موٽي ميت نه آيو

موٽي ميت نه آيو
        مارگله ٽڪرين جي پرئين پاسي قديم تهذيب جا آثار آهن، جيڪي ٽيڪسيلا تائين پکڙيل آهن. مارگله ٽڪرين جي اورئين پاسي اسلام آباد جو جديد شهر آهي. جتي ڪابه جديد سهولت موجود نه آهي. مارگله ٽڪرين جي ترائيءَ وٽان هڪ رستو لنگھندو آهي. جيڪو شهر جي ٻاهران ٿيندو، سيڪريٽريٽ وٽان ڦيرو کائي مري روڊ سان وڃي ملندو آهي.
        مان اڪثر رات جو دير سان مارگله روڊ تي نڪري ايندو آهيان. پهرن جا پهر اونداھ ۽ روشني ۾ هلندو رهندو آهيان. خوابن جي تعبير کي ڇهڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. گوتم سان گيان متعلق ڳالهائڻ جي آرزو ڪندو آهيان.
        هي ڪالهوڪي ڳالھ آهي.
        ننڍڙي تيپ رڪارڊر ۾ چار سيل وجھي مان مارگله روڊ تي نڪري آيس. اوندھ هئي رستي جون بتيون وساميل هيون. مون آسمان ڏانهن ڏٺو. اسين اڻ سونها آسمان تي پنهنجي نصيب جي ليڪ نه ڇڏيندا آهيون. آسمان اوپرو محسوس ٿيو. جيتوڻيڪ رات جو پهريون پهر هو، پر تنهن هوندي به ستارن تي پوئين پهر جي ڏيئن جو گمان ٿيو. اوندھ ۾ مون پنهنجي پاڇولي کي تلاش ڪيو ۽ پوءِ پڳنهنجي بيوقوفيءَ تي کلي پيس. ٽيپ رڪارڊر هلائي ڇڏيم. دين محمد جي آواز ۾ قمر شهباز جو گيت گونجڻ لڳو، “واٽ تڪيندي لاٽ اُجھاڻي، موٽي ميت نه آيو.”
        اهو گيت مون حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن تي ميوزڪ ڊائريڪٽر عبداللطيف کان ڪمپوز ڪرايو هو. ان ڳالھ کي ورھيه وهامي ويا آهن. پر، ڪالھ رات قمر جو گيت ٻڌي عبدالطيف ڏاڍو ياد آيو. هو پنهنجي باطن ۽ ظاهر سميت مڪمل فنڪار هو. ڌرتي راس نه آيس ته آسمانن ڏانهن اُڏامي ويو.
        اهو گيت رڪارڊ ڪرڻ کانپوءِ مون سڀ کان اڳ سنڌوءَ کي ٻڌرايو هو. گيت ٻڌڻ کانپوءِ هوءَ ڪيتري دير تائين خاموش ويٺي رهي هئي.
        اکين ۾ آلاڻ تري آئي هيس. پڇيو هئائين، “ميت موٽي ڇو نه ايندو آهي.؟”
        تڏهن وراڻيو هوم، “اهڙي محبت جنهن ۾ ڪا غرض، ڪا لالچ، ڪا طمع ۽ ڪو مطلب نه هوندو آهي، سا محبت ايئن ئي هوندي آهي. اهڙي محبت ۾ ميت موٽي نه ايندا آهن.”
        پڇيو هئائين، “ايئن ڇو آهي؟”
        چيو هوم، “ڇو جو اهڙي محبت ٻار پيدا ڪرڻ جو سبب نه ٿيندي آهي.”
        چپن تي ابدي مرڪ تري آيس. چيو هئائين، “تون نه سڌرندين.”
        ۽ پوءِ اوچتو، هڪ آھ مارگله جي ٽڪرين جي سانت مان اُڏامندي هلي ويئي. محمد جمن جو درد ۾ ٻڏل آواز آسمان تائين وڃي پهتو. “او جنهن کي دلڙي ڏيڻ، تنهن کان ڌار ٿيڻ، اهو ناهي مرڻ، ٻيو ڇاهي ڙي.”
        مان سمجھان ٿو، منهنجا پير ڌرتي کي چنبڙي پيا هئا. منهنجا گوڏا مٽيءَ سان وڃي لڳا هئا. دل بنواس کان وڃي نڪتي هئي. تڏهن مون پنهنجي ساءِ چيو هو، “وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي آهي سنڌو، جڏهن موٽي ميت نه ملندو آهي.”
        مان اٿي بيٺس. اوندھ ۾ روشنيءَ جي محور پٺيان هلندو رهيس. منهنجي تحريرن جو هڪ هڪ لفظ هن سان وابسته آهي. مون هڪ ڪهاڻي هن لاءِ لکي آهي. هڪ هڪ ڊرامو ۽ هڪ هڪ ڪالم هن لاءِ لکيو آهي. هن جي ڪري لکيو آهي. مان هن جو محتاج آهيان. مان هن جو احسان مند آهيان. هوءَ منهنجي روشني آهي. هوءَ منهنجي بصيرت آهي. هوءَ منهنجي قوت آهي. هوءَ منهنجي همٿ آهي. هوءَ ئي منهجو آغاز آهي. هوءَ ئي منهنجو انجام آهي.
        هن هڪ دفعي مون کان انجام ورتو هو. چيو هئائين، “واعدو ڪر ته تون لاڳيتو لکندو رهندين ۽ ڌرتي ۽ ڏات جو قرض لاهيندو رهندين.”
        سندس اکين ۾ ابدي ڪائنات جي جھلڪ ڏٺي هيم. سندس سانورو سلوڻو هٿ جھليندي چيو هوم، “مون تنهنجي لاءِ لکيو هو. مان تنهنجي لاءِ لکي رهيو آهيان. مان تنهنجي لاءِ لکندو رهندس.”

        ۽ ڪالھ رات ڪيتري دير تائين مان ماگله روڊ تي هلندو رهيس ۽ اوندھ ۾ پنهنجو پاڇو تلاش ڪندو رهيس.        

0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع