خالق

خالق

سمجھان ٿو مان ڪي پهر خاموش ويٺو هوس. دامن ڪوھ جي بلندين تان اسلام آباد جي شهر ڏانهن ڏسي رهيو هوس. اسلام آباد جي شهر تي ڌنڌ ڇانيل هئو. مارگله روڊ کان اڳتي ڪجھ نظر نه پئي آيو. سنڌوءَ مون کان پڇيو، “ڇا پيو سوچين؟”
        “هلال[1] لاءِ ڪو ڪالم سوچي رهيو آهيان.” چيم، “پر ڌنڌ سبب مون کي اسلام آباد چٽو نظر نٿو اچي.”
        پڇيائين، “ڇا اهو ضروري آهي ته تون اسلام آباد جي باري ۾ ڪالم لکين.”
        چيم، “منهنجي دل سورج مکيءَ مثل آهي. مان اُس ۽ روشنيءَ ۾ ٽڙندو آهيان. اونداھ ۽ دنڌ ۾ ڪومائجندو آهيان.”
        سنڌوءَ چيو، “هن دفعي تون پنهنجي ۽ منهنجي باري ۾ ڪالم لک.” مون سنڌوءَ ڏانهن ڏٺو. خاموش رهيس.
        سنڌوءَ پڇيو، “ڇا پيو ڏسين.”
        چيم، “تنهنجي خوبصورت پيشانيءَ تي پنهنجي تقدير جي تحرير ڳولي رهيو آهيان.”
        هن منهنجو هٿ پنهنجي مقدس هٿن ۾ جھلي ورتو.
        چيم، “مون توکي ٻن انتهائن جي وچ ۾ چاهيو آهي، سنڌو.”
        هوءَ خاموش رهي.
        مون ڳالهايو. چيم، “مون توکي عبادت ۽ ديوانگيءَ جي وچ ۾ چاهيو آهي. منهنجي محبت جو ڪوبه انت لهي نه سگھندو.”
        مان سنڌوءَ جي پاسي مان اُٿي يوڪليپٽس جي سڪل پنن تي وڃي ليٽي پيس. مٿي هيٺان ٻانهون ڏيئي آسمان جي وسعتن ۾ پاڻ وانگر آواره ڪڪرن ڏانهن ڏسڻ لڳس. سيمينٽ جي بئنچ تان اُٿي سنڌو منهنجي پاسي ۾ اچي ويهي رهي. هوءَ منهنجو درد پرکي سگھندي آهي. هوءَ منهنجي اذيت محسوس ڪري سگهندي آهي. هوءَ منهنجي مونجھارن کي سمجھي سگھندي آهي. سنڌوءَ چيو، “پاڻ کي پريشان ڇو ٿو ڪرين. ٻيا هزارين موضوع آهن. انهن جي باري ۾ تون لکي سگھين ٿو.”
        “مان آسمان جي ڪڪرن وانگر رولاڪ آهيان. آواره آهيان.” چيم، “منهنجو ڪو به گھر گھاٽ ڪونهي. مان ٻين موضوعن تي لکي سگھان ٿو. مان چانھ پکي ۽ ڳيري جي آکاڻي لکي سگھان ٿو. مان ڪانءَ ۽ جھرڪيءَ جو قصو لکي سگھان ٿو. پر في الحال مان اهو ڪجھ لکڻ چاهيان ٿو، جيڪي ٻرندڙ جبل وانگر منهنجي وجود ۾ ٽهڪي رهيو آهي.”
        “تون ڪنهن وقت مونکي هڪڙو ننڍڙو سهڻو ضدي ٻار لڳندو آهين.” سنڌوءَ چيو، “چڱو هن دفعي تون فقط منهنجي باري ۾ ڪالم لک.”
        چيم، “مون هر جنم ۾ تنهنجي باري ۾ اڻپوري ڪهاڻي ڇڏي آهي. هن دفعي به اڻپوري ڪهاڻي ڇڏي ويندس.”
        سنڌوءَ آهستگيءَ سان چيو، “هر جنم ۾ مون توکي پنهنجي وجود ۾ دل وانگر ڌڙڪندي محسوس ڪيو آهي.”
        سندس مقدس هٿ پنهنجين اکين تي رکندي چيم، “منهنجي هڪ هڪ تحرير تنهنجي محتاج آهي. مون تنهنجي تصور کان ڌار ٿي هڪ لفظ نه لکيو آهي.”
        هوءَ خاموش رهي.
        مون ڳالهايو. چيم، “تو مونکي روشني ۽ جوت جي دولت عطا ڪئي آهي. اصل ۾ منهنجي خالق تون آهين.”
        اها ڪالهوڪي ڳالھ آهي. اڄ سوچيان پيو ته ڪهڙي موضوع تي هلال لاءِ ڪالم لکان.



[1] هلال پاڪستان اخبار

0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع