فنشنگ ٽچ

فنشنگ ٽچ
دل چيو هو يعقوب سان گڏجي ”سالسا“ نچندس. ڀاڪر پائي وڏي جهمر هڻندو مانس...ائين نه ڪري سگهيس...کلَ جي جاءِ تي الائي ڇو ڳوڙهن جا بندَ ٽُٽي پيا. يعقوب پريشان ٿي ويو هو. ان کان وڌيڪ ته مان پاڻ پريشان ٿي ويو هُئس. ايندڙ ويندڙ کي عجيب پئي لڳو. سينو هو جو ڄڻ ڌَنوڻي کڻي آيو هو. هُتي ته مهل ڪڍي آيُس، آفيس ۾ اچي رڙيون ڪيون اٿم...واڪا ڪري رنو آهيان...مان هڪ دفعو وري پنهنجو پاڻ کان هارائي ويو آهيان. محب ايندا آهن، ڪرم نوازي ڪندا آهن. سمجهندا آهن ته فقير ڪُجهه ڪري سگهي ٿو. اهو سندن مون تي مانُ هوندو آهي. مان وتَ آهر جاکوڙيندو آهيان، پر الاءِ ڇو، سڄي ڪمَ ڪرڻ کان پوءِ، مون کي لڳندو آهي ته مون ۾ ڪم جي فنشنگ” ناهي...پنهنجي پورهئي کي “فنشنگ ٽچ” نٿو ڏئي سگهان...بس ڪم ٿي ته وڃي ٿو، ان جي حسناڪي، ڪٿي نه ڪٿي رئو پائي لڪي ويهي ٿي رهي.
نياڻيِءَ جو والد آيل هو، هٿين خالي هو ۽ ڌيءَ جي اٿارڻ جي پڪَ ڪري آيو هو. رڳو هڪ ديڳ مٺي جيءَ تي، نياڻي اٿارڻ جي ڳالهه پئي ڪيائين...دل ۾ آيو، هيترا همراهه آهيون، هٿُ هٿُ ڪنداسين...منٽَ ٿي ويندا. پر هن وٽ وقت گهٽ هو. ٻاهتر ڪلاڪن جو مدو مليو هو ۽ وقت وري “ٽاپ گيئر” هنيو هو. عرض ڪيومانس “ڪُجهه مهلت وڌائي، نياڻي آ...ڪُجهه ته لهڻي ٿي...ڀلا اهو ته ٿي سگهي ٿو نه...” چيائين، “بس جلدي آ...اُٿارڻي آ...جيڪو ٿي سگهي ٿو...ڪري ڏيو.” روح تي الاءِ ڇا اچي لٿو هو...کتو به ڇا پئي، ڪُجهه پليٽون، چمچا، وَٽِيون، ٿالهَه، عجيب فهرست هُئي. ڪٽلي، دٻڪيون، ڏونگو، ڇاڻي، ويلڻ چڪرو...ٽوال، استري، ڪپڙا، سرمي داڻي، سينگار جي پيتي، هنڌن جي پيتي...سنگت سُري آئي...احساس، ڍول، رضا، ڀاءُ اعظم ابڙو، پاشا، عبيد، يعقوب، هٿ هٿ ڪيوسين....مڙئي ڪُجهه ٺهي ويو. پنهنجيءَ پرَ ۾ روح کي ڪُجهه راحت ملي.
صاحبِ ڪاڄ آيو ته سامان حوالي ڪيوسين. روانو ٿيو ته اوچتو ياد آيو، لسٽ ۾ سينگار جي پيتي هُئي، سا ڪونه ورتي هُئيسين...الله اڪبر...اهو هڪڙو آئٽم اک تان ترڪي ويو هو...هُو وڃي چڪو هو. اتو پتو هو ڪونه...مان الاءِ ڇو سرمي داڻيءَ کي ئي سڀ ڪُجهه سمجهي ويٺو هُئس. سينگار جي پيتي ته اک تي ئي نه چڙهي. پنهنجي پَرُ ۾ بوڇڻ ڇنڊي اسين به ڄڻ فارغ ٿيا هُئاسين...پر بوڇڻ ته ڇنڊجڻ جو هو ئي ڪونه...يعقوب، ائين ئي ڳالهين ڳالهين ۾ چئي ڇڏيو ته “نياڻي، ڀلي ڪُجهه نه به گهري، کيس ڳهه ۽ سينگار ته گهربو نه. شادي آ يار...هٿ پيلا ٿيڻا آهن...” وڌيڪ ته الاءِ ڇا پئي چيائين. ڪنن شايد ٻُڌڻ کان نابري واري. مان پنهنجي آفيس ۾ اچي، پنهنجي پاڻ کي اڇلائي چڪو هُئس.
ڪيڏيون نازڪ هونديون آهن نياڻيون...ڪنول جا گُل، مُرڪ جي خوشبو، ٻاجهه جو نجو پجو عڪس...ڇا گهرنديون آهن اسان کان...اسان جي وحشت آميز چهري ڏانهن نهاري، سمجهڻ کان سواءِ کين ڇا ملندو آهي...! هنن جي کِلَ ٻُڌي ٿوَ؟ ڪڏهن ٿانون ۾ سڪا کڙڪايا ٿوَ؟...جهانجهر کڻي، ڪنن جي ويجهو وڄائي ٿوَ؟...اهو آواز، اهو عڪس نياڻي هوندي آهي ۽ سندس حياتيءَ جي هڪ اهم ڏينهن تي، اسان جهڙا مجهول الاءِ ڇو گهڻو ڪُجهه وساري ويهندا آهن. سُرمي داڻي ورتي هُئم، ته اکين ۾ سندس ڪجرارا نيڻ لهي آيا هُئا. هر نياڻيءَ امڙ جا نيڻ، جن ۾ ديدَ گهٽ، حيراني وڌيڪ هوندي آهي، حيراني گهٽ، اَبي لاءِ پيار وڌيڪ هوندو آهي. پيار گهٽ، مٿس واري ٿيڻ جو جذبو وڌيڪ هوندو آهي. سڀ ڪُجهه هڪٻئي سان مقابلي ۾ گهٽبو ويندو آهي..بس رڳو نياڻي وڌندي ويندي آهي. سامان ۾ سينگار جي پيتي نه هُئي ۽ وڃڻ وارو وڃي چڪو هو. مُسي مساڳ ته لڳندو پر لالي، آءِ شيڊ، چلڪڻا شيشا ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه نه هوندو، ۽ اهو خيال مون کي ضربي ويو آهي. روح ۾ ڌڪ لڳو اٿم، اکين جو سيلاب بيهجي ئي نه ٿو. ضبط به ڪمال شئي آهي. پنهنجو پاڻ سنڀالڻ هڪ وڏي طاقت آهي، ۽ الاءِ ڇو پروردگار اها طاقت نياڻين کي گهڻي ڏني آهي، جيتوڻيڪ، ساڙ، حسد، ريس به هوندي اٿن، پر هڪدم پيءُ ماءُ جي صورتحال کي جيڪو نياڻي سمجهي سگهي ٿي، سو ڪمال، پٽن وٽ ٿورو گهٽ ئي هوندو آهي. پٽ ٿوري ۾ گهٽ راضي ٿيندو آهي. نياڻي ٿوري ۾ سَرهي به ٿي سگهندي آهي. اهو ٿورو به مون کان ٿي نه سگهيو هو.
آئوٽ ڊور تي هئاسين ۽ ميڪ اپ مان سينگار جي پيتي ڪٿي ڪري پئي هُئي. سڄو يونٽ پريشانيءَ ۾ اچي ويو هو. اسان جهڙا ته کڻي هلي وڃن ها، ڊرامي جو ڪِرو پريشان هو ۽ خاص طور تي عورتن جو سيڪشن...اهو ته شڪر هو ته سندن پرسن ۾ ڪونه ڪو سامان هو، جو مُنهن تي مُرڪون اچي ويون، پر هڪڙي پيتي ڇا گم ٿي هُئي، سڄو حسن ئي ڌنڌلائجي ويو هو...مون کي اهي لمحا ياد هُئا. هن واري ڇو وساري ويٺو هُئس. سڀ ميڪ اپ مئن کي بخشڻ لاءِ تيار نه هُئا. الاءِ ڪيئن هن معافيون وٺي جند ڇڏائي هُئي ۽ هتي ته مون اهو سامان ئي نه موڪليو هو. مُنهنجي دل چوي ٿي، ان ميڪ اپ مئن جيان، مان ان پيءُ کان هٿ ٻڌي معافي گهران، جنهن جي لسٽ مون اڇاتري پڙهي، ان ادڙيءَ کي مٿي تي هٿ رکي چوان “امان، هن ڪراڙي کي معاف ڪر، جنهن کي ايڏي عُمر ۾، جي نه آيو ته عقل نه آيو، سدائين تڪڙ ڪندو رهيو آهي.سدائين ائين نچڻ جي چڪر ۾ ڳوڙهن سان مليو آهي...مون کي معاف ڪر امان...جو مُنهنجي ڪري تُنهنجي سينگار جي پيتي ناهي آئي. جي تو معاف نه ڪيو، ته مُنهنجو الاءِ ڇا ٿيندو؟ گهڻو سينگاريل ناهيان امڙ...پر جي تو نه بخشيو، ته هي ٿورو گهڻو روپ به سنوري نه سگهندو، جيڪو ٻين کي نظر اچي ٿو....” اسين ڪُجهه ڪندا آهيون نه ته دراصل پنهنجي سينگار جي چڪرَ ۾ هوندا آهيون. اهو ڏيڻ وٺڻ به اصل ۾ پاڻ کي اڳيان سنواري هلڻ جي هڪ ترڪيب آهي...هاڻي اهو سڀ شعوري ڪندي به مون، پنهنجي سونهن بابت ته سوچيو، ٻئي ڪنهن لاءِ ڇو مُنهنجي ذهن ۾ ڪا سؤچ نه آئي...! لرزي ويو آهيان، جي مُنهنجي سونهن جي پيتي گم ٿي وڃي جيڪا مان هنئين سان لايو ٿو هلان ته ڇا ٿيندو...!
مولا، اهڙو ڪُجهه نه ڪيان جو مُنهنجي سينگار جي پيتي گم ٿي وڃي! مان ته هلان ئي ان تي ٿو... جي اها نه هُجي ته مُنهنجي ڪارپَت وائکي نه ٿي وڃي. مُنهنجو ڪم هِن ڀيري به “فنشنگ ٽچ” کان رهجي ويو آهي. مان، يعقوب ساڻ “سالسا” نچي ناهيان سگهيو.
                                                          محمود مغل



0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع