محبت جي حد

~~~~~~~~~محبت جي حد  ~~~~~~~~~
----------------------------
عجيب رمز هُئن، اکين جي گهورَ سدائين جيان قاتل هُئن. سندن نيڻ ڪجرارا آهن، مٿان وري عجيب گامُ ڀريل هوندو اٿن. مُنهنجو ڪنڌ جھڪيل هو. جهڪيل هئڻ جي باوجود، سندس نظر جي ناوڪ لڳندي محسوس ٿي رهي هئي. جن کي ڏسبو آهي يا جن جو ڏسڻ محسوس ٿيندو آهي، انهن لاءِ ڪنڌ کڻڻ جي ڪهڙي ضرورت هوندي آهي. بند اکين ۽ مُڙيل رُخن ۾ به سڀ ڪجھه سامهون هوندو آهي. ماٺ ميٺ ۾ سندن جھونگار عجب هئي. “ميڏِي مُندري تَي نان هو تيرا، مين دنيا ڪُون ڏَسندِي ڦران.”
اکين ۾ گھڻو ڪجھه کڻي آيو هُئس، پر اڃان تائين، اهو اظهارجي نه سگهيو هو، سينو لبالب هو، پئمانو ڇلڪڻ تي هو. محبتن جي مامرن منجهائي ڇڏيو هو. هيڏي عمر ٿي آهي، سُٽ ئي نه ٿو سُلجھي. هنن، زمين تي ليڪا ڪڍڻ شروع ڪيا. آڱرين ۾ مُنڊين جو جڙاءُ عجيب هو، ڄڻ ڪنهن سانوريءَ ڪجل جي ڌار تيز ڪري ڇڏي هئي. لڪيرون ڪڍندي چيائون. “پنهنجي سيما ڳولين پيو ڇا؟.... حد جي خبر نه ٿي پوئي ڇا!...”
ڪو جواب نه هئم... هن واري سوالَ ئي سوالَ کڻي ايو هُئس. منهنجو ڪشڪول ته سوالن سان سٿيل هو. “تون ته هڪ محدود ماڻهو آهين بابا... سڄي عُمر حدبندين ۾ گذاري ٿئي... هي سٺو آ، هي خراب جي چڪر ۾ گھمندو رهيو آهين... توکي هاڻي ڇا سمجھه ۾  آيو آهي جو طلب جو ڪاسو ڀرجي ويو ٿئي؟...”
“ڪجھه ئي ته سمجھه ۾  نه ٿو اچي سائين...” آواز گھٽجي رهيو هئم...“محبتن جي حدن منجھائي ڇڏيو آهي... الاءِ آهن به الاءِ نه... مون کان پنهنجو پاڻ ڇڏائيندو ٿو وڃي.”
“تُنهنجو پاڻ تنهنجي هٿَ ۾ هيو ڀوڪَ...! ڪڏهن کان هيو ۽ ڪڏهن کان تون ان کي ائين نڪرندو محسوس پيو ڪرين؟...” هنن مُرڪيو، گھٽ ۾ گھٽ مُنهنجي کنيل ڪنڌ اهو ڏسيو هو.
“پاڻُ، جي پاڻَ وٽ هجي ته اسين ڪنهن چڪرَ ۾ ئي نه پئون لاڏلا. پوءِ ائين ڪنهن نالي کي پاڻ سان ڳنڍڻ جو ڪو سرشتو ئي نه هجي... پوءِ اها مائي نوري، اهو ڳائيندي ئي نه وتي. “چنان تيري چَڪوري بَڻ ڪي... مين تيڏي پِڇَي نَسدي ڦِران... پاڻُ ته پاڻَ وٽ هوندو ئي ناهي بابلا، اسين ته اهو ٻين وٽ ڳوليندا رهندا آهيون... ڪڏهن ڪنهن ماهه رُوءَ ۾، ڪڏهن ڪنهن سيم تَن ۾...”
“محبت ڇاهي سائين...” اکيون ڇلڪي پيم، ڪنڌ هيٺ ٿي ويو.
“محبت... اها شئي آهي، جيڪا هوندي ناهي ۽ هوندي آهي... جيئن هوا هوندي آهي ۽ نه به هوندي آهي...”
“محبت هوا هوندي آهي سائين؟”
“محبت سُر هوندي آهي، ذائقو هوندي آهي، اڻ ڏٺل ڇهاءُ هوندي آهي بابا...” هنن پاڻيءَ جو وٽو پاڻ ڏانهن سوريو، “محبوب اوهان جي چپن تي سُرَ آڻيندو آهي... شيون ڪَسارين مان مِٺيون ٿي پونديون آهن، ماڻهو ڀاڪرن ۾ ڀرجي گھمندو آهي.” پاڻيءَ جا ڪُجھه ڍُڪ ڀريائون ۽ ڳالھه جاري رکيائون..” ٻانهن خودبخود لڏڻ لڳندي آهي، جيئن ماڻهو پرائي ڪار ۾، دريءَ مان ٺونٺ ڪڍي ويهندو آهي.”
“محبت ڌڪَ ڪڍندي آهي سائين؟”
هُو مرڪيا...“اهڙو تهڙو... محبت ڌَڪُ ڪڍي ته سِرُ کڻندي آهي. محبت جھڙو خطرناڪ هٿيار سڄي دنيا ۾ ڪو نه ٿئي... هٿيار جو ڌڪيل بچي ويندئي، محبت جي ڌڪيل جو ته ڪو علاج ئي ڪونه ٿئي...
لفظ، شيهي جيان اوتجي رهيا هُئا، ڪو قالب جڙي رهيو هو. “محبت کي سمجھڻ جي دعويٰ ازل ابد کان هلي پئي شهزادا، جن سمجھيو سي سمجھائي نه سگھيا، ۽ جن نه سمجھيو سي محبت ڪري ويا. پراڻي شراب جيان، پراڻو موضوع نشا وڌائي ڇڏيندو آهي. هو ڪو ڳالهائيندو آهي، هر ڪنهن کي هر ڪا محبت، سمجھه ۾ ايندي آهي... بس رڳو پنهنجي محبت سمجھي ناهي سگهندو. پنهنجي حدَ جو تعين ناهي ڪري سگندو... ڪا سيما ئي هٿ نه ايندي اٿس...”
“۽ جي هٿ اچي وڃينس سائين...! پنهنجي حد جو تعين ڪري سگھي، پوءِ....!”
هنن هڪ ڳيت ۾ بچيل پاڻي پيتو... وٽو رکي، چتائي نهارڻ لڳا... هٿ اڳتي ڪري، مُنهنجو هٿ جھليائون ۽ چوڻ لڳا. “هَٿَ ۾ هَٿُ ايندو آهي، محبوب سائين ۽ هٿن مان ئي هَٿُ ڇڏائجندو آهي، ماڻهو مُئي جدائي سهسائي ويندو آهي بابا... جيئري نه سهسائي سگھندو آهي... اها ئي رمز محبت ٿئي... جڏهن جيئري ئي، جدائي نه سهسائجي، جڏهن حاضر غائب ۾ فرق ختم ٿي وڃئي ۽ جڏهن ڪو پرانهون اورتي لڳئي ته اها محبت ٿئي. اها ئي حدَ ٿئي سمجھه جي، ۽ ياد رکجانءِ، محبت جي هڪ ڀيرو سمجهه ۾ نه آيئي نه.... ته ڪڏهن به سمجھه ۾ نه ايندئي... بلڪل ائين، جيئن تارُون، هڪ لحظي ۾ سکندو يا ته پيو گوتا کائيندو.... عام  پاڻيءَ ۽ محبت جي پاڻيءَ ۾ هڪ خاص فرق ٿئي ٿو... عام پاڻيءِ ۾ غوطو نڪ تائين ويندو... گھڻو به ٿي سگھي ٿو، گھڻا به ٿي سگھن ٿا، پر بچڻ جي مهلت ملي سگھي ٿي... محبت ۾ هڪ غوطو به آيس نه ته سمجھه.... مهلت ختم... هڪ ڀيرو رڳو، عقل جي سطح تائين هيٺ وڃ، پوءِ ها موٽ ڪانهي...بس سمجھين ته اهائي محبت جي سيما ٿئي. ۽ ها... دنيا جون ٻيون سڀ حدون لتاڙبيون آهن ته معاملو سمجھه ۾ ايندو آهي پر اها حد ٽپڻ مهل سمجھه ۾ نه ايندي آهي.”
                                                                                (محمود مغل)

0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع