وجود جا ويري

وجود جا ويري
سنڌو ٿيسس لکي رهي هئي. مان لائبرريءَ جي دريءَ کان ٻاهر نهاري رهيو هوس.
مون ٿوري دير اڳ جڏهن سنڌوءَ ڏانهن ڏٺو، تڏهن هن تڪڙ ۾ اکيون اُگهي ورتيون هيون، ۽ پوءِ ڪنڌ جهڪائي ٿيسس لکڻ لڳي هئي.
مان لائبريريءَ جي دريءَ کان ٻاهر نهاري رهيو هوس. سنڌوءَ جو غم الم ڏسي نه سگھيو هوس.
سنڌوءَ ڪجھ دير اڳ ڀٽ ڌڻي جو بيت جھيڻي آواز ۾ جھونگاريو هو.
“ڏونگر مون نه ڏکوءِ، آءُ اڳ ڏکوئي آهيان،
ساريان ڪون سکوءِ، سور گھڻيئي سنڀران.”
مون ڏکن، ڏونگرن جي باري ۾ سنڌوءَ سان نه ڳالهايو، مون چپن ۾ چيو.
“جبل ماري جک، جو آڏو آريچن کي،
توڻي لڪن لک، سڀ لنگهينديس سڪ سين.”
مان سمجھان ٿو، سنڌوءَ ڀٽ ڌڻيءَ جو بيت ٻڌي ورتو. بيت جو مفهوم سمجھي ورتو. هن ڪنڌ کڻي مون ڏانهن ڏٺو هو.
مان لائبريريءَ جي دريءَ کان ٻاهر نهاري رهيو هوس.
سنڌوءَ پڇيو، “تون ڪيستائين منهنجي باري ۾ لکندو رهندين؟”
مون ڏانهس ڏسڻ بنا چيو، “جيستائين تنهنجي اک آلي رهندي، مان تنهنجي باري ۾ لکندو رهندس. جيستائين تنهنجي وجود جا ويري جيئرا آهن، مان ساڻن جنگ ڪندو رهندس، تنهنجي باري ۾ لکندو رهندس.”
سنڌوءَ نه ڳالهايو.
سنڌوءَ صدين کان نه ڳالهايو آهي. پنهنجو اندر نه اوريو آهي. ها، ياد پويم ٿو، سنڌو پويون دفعو 1942ع ۾ سکر جيل ۾ هيموڪالاڻيءَ سان ڳالهايو هو. ان ڏينهن کان پوءِ، هوءَ خاموش آهي. هن مون سان اڄ ڏينهن تائين نه ڳالهايو آهي. مان سودائي آهيان. مون پاڻ ڳالهايو آهي ۽ ورائي سنڌوءَ بدران به پاڻ ڳالهايو آهي.
مون منهن ورائي سنڌوءَ ڏانهن ڏٺو. چيم، “سنڌو، اڄ به ارغون ۽ ترخان تنهنجي وجود جا ويري آهن. هنن جي گھوڙن جي تاپن ۽ هڻڪن جو پڙلاءُ ماحول مان ختم نه ٿيو آهي. هنن جا تير ڪشيل آهن. ڀالا تاڻيل آهن. سنڌو، تنهنجي وجود جا ويري، سنڌ جا ويري آهن.”
سنڌوءَ پڇيو، “تون اڪيلي سر سڀني سان وڙهي سگهندين؟”
“اڪيلي سر وڙهڻ مون کي ورثي ۾ مليو آهي.” چيم، “تو وساري ڇڏيو آهي. توکي ياد نه رهيو آهي. پر مون کي ياد آهي. مان تنهنجي لاءِ هر جنم ۾ اڪيلي سر وڙهندو رهيو آهيان. وڙهندي وڙهندي مرندو رهيو آهيان. سنڌ جڏهن هماليه جي برف پوش چوٽين کان وٺي عربي سمنڊ تائين وسيع هئي، تڏهن به مان تنهنجي لاءِ وڙهندو ۽ مرندو رهيو هوس. پوءِ جڏهن سنڌ ٽڪر ٽڪر ٿيندي، ڪٽجندي ۽ وڍجندي پنهنجي اصل پکيڙ کان چوٿي حصي جيتري بچي آهي، تڏهن به مان تنهنجي لاءِ، تنهنجن ويرين خلاف جنگ جوٽي رهيو آهيان.”
سنڌوءَ ڏاڍو سادو سوال پڇيو. پڇيائين، “مون ته ڪنهن سان وير نه وڌو آهي، ته پوءِ منهنجا ويري ڇو پيدا ٿي پيا آهن.”
جواب ڏنومانس، “اهو تاريخ جي ارتقا لاءِ ضروري آهي، ته ظالم مظلوم تي ظلم ڪندو رهي ۽ مظلوم وڏيءَ بهادريءَ سان سندس مقابلو ڪندو رهي. تون تاريخ ساز آهين. سنڌو تاريخ تنهنجي محتاج آهي.”  

0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع