وَنڊي کاءُ.... ايمان پاءُ

وَنڊي کاءُ.... ايمان پاءُ
اڄ ناسٽيلجڪ ٿيڻ تي دل چوي ٿي. الائي ڪيتريون گهڙيون آهن، جيڪي ياد جي پردي پويان، منڍي ڪڍي، تال ڪڍي رهيون آهن. ويچارا ڏئي رهيون آهن. کلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن. ننڍپڻ به ڪيڏو نه عجيب هوندو آهي، چٻا سٻا منهن ٺاهي، اسين سامهون واري کي يا ته کلائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون يا چيڙائڻ جي...کلائڻ ان مهل گهڻو سمجهه ۾ نه ايندو آهي ۽ زور چيڙائڻ تي ئي هوندو آهي. هن عُمر ۾ احساس ٿئي ٿو ته يادن جو زور چيڙائڻ تي گهٽ، کلائڻ تي وڌيڪ آهي. ڇا ته زمانا هوندا هئا، اکين ۾ شايد الماسن جي جڙت نه هئي، زندگي بي فڪر لڳندي هئي. ڏيئن جي وٽ ۾ شايد روشني وڌيڪ هوندي هئي يا ان زماني جون اونداهيون، ايڏيون گهريون نه هونديون هيون. اسين، هڪ ٻئي سان هڪ ٻئي لاءِ ملندا هئاسين، رڳو پنهنجي لاءِ ملاقات نه ڪندا هئاسين. اکين ۾ ديد سان گڏ احساس، حياءُ، سمجهه ۽ ٻيون انيڪ ڪيفيتون ڀريل هونديون هيون. خالي نظر نه هوندي هئي. هاڻي خالي نظر آهي جيڪا ڏسي ته ٿي، پر سمجهي نٿي.
ادا وارا يونيورسٽيءَ ۾ هئا ته وڏين نوڪرين ۾، پر وٽن ڪا به اهڙي پوسٽ ڪو نه رهي، جنهن تي ڪا گاڏي ملندي هجي. عام رواجي سفر، بسن ۾ ڪبا هئا. ها، ڪڏهن ڪڏهن جي ڪا ايمرجنسي ٿيندي هئي، گاڏي جي ضرورت پوندي هئي ته ان سڄي ڪيف آور زماني ۾، ٻن مهربانن جا احسان ڪنڌ کنيو بيٺل آهن. محترم ادا محمد قاسم ماڪا صاحب وٽ اڇي رنگ جي ڪرولا ڪار هئي جڏهن به امان سانئڻ جي طبيعت خراب ٿيندي هئي، يا ڪنهن ليبارٽري جي ٽيسٽ لاءِ نڪرڻو هوندو هو ته ادا قاسم جي ڪار پهرين ئي گهر جي دروازي تي بيٺل هوندي هئي. سندس رومال ٻڌل مٿو ۽ مرڪندڙ مُک، ڪڏهن نه گهنجيا. مونکي ياد اچي ٿو ته انيڪ لمحا اهڙا هوندا هئا جو تپت هوندي هئي. ان مهل هر ڪنهن جو پنهنجي پنهنجي گهر ۾ آرام ڪرڻ جو لمحو هوندو هو پر ادا قاسم ماڪا، سڀ ڪجهه ڇڏي مدد لاءِ بيٺو هوندو هو. گهران کڻڻ کان وٺي، گهر جي دروازي تي واپس ڇڏڻ تائين هن شخص جو صبر ڪمال درجو رکندو هو.
ادا فضل ڪريم صديقيءَ جو به پنهنجي محبتن جو جهان آهي. قبلا حبيب الله صديقيءَ صاحب جي ڪهول کي به مولا پاڪ مشڪل ڪشا واهه جو نوازيو آهي. ادا فضل ڪريم به ادا گل محمد مرحوم جو دوست آهي. هو به بس آڌي مانجهي اچي بيهندو هو. ننڍڙي مهراڻ ڪار ۾، محبت جي مهراڻ کي مون سدائين روانيءَ ۾ ڏٺو. ڀتين جي اوٽ کان، چاچي ناصر ماءُ ۽ پوءِ انهن جي لڏي وڃڻ کانپوءِ، ادا علي محمد جوکيو مرحوم جو ڪٽنب، سدائين محبت جي ونڊ ورڇ ۾ اڳ اڳرو رهيو. چاچي ناصر ماءُ، ادا ظفر ڪاظميءَ جي شايد چاچي صاحبه هئي. باوضع، باوقار، حسين خاتون جنهن کي سامهون ايندو ڏسي، اکين کي خود بخود ادب ٿيندو هو. مٿان ادا ظفر ڪاظميءَ جي گهرواري ڀاڀي قيصر صاحبه، ادا علي محمد جي ڀيڻ آپا وڏي، جنهن کي اسين سڀ ”دادا“ سڏيندا هئاسين. انهن سڀني وٽ لطف و عنايتن جا الائي ته ڪيترا ڀنڊار هئا. هو اسان سان پنهنجي ملاقات نه ڪرائيندا هئا، اسان کي پاڻ سان ملائيندا هئا. اهي ڀاڪر، نگاهون، لهجي جي ٿڌڪار انهن وٽ ئي رهي. هنن ته ورهائي به سهي پر شايد اسان کي وٺڻ نه آئي...دلين جي نرمي جي حالت اها جو جنهن مهل ادا گل محمد مرحوم جي نياڻي ۽ پنهنجي سڀني ۾ وڏي ڌيءَ حميرا کي رخصت ڪيان پيو ته هيڏانهن سندس ڪار وڃي پئي ۽ مان هڪ هٿ سان کيس رخصت ڪندي موڪلايان پيو ته ٻئي پاسي ٻئي هٿ سان، ادا محمد قاسم ماڪا کي ڳراٽڙيون پائي رهيو هئس، جيڪو ڄڻ ته پنهنجي سڳي ڌيءَ کي رخصت ڪري هنجون هاري رهيو هجي.
الائي ڪهڙا زمانا هئا. شيون گهٽ هيون پر استعمال لاءِ هونديون هيون نه رڳو پنهنجي، بلڪه سڀني جي. ونڊ ورڇ اعتبار وڌائيندي هئي. يقين کي گهٽ نه ڪندي هئي. ”ونڊي کاءُ، ايمان پاءُ“ جو قول رڳو قول نه هوندو. جتي ڏک سور ورهائبا هئا، اتي خوشين ۾ به ڀاڱي ڀائيواري ٿيندي هئي. رخصتي مهل هر نياڻي پنهنجي لڳندي ۽ پٽ جي غلطي تي ڇڙٻ ڏيڻ ۾ به ڪو عيب نه هوندو هو. خبر هوندي هئي ته ڀت جي پريان ڪير رهي ٿو، بلڪه ڀتين جي پريان ڪير ڪير رهيو هو. هاڻي ته ڀرسان ويٺل بابت به موبائل تان پڇڻو پوي ٿو. سينا الائي ڇو خالي ٿي رهيا آهن. ڀاڪرن جي گرميءَ ۾ هاڻي تپش ناهي. اک جو ڳوڙهو وزندار نه آهي. ائين آهي يا نه؟...يا اها به ڪا ناسٽيلجيا آهي؟ ڪنهن ڪنهن گهر ۾ ٽيليويزن هوندي هئي جتي پي ٽي وي پيو ٻانهن لوڏي هلندو هو ۽ ڊرامو، شو ۽ مئچ ڏسڻ لاءِ جتن ڪبا هئا. ڪنهن ڪنهن گهر وي سي آر هوندو هو جنهن تي فلم ڏسڻ جهڙي عياشي ڀاڳ وارن کي ملندي هئي. سڀ گڏجي ويهندا هئا ۽ انهن سڀني عيش عشرتن کي ماڻيندي هڪ ٻئي ڏانهن نهاريندا هئا. هڪ هڪ جي خبر سڀني کي هوندي هئي. هاڻي سڀني کي هڪ جي خبر نه آهي.
رخصتي ٿيڻ واري هئي. هڪ عظيم الشان هال جي ٻاهران بيٺي، تقريبن 20 منٽن جي اندر مون پنهنجي حياتي جا 55 سال گهمي ورتا. گهوٽ جي گاڏي لڳڻ واري هئي ۽ ڪنوار جو هٿ جهلي، اسٽيج تان در تائين اچڻ جي فاصلي کي طئي ڪرڻو هو. ڄاڃين مان ڪجهه ڪرڪيٽ ميچ ڏسي رهيا هئا. ٽيم کي ڪٽڪو پئي نڪتو ۽ موبائل لائيو ڏيکاري رهيو هو. هڪ طرف ڪنهن ڪلپ ۾ ڊرامو پي ڏٺو. سيلفيون ۽ شاٽس باهه ٻاريو بيٺا هئا معنيٰ اتي جو اتي، هٿن ۾ وي سي آر به هئا ته ٽيليويزن به بس رڳو ڏسندڙ بيزار هئا. شايد زوري شاديءَ ۾ آيا هئا. اوچتو احساس ٿيو ته جوڙو ڪار جي ويجهو اچي پهتو آهي. اتي رخصت ڪندي، رسمي روئڻ هليو ۽ پويان ڏسڻ ۾ آيو ته اڇن وارن وارو هڪ شخص رومال ۾ اکين کي ڍڪي رهيو هو. جسم لڏيس پئي معنيٰ شدت سان روئي رهيو هو. هڪ نوجوان ٻئي کان پڇيو ”هي ڪير آهي؟“ هنن انگريزن جيان ڪلها اڀا ڪندي اشارو ڪيو ته الائي ڪير آهي. ٻئي کي ڏٺائين ته هن موبائل کان اک هٽائي ان شخص کي ڏسي وري موبائل ۾ نهاريندي چيو ”ڪنوار جو ڪو پري جو مائٽ هوندو...ويجهن کي ته مان سڃاڻان“ پهرئين حيران ٿي چيو ”نه پر هي ڇو پيو ايڏو روئي...چريو آهي ڇا پرائي ڇوڪري لاءِ پيو روئي!“ موبائل ڏانهن لاڳيتو نهاريندي هن چيو ”بيوقوفَ دنيا ۾ کُٽا آهن ڇا؟“ هو ٻئي کلڻ لڳا هئا. هڪڙي مون سان نگاهه ملائي، مان به کلڻ لڳو هئس، الائي ڇو ان گهڙيءَ مونکي شدت سان احساس ٿيو ته عمر ۾ پهريون ڀيرو مونکي سمجهه نٿي اچي ته منهنجي کل، مون تي کلي رهي هئي يا منهنجا تال ڪڍي رهي هئي. لڳم، ماڪا صاحب روئن پيا، پر مون وٽ پرچائڻ ۽ هنن سان گڏجي روئڻ جو هاڻي ٽائم نه آهي. هاڻي خوشي هجي يا درد، ونڊي کائڻ جو دور ختم ٿي چڪو آهي.
محمود مغل


0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع