهن به ”پنهنجو گهر“ ناهي هوندو...پهرين مائٽن جي گهر ۾ رهندي آهي، پوءِ ساهرن ۽ مڙس جي گهر ۾ ۽ آخر ۾ وري پُٽن ۽ پوٽن جي گهر ۾.“ عمر ننڍي هئي، اهو جملو پڙهي لکڻ واري تي کِلَ آئي هئي، پر هاڻي هن سانوري مُک، جهڙوڪر رَتُ روئاڙيو هو. هٿين خالي هئڻ جو احساسُ، اجگر بڻجي ويو هو.
ڳوٺن ۾ هوندا آهيون ته اسان وٽ اوطاق هوندي آهي، شهرن ۾ ڊرائنگ رومس، جي اسان ۾ اڃا به روايتن جي پاسداري آهي ته پنهنجي مهمان لاءِ اسين الڳ جاءِ رکندا آهيون، جيڪا سندن نانءُ هوندي آهي، جيتوڻيڪ سندن نه هوندي آهي...پرڻيل نياڻيون گهر اچن ته اسين وڏي واڪي چوندا آهيون، ”سڄو گهر ئي تنهنجو آ امان“ پر پوءِ ان سڄي گهر مان، اسان ڪهڙو حصو سندس نانءُ ڪندا آهيون!؟ جي سندس سامان رکبو به آهي ته ڪنهن ڀاءُ ڀيڻ جي ڪمري ۾ يا وري مهمان خاني ۾. معنيٰ اهو گهر، سندس لاءِ اڳ جهڙو ناهي رهندو، جتي سندس خوابن جا ڦوڪڻا، ڏور ڇڏائي فضائن ۾ گم ٿيندا هئا. اسين شايد هڪ گهر کان ٻئي گهر وڃڻ جي درد کان واقف ناهيون، تنهن ڪري ائين ڪندا آهيون. جي واقفيت ٿي وڃي ۽ اوپرائپ جي احساس جو، رڳو هڪڙو ڀاڪُر، اسان کي ڪَشي جڪڙي، ته سڀ ڪجهه هوند وائکو ٿي وڃي.
ڌڻي مٺڙو، هُنن کي پنهنجي گهرن ۾ سُکيو رکي. سندن حاڪميت برقرار هجي، جيڪا سندن ازلي ابدي حق آهي. پيءُ جي آڱر جنهن اعتماد سان ڌيءَ جهليندي آهي، اهڙو اعتماد پُٽن ۾ ورلي نظر ايندو آهي. سندس اهو اعتماد ۽ اعتقاد، هٿان وڃڻ نه ڏيو. ٿي سگهيوَ ته ڪو اهڙو سلسلو رکو، جو سندس اندر ۾ اوپرائپ جي دري نه کُلي. هُوءَ پنهنجي گهر ئي سُونهي ٿي، پر جي هتي اچي ٿي ته، هن گهر جي به سُونهن ئي وڌي ٿي. هتي به سندس اڳوڻا ساٿي، هنڌَ، وِهاڻا، ڪمرو، سندس شيون، جهمريون هڻن ٿا. هتي به سندس ئي پنهنجو مقام آهي، جيتوڻيڪ انهن مان گهڻو ڪجهه هُوءَ ساهراڻي گهر به کڻي وئي آهي. ننڍڙين بُلبُليُن، امڙين، ادڙين جي پارت ٿَوَ...فقير جي ٻَڌل هٿن کي ڏسجو. جي ڪجهه ڏکيو لڳو هجيوَ ته درگذر ڪندي معاف ڪجو. سندن اندر جي اعتماد کي وڌائڻ اسان جو فرض آهي. کين ”پنهنجي گهر“ جي آٿتُ ڏيڻ به اسان کي ئي سُونهي ٿو. اعتبار ڪيو، جي توهان ائين ڪرڻ شروع ڪيو نه، ته توهان جو اولاد به کين اُها ئي جاءِ ڏيندو، جيڪا کين ”پنهنجي“ محسوس ٿي سگهي ٿي.
محمود مغل


0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع