“ها” جو ٿڌو ساهه

“ها” جو ٿڌو ساھُ
زندگي، وقت جي وهڪري جو ٻيو نالو آهي، هر اها گهڙي جيڪا گذري وڃي ٿي، وري موٽي نٿي اچي. ها، ان گهڙيءَ جي ياد اسان وٽ سدائين لاءِ رهجي وڃي ٿي، پوءِ اها ڪڏهن ڪساري آهي ۽ ڪڏهن بي انتها حسين. وقت گذري وڃي ته واپس نه ورندو آهي. ها ياد واپس وري ٿي ته ڏکائي ٿي. پوءِ ڇو نه اها ڪوشش ڪجي معزز خواتين و حضرات ته وقت کي ائين گهارجي، جو اها ياد جڏهن اچي ته ڪساري نه هجي. اُن ياد اچڻ ساڻ، چپن تي مُرڪون اچن، ڪو ٿڌو ساهه نه اُڀري.
بِرُوني وِيئر، سڊني آسٽريليا جي هڪ اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ هڪ نرس آهي، جنهن جو ڪم عام نرسن جيان نه رهيو آهي. هُوءَ هڪ اهڙي ڪلينڪ ۾ ڪم ڪندي هئي، جتي اهڙا مريضَ ايندا هئا، جن وٽ زندگيءَ جي بازي هارڻ کان سواءِ ڪجهه نه هوندو هو، سندن ساهه ڪجهه هفتن جا مهمان هوندا هئا. انهن مريضن ۾ هر عمر ۽ هر مرضَ جا ماڻهو شامل هئا ۽ سڀني ۾ هڪ ئي ڳالهه جي هڪجهڙائي هئي ته وٽن ڪجهه هفتن جي حياتي باقي هوندي هئي ۽ حياتيءَ جي ڏور بس ٽُٽڻ واري هوندي هئي. برونيءَ محسوس ڪيو ته هن ڪلينڪ ۾ ڏهن ٻارنهن هفتن کان وڌيڪ ڪير ٽِڪي ئي ڪونه ٿو ۽ گذاري وڃي ٿو. ڪلينڪ ۾ موجود ٻين ڊاڪٽرن ۽ نرسن انهن ڏينهن جي اهميت بابت سوچيو ئي ڪونه پر بروني هڪ حساس ذهن جي مالڪ هئي، هُن محسوس ڪيو ته جي انسان کي اها خبر پئجي وڃي ته هُو هاڻي هن دنيا مان وڃڻ وارو آهي ته غير معمولي حد تائين سچ ڳالهائڻ لڳندو آهي. پنهنجي گذريل گهڙين تي نگاهه وجهي نتيجا ڪڍڻ جي صلاحيتن سان مالامال ٿي ويندو آهي ۽ پنهنجي سڄي عمر جا رنجَ، خوشيون ۽ تَتُ سڀني کي ٻُڌائڻ گهرندو آهي. برونيءَ محسوس ڪيو ته موت جي واديءَ جي سفر تي وڃڻ کان ڪجهه ڏينهن پهرين ماڻهو بلڪل اڪيلو ٿي وڃي ٿو.
هن نرس اهو سڀ ڪجهه هڪ ڪتاب ۾ لکي ڇڏيو آهي، جنهن جو نالو‘The Top five regrets of the dying: A life Transformed by the Dearly departed’ يعني ”مرندڙ جا پنج وڏا پڇتاءَ“ آهي. هن ڪتاب ۾ جيڪي ڪجهه برونيءَ لکيو، اهو سڀ سچ آهي ۽ سندس تحرير مقبوليت جي انتهائن کي ڇُهڻ لڳي. اهي پنج پڇتاءَ ڪهڙا هئا؟! حيرت جي ڳالهه اها هئي ته سڀني جهان ڇڏيندڙن جا تاثرات بلڪل هڪجهڙا هئا يعني هُو هڪجهڙي ذهني پُلصراط تان گذري رهيا هئا. بروني لکي ٿي، ”موت جي سامهون ايندي، ماڻهو وڏو ٿي وڃي ٿو. مون سکيو ته ڪڏهن به ڪنهن جي وڌڻ جي حد کي گهٽ نه سمجهڻ گهرجي. ڪجهه تبديليون ته ڄڻ غير معمولي رهيون. هر ماڻهوءَ جذبن جي اُپٽار کي محسوس ڪيو. انڪار، خوف، ڪاوڙ، ندامت، وڌيڪ انڪار ۽ آخر ۾ قبوليت پلئه پئِي پئي. ان سڄي اظهار کان پوءِ هر ويندڙ وڃڻ کان پهرين سڪون محسوس ڪيو هو. پڇتاءَ بابت جڏهن به سوال ڪيا ويا يا جڏهن اهو پڇيو ويو ته موقعو ملڻ سان هُو ڪهڙي تبديلي ڪري سگهن پيا، ته پنج جواب اهڙا مليا، جيڪي سڀني جا هڪجهڙا هئا.
(1) ڪاش مون ۾ همت هجي ها ته مان پنهنجي مرضيءَ جي زندگي گذاريان ها، اهڙي نه گهاريان ها جنهن جي اميد ٻين مون مان ڪئي.
اهو پڇتاءُ سڀني وٽ گهڻو هيو. ماڻهو جڏهن سمجهي ٿو ته سندس حياتي پڄاڻيءَ کي پهچڻ واري آهي ۽ غور سان مُڙي پنهنجي حياتيءَ کي ڏسي ٿو ته ڏاڍو سولائيءَ سان محسوس ٿئي ٿو ته الاءِ ڪيترا خواب اڻپورا رهجي ويا. ڪيترا ماڻهو، پنهنجن خوابن جو اڌ به پورو نه ڪري سگهيا ۽ مرڻ وارا ٿي ويا. اهو ڄاڻندي ته اها سڄي چونڊ هُنن پاڻ ڪئي هئي يا نه ڪئي هئي.
(2) ڪاش مان گهڻو ڪم نه ڪريان ها.
اها حسرت هر مرد واتان مون ٻُڌي، هُو پنهنجي ٻارن جي جوان ٿيڻ وارو عمل نه ڏسي سگهيا ۽ گڏوگڏ پنهنجي جِيوَن ساٿيءَ جو سهڻو ساٿُ به نه ڏيئي سگهيا. عورتن به ان پڇتاءَ جو ذڪر ڪيو، پر ڇاڪاڻ ته گهر جي چرخي هلائڻ جو ڪم مرد مٿان آهي ۽ گهڻو ڪري هُو ئي روزي روٽيءَ جي چڪر ۾ گهڻو ڪم ڪن ٿا ته مون کي معلوم ٿيو ته سڀني مردن ان ڳالهه تي ڏک پئي ظاهر ڪيو ته هُنن ايترو ڪم ڇو ڪيو. جي هُو پنهنجي حياتي گذارڻ جي طريقي کي سادو ڪن ها ته يقينن وڌيڪ خوش گذارين ها ۽ اهو به ممڪن آهي ته جنهن رقم جي گهرج هُو سوچين ٿا، ان رقم جي گهرج نه هجي ها.
(3) ڪاش مون ۾ پنهنجن احساسن بيان ڪرڻ جي همت هجي ها.
ڪيترا ماڻهو ٻين سان امن رکڻ جي خاطر پنهنجن احساسن کي دٻائين ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ وچولي زندگي گذاريندي هُو ان لائق نٿا بڻجي سگهن، جو پنهنجيون اصلي خصوصيتون ڏيکاري سگهن. ڪيترا ته ان ڳالهه جي ڪري بيمار به گذاريندا رهيا. اسين ٻين جي ردِعمل کي ته ڪنٽرول نٿا ڪري سگهون، پر پنهنجي ڳالهه جو اظهار ته ڪري سگهون ٿا نه، بس پوءِ ٻن مان هڪ ڳالهه ٿي سگهي ٿي ته سامهون واري سان رشتو يا ته قائم رهندو يا ڦٽي پوندو، پوءِ بهرحال پاڻ ساڻ ڪو پڇتاءُ ته نه کڻي وڃبو.
(4) ڪاش مان پنهنجي دوستن سان رابطي ۾ رهان ها.
مرڻ کان پهرين هر ماڻهوءَ جو خيال هيو ته اسان کي خبر ئي ڪونه هئي ته اسان کي دوستن مان ڪيترا فائدا آهن. پنهنجي حياتيءَ جي چڪر ۾ ڦاسي، سالن جا سال رابطو نه رکي، جيڪو وقت گذاريوسين اهو ته سڀ اجايو ويو. ڀلي پئسن جي حالت ڪهڙي به هجي، زندگيءَ جو معيار ڪهڙو به هجي، محبتن جو معيار ۽ حالت سدائين اوچي رهندي آهي.
(5) ڪاش مان پنهنجو پاڻ کي خوش رکي سگهان ها.
اهو پڇتاءُ به حيرت انگيز نموني سان سڀني ۾ هڪجهڙو هيو. ڪيترن کي زندگيءَ جي پڄاڻيءَ تائين اها خبر نه هئي ته خوشي ته دراصل چونڊ هوندي آهي. هُو ته سدائين ڪوششن جي چڪر ۾ هلندا رهيا. پنهنجن گهروارن ۽ ٻين غيرواسطيدار ماڻهن لاءِ خوشيون ڳولڻ جي چڪر ۾ هُنن پنهنجي خوشيءَ جي ته سوچ ئي نه ڪئي ۽ جي سوچيئون به ته ان کي خودغرضي سمجهيئون. جيتوڻيڪ اها خودغرضي نه هوندي آهي. انسان کي پاڻ به ته خوش ٿيڻ جو حق آهي.
مشهور شاعر ”ناز لطيفي“ لکي ٿو:
منهنجي دردِ دل جي دوا ٿي پوي ها
جي هڪ تنهنجو واعدو وفا ٿي پوي ها
کڻين ها نه خنجر، گردن تان قاتِلَ
ڀلي ڌَڙُ سِسِيءَ کان جدا ٿي پوي ها
اجايو ”لطيفيءَ“ کي ٿا مُحبَ ماريو
هُو ازخُد اوهان تان فدا ٿي پوي ها
زندگي، وقت جو واعدو طلبي ٿي، ڇا نه ٿئي، جي اسين اهڙو گذاري وڃون، جو ڪو پڇتاءُ ان مهل اسان ساڻ نه هجي، جنهن گهڙيءَ ”اها گهڙي“ سامهون اچي. ڪوبه ”ها“ جو ٿڌو ساههُ، ڪڏهن به ساڻ نه هجي.
محمود مغل


0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع