تون جنهن سان ملين، تنهن کي به هي سال مبارڪ

تون جنهن سان ملين، تنهن کي به هي سال مبارڪ
----------------------------------------
نئين سال جو پهريون ڏينهن مبارڪ هُجيوَ. 365 ڏينهن جي نئين سفر، يعني عيسوي سال 2017ع جو پهريون ڏهاڙو اکين اڳيان آهي. حياتي بَخير، اهو وقت به گذرڻ لاءِ آيو آهي ۽ يقينن گذري ئي ويندو. ياد، پنهنجي تارَ تي لٽڪيل ڪپڙن کي سُڪڻ ئي ڪٿي ٿي ڏئي! چيني زبان جي چوڻي آهي، ”هزارين ميلن جو سفر، پهرين وکَ کان شروع ٿيندو آهي.“ نئين سال جي سفر جي هيءَ پهرين وِکَ آهي. سياري جي خُنڪي سدائين جيان ٻاهران مُرڪي پئي، اندر جي گرميءَ جو حال اسان کي معلوم ڪرڻو آهي.
”خواب نگر“ جي سفر ۾ گهڻو ذڪر ”وَيَل ويلُن“ جو ٿيندو آهي. پَلَ، جيڪي گذري چُڪا آهن، انهن جون ڳالهيون شايد گهڻيون ڪندا آهيون. ڪنهن اهو به فرمايو، ”اوهان ماضي پَرست گهڻا آهيو...ايندڙ وقت ڏانهن، اوهان جي نگاهه، گهٽ سفر ڪندي آهي. ان ڪري اهو پِٽڪو اوهان وٽ وڌيڪ آهي...“ راءِ هر ڪا اکين تي ئي هوندي آهي. قلم جو اهو تراشو به بسمِ الله، پر ڳالهه اصل ۾ اها آهي ته ماضي ته سدائين تجربو رهيو آهي، هر ڪنهن جو ماضي سندس لاءِ ڪنهن نه ڪنهن لحاظ کان تجربو ئي هوندو آهي. ياد جي مالا ۾ موتي پوئجندا رهندا آهن ۽ حياتيءَ جي دلڪشيءَ، ڪوجهائپَ، سونهن ۽ بي رُخيءَ جا بابَ، ورق ورائيندا رهندا آهن. ڳالهه نوسٽيلجيا جي ناهي...ڳالهه اها آهي ته ان مان ڇا سکيو آهي!! دلڪش آهي ته ڇا تعريف ۽ شڪر ادا ٿيا آهن!؟ ۽ جي ڪوجهائپ رهي آهي ته ان جي مَيڪ اَپَ لاءِ ڇا ڇا ڪيو ويو آهي! بي رُخي ٿي آهي يا ڪئي وئي آهي...!! ماضيءَ جي سبق سان ئي مستقبل جي راهن جو ڊيزل کڻي هلبو آ سائين...اهو پئٽرول کُٽي پوي ته پهرين گاڏي جهٽڪا ڏيندي آهي، پوءِ بيهي رهندي آهي...بيٺي سان ڇا گاڏي، گاڏي ناهي رهندي؟ بلڪل رهندي آهي، پر بهرحال اهو ڊيزل، گاسليٽ، پئٽرول، وري گهرجي...جي نه هوندو ته...سمجهه ۾ ته هونئن به اچي ٿو نه. اهو پِٽڪو نه ڪنداسين نه قبلا، ته نئين نسلَ کي، ايندڙ وقت کي هر سالَ ۾ نئين گهڙين ۾ سليقي جو هُنر ڪٿان نصيب ٿيندو!
اسان جي هن ”ائپس“ واري نوجوان نسلَ ۾، زندگي رڳو ”اسمارٽ“ ٿي وئي آهي. اسمارٽ فونز کي ٽچ ڪندي، شايد کين ان گرفت جو، ان پڪڙ جو احساس نٿو ٿئي، جيڪا جڪڙَ هوندي آهي، اندر ۾ لهي ويندي آهي. هن نسلَ ڏٺو ئي ٻاهريون ٽَچ آهي. سطحي ڇُهاءَ سان شيون حاصل ٿين ته پوءِ اندر جي گهرائيءَ جو احساس سمجهه ۾ ئي نه ايندو آهي... عبدالرحيم ملڪ، مُنهنجو سيبتو شاگرد رهيو آهي. علم و فضل، مالڪ پاران عنايت ٿيل اٿس. هڪ پوسٽ موڪلي اٿائين، جنهن جو ترجمو پيشِ خدمت آهي: ”اهو زمانو ڪنهن ڪنهن ڏٺو آهي!...ان دؤر ۾، ماستر صاحب، جي ڪنهن ٻار کي مار ڪڍندو هو ته ٻار، گهر اچي اها ڳالهه پنهنجي والد کي نه ٻُڌائيندو هو. جي هُو ٻُڌائيندو هو ته هڪڙي چماٽ والد وٽان به ملي ويندي هُئس. هي اهو دؤر هو جڏهن ”اڪيڊميءَ“ جو ڪو تصور ئي ڪونه هو. ٽيوشن پڙهڻ وارا ٻار، نڪما ۽ بيڪار شمار ٿيندا هُئا، ڏَڏَ ليکبا هئا. وڏن ڀائرن جا ڪپڙا، ننڍن ڀائرن جي استعمال ۾ ايندا هُئا ۽ اها ڳالهه ڪا اڻ وڻندڙ يا ننڍڙي ڪونه سمجهي ويندي هُئي. جهيڙي ڪرڻ مهل ڪير به پستول ڪونه ڪڍندو هو، بس رڳو ايترو چوڻ ئي ڪافي هوندو هو ته ”مان تُنهنجي پيءُ کي تُنهنجي شڪايت ڪندس، کيس دانهن ڏيندس تُنهنجي...“ بس ايترو ٻُڌڻ ساڻ ئي، اڳرائي ڪرڻ واري جو رت سڪي ويندو هو. تنهن وقت جو ”ابو“ به ڪمال هوندو هو. صبح ساڻ، فجر جي وقت ڪڙڪيدار آواز ۾ سڀني کي نماز لاءِ اٿاريندو هو. بي طلب عبادتون هر گهرَ جو معمول هونديون هيون.
ڪنهن گهرَ ۾ جي مهمان اچي ويندو هو ته پاڙي وارا، حسرت ڀريل نگاهن سان ان گهر کي تڪيندا هُئا ۽ فرمائشون ڪيون وينديون هيون ته اسان جي گهر ۾ به پير گهمائي وڃي. جنهن گهر ۾ مهمان ايندو هو، اتي لوهي پيتيءَ ۾ رکيل، فنائل جي گورين جي خوشبوءَ سان مهڪندڙ هنڌَ ڪڍيا ويندا هُئا، ”ڀلي ڪري آيا“ ۽ شعرن سان ڪڙهائي ڪيل وهاڻا رکيا ويندا هُئا. مهمانن لاءِ ڌوتل ٽوال هوندو هو ۽ وهنجڻ جاءِ ۾ صابڻ جي نئين ٽِڪي رکي ويندي هُئي، جنهن ڏينهن مهمان کي موڪلائڻو هوندو هو، سڄي گهر ڀاتين جي اکين ۾ اداسيءَ جا لُڙڪ هوندا هئا، مهمان ويندي ويندي، ڪنهن ننڍڙي ٻار کي ڏهين روپئي جو نوٽ پڪڙائيندو هو ته سڄو گهر ان ڳالهه تي احتجاج ڪندي، نوٽ واپس ڪرڻ ۾ لڳي ويندو هو، پر مهمان هر حال ۾ اهو نوٽ ڏئي ئي ويندو هو.
شادي مراديءَ ۾ سڄو پاڙو شريڪ ٿيندو هو. شادي غميءَ ۾ اچڻ وڃڻ لاءِ ڪپڙن جو هڪ جوڙو الڳ ڪري رکبو هو، جيڪو اهڙن موقعن تي ڪم ايندو هو. جنهن گهرَ ۾ شادي ٿيندي هُئي تنهن وٽ ايندڙ مهمانن کي پاڙي جي ٻين گهرن ۾ رهايو ويندو هو. پاڙي جي جنهن نياڻيءَ جي شادي ٿيندي هُئي ته شاديءَ کان پوءِ سڄو پاڙو، واري واري سان، گهوٽ ڪنوار جي دعوت ڪندو هو. ڪڏهن به، ڪنهن به، پنهنجو ڪو عقيدو، ڪنهن تي مڙهڻ جي ڪابه ڪوشش نه ڪئي. سڀني جو روئڻ کلڻ، گڏيل هو، سڀني جا ڏُک هڪ جهڙا هُئا. سڀ غريب هوندا هُئا ۽ سڀ ئي خوشحال به هوندا هُئا. ڪنهن ڪنهن گهرَ ۾ بليڪ ائينڊ وائيٽ ٽيليوزن هوندي هُئي ۽ سڄي پاڙي جا ٻارَ، اتي وڃي ڊرامو ڏسندا هُئا. دڪاندار وٽ، ’کوٽو سِڪو‘ هلائڻ ئي، سڀ کان وڏو فراڊ هوندو هو.“ الاءِ ڇاهي هنن سِٽن ۾... 2017ع، تمام تر جدت ساڻ سامهون اچي ويو ته پنهنجي غربت جو احساس وڌيڪ شدت پڪڙي ويو آهي. بهار رت ۾، خزان رسيده لمحا، ڇڻيل پَنَ ۽ تيز هوائون نه هئڻ گهرجن، بهار بهار، ئي رهڻ گهرجي...شال اسان کي، اهو سڀ سمجهه ۾ اچي وڃي. جدت ڀلي هُجي، پر روايت جو سينو فراخ ڏسڻ ۾ اچي ته حياتيءَ جو لطف ڪمال بڻجي سگهي ٿو. اوهين سڀ ان مالڪ جل شانه جي حوالي آهيو، جيڪو ڪُل مالڪ آهي، جنهن جي صفت آهي ته جڏهن اسين ڳالهايون ٿا ته هُو ٻُڌي ٿو ۽ جڏهن اسين دل ۾ سوچيون ٿا ته هُو ڄاڻي وٺي ٿو. هن سال ڪُجهه اهڙو ڳالهايون جو وٽس قبول پوي ۽ ڪُجهه اهڙو سوچون، جو موٽ ۾ شرمسار نه ٿيون...جي ائين سال گذري ته ٻيو ڇا گهرجي.
شال اوهان جا اڱڻ آسودا هُجن، شال رنگَ، خوشبو، ڇانورا، اُسون، طلب، آسودگي، ذائقه ۽ سرخوشي اوهان جي دسترس ۾ هُجن. دامي، درمي، ڪَرمي، سُخني، پنهنجي رب جل شانه جا محتاج رهو. ڪڏهن کيسو خالي نه ٿئيوَ، ڇاڪاڻ ته هڪ سٽ ياد آئي ته، ”دنيا ۾ سڀ کان ڳرو وزن خالي کيسي جو هوندو آهي، جيڪو رئاڙي ڇڏيندو آهي.“
آباد سلامت هُجو...نئون سال مبارڪ هُجيوَ.

محمود مغل

0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع