تمنائن جي رڃ

تمنائن جي رڃ
        اڻٿائينڪو جھڙو آهيان. مان اکيون پوري پنهنجي دوست جي ڪمري ۾ ڪاهي ويس. وڃي ٽيليفون تي بيٺس، نمبر ڦيرائي، ڳالهائي، جڏهن رسيور موٽائي ٽيليفون تي رکيم، تڏهن کيس ڏٺم. وقت جي پيرن ۾ زنجير پئجي ويا. ساعتون ساھ روڪي بيهي رهيون. تاريخ جا ورق ويڙهجي ويا. سقراط زهر جو پيالو پرزا پرزا ڪري ڇڏيو. تڏهن، ڪالڪان جي مندر مان ڌوپ جو دونهون اٿڻ لڳو. سنڌ ديويءَ کي مون اروڙ جي قدمن مان بيهي ڏٺو.
        مون کي خبر نه هئي ته بي بقا زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪو اهڙو وقت به ايندو آهي، جڏهن دل جو ڌڻي تصور جي ڪاڪ محل مان نڪري، حقيقت جو روپ ڌاري اکين آڏو اچي بيهندو آهي. مون کي خبر نه هئي، ته حياتيءَ ۾ ڪا ساعت اهڙي به ايندي آهي. مون کي خبر نه هئي ڪا اهڙي گھڙي به هوندي آهي، جنهن ۾ لاشعور جي تهخانن مان ڪو مسيحو هليو ايندو آهي. مون کي خبر نه هئي. مون کي خبر نه هئي. نه ته جيڪر حياتي انتظار جي اڏيءَ تي قربان ڪري ڇڏيان ها. اکين ۾ اکا ٻاري، زندگيءَ جي چوواٽي تي بيهي، اڻڏٺي وڻجاري لاءِ واجھايان ها. سر سامونڊيءَ وائيءَ سان اندر جي اوساٽ اجھايان ها. ڪنهن درد ناڪ گيت جي گونج وانگر سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڀٽڪندو رهان ها، رلندو رهان ها ۽ انتظار جي سمنڊ ۾ لڙهندو رهان پر مان خوابن جا تابوت کڻي تمنائن جي رڃ ۾ رلندڙ انسان آهيان. مون هميشه وڃايو آهي. فقط وڃايو آهي.
منهنجي دوست اسان جي واقفيت ڪرائي.
مان ٽڪ ٻڌي ڏانهنس ڏسندو رهيس.
هن چيو. “ائين ٿو محسوس ٿئيم، ڄڻ توکي سڃاڻان ٿي.”
چيم، “مان مبهم ناهيان، مون توکي ڏسڻ شرط سڃاڻي ورتو هو.”
چپن تي مرڪ تري آيس. پڇيائين، “ڪيئن؟”
مون کيس جواب نه ڏنو، ڏانهنس ڏسندو رهيس. دل چاهيو ته ٻڌايانس، ته تون مهراڻ جي پاڻيءَ سان ڳوٿل سنڌ جي سانوري مٽيءَ مان ٺهيل ڇوڪري آهين. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته پوءِ مان تنهنجي لاءِ ايڏي ڪشش محسوس نه ڪريان ها، جيتري سنڌ ملڪ جي مٽيءَ لاءِ ڪندو آهيان. پر جيڪي دل چاهيو، سو نه چيم. فقط ايترو چيم “مون تاريخ جا ورق ورائي ڇڏيا آهن.”
هوءَ کلي پيئي. چيائين، “مان تاريخ ته نه آهيان!”
چيم، “تون تاريخ ناهين. تون تاريخ کان عظيم آهين. تاريخ تنهنجي محتاج آهي.”
چيائين، “مون کي پنهنجي باري ۾ ڪا غلط فهمي ناهي.”
“تنهنجي باري ۾ رايو مون ڏنو آهي. ان جو مون کي حق آهي.” چيم، “مان تنهنجي هٿ ۾ رت هاڻي اها تلوار ڏسي سگهان ٿو، جنهن سان تو آرين کان وٺي ارغونن تائين سنڌ ٿي ڪاهي ايندڙ دشمن سان مقابلو ڪيو آهي.”
چيائين، “تون ڪهاڻيڪار آهين، تنهن ڪري مون جهڙي هڪ عام رواجي ڇوڪريءَ ۾ ايڏي مڻيا ٿو ڏسين.”
“تون منهنجن ڪهاڻين جو مرڪزي ڪردار رهي آهين،” چيم، “مون فقط تنهنجيون ڪهاڻيون لکيون آهن.”
منهنجي دوست چيو، “پهرين ملاقات ۾ ايتريون ڳالهايون نه ڪبيون آهن، چريا ڪهاڻيڪار.”
منهن ورائي ڏانهنس ڏٺم. چيم، “هي پهرين ملاقات ڪٿي آهي! اسين ازل کان ملندا رهيا آهيون. ملي وڇڙندا رهيا آهيون. هن هر دفعي مون کي ساريو آهي، مون هميشه کيس ياد رکيو  آهي.”
مون منهن ورائي سنڌ جي مٽيءَ مان ٺاهيل ديويءَ ڏانهن ڏٺو. هوءَ موجود نه هئي، ڪرسي خالي هئي، دل جو عبادتگاھ ويران ٿي ويو. قرب جي ڪليسا جون ڪنگريون ڪري پيون.
منهنجي دوست چيو، “ڪنهن سان پيو ڳالهائين، ڇا پيو ڳالهائين، چريا! هتي توکان ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبه ناهي.”

مون کلڻ چاهيو. چيم، “مان خوابن جا تابوت کڻي تمنائن جي رڃ ۾ رلندڙ انسان آهيان ۽ پنهنجي ئي هٿن سان دل جي دنيا آباد ڪندو آهيان ۽ پنهنجن ئي هٿن سان برباد ڪندو آهيان.”    

0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع