مقدر جي تقدير

مقدر جي تحرير
        “مان سموري جڳ جھان جو منڪر ٿي سگھان ٿو، پر تنهنجو نه.” چيم، “مان تنهنجو حڪم ٽاري نه سگھيو آهيان سنڌو. مون ٻيهر ڪالم لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.”
        منهن تي مرڪ تري آيس. چيائين، “مان توکي حڪم ته نه ڪندي آهيان!”
        “تنهنجي هر ڳالهه منهنجي لاءِ حڪم مثل آهي.” چيم، “مان تنهنجي هر ڳالھ قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، سواءِ هڪ جي.”
        ڄڻ ڪجھ تعجب ٿيس. پڇيائين، “ڪهڙي ڳالھ؟”
        چيم، “مان تنهنجي محبت ترڪ ڪري نه سگهندس.”
        پڇيائين، “ڇو؟”
        “اسين زندگيءَ ۾ فقط هڪ دفعو محبت ڪندا آهيون.” چيم، “تون منهنجي پهرين ۽ آخرين محبت آهين.”
        ڪنڌ کڻي آسمان ڏانهن ڏٺائين.
        پڇيم، “آسمان تي منهنجي مقدر جي تحرير تلاش ڪري رهي آهين؟”
        چيائين، “ها.”
        پڇيم، “لڌءِ؟”
        هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيائين.
        پڇيم، “ڇا لکيل آهي؟”
        منهنجي سوال جو جواب نه ڏنائين. ورائي پڇيائين، “تون مون سان محبت ڇو ڪندو آهين.”
        مون سندس ڪارين ڪجلين اکين ۾ نهاريندي چيو، “مان فقط توسان محبت ڪرڻ لاءِ پيدا ٿيو آهيان.”
        اُداس ٿي پيئي. اُٻاڻڪي ٿي پيئي.
        “ڪا طمع نه آهي. ڪا لالچ نه آهي. ڪا غرض نه آهي.” چيم، “توکي ۽ مون کي هڪ ڇت نصيب نه ٿيندي. تون مان هن آسمان هيٺان ڪڏهن رستن تي، چوواٽن تي، ڪڏهن وستين ۾، ويرانين ۾ ۽ ڪڏهن لائبريرين ۾ ۽ ميوزيم ۾ گھڙي کن لاءِ اوچتو ملنداسين ۽ ملي ڌار ٿي وينداسين. ايئن ٿيندو رهيو آهي. ايئن ئي ٿيندو رهندو. زندگي سوا نيزي تي لهي آيل سج جي تپش ۾ تتل واريءَ تي سفر ڪندي ختم ٿي ويندي.”
        منهنجي ڪلهي تي هٿ رکيائين. پنهنجا لڙڪ لڪائي ورتائين. پڇيائين. “مون کان جدا ٿيڻ جو ڏاڍو ڏک اٿئي نه.”
        “توکان جدا ٿيڻ جي ڏک منهنجي ذهن کي تنهنجي تصور جو تحفو ڏئي ڇڏيو آهي.” چيم، “مان جيئرو آهيان فقط ان ڪري آهيان، جو تنهنجي خيال کان محروم نه آهيان.”
        هڪدم پاڻ سنڀالي ورتائين. چيائين، “چري آهيان، توکي اداس ڪري رهي آهيان. ٻن چئن ڏينهن لاءِ ته ڪراچي آيو آهين! هل توکي چانھ پياريان.”
        مان سمجھان ٿو اسان جي رشتي متعلق فيصلو آسمانن تي ٿيل آهي. اسان جي پاڻ ۾ ڪا غرض نه آهي. ڪا لالچ نه آهي. اسين ٻئي پنهنجين پنهنجين مجبورين ۽ پابندين ۾ جڪڙيل آهيون، پر تنهن هوندي به هڪ ٻئي کي چاهيندا رهيا آهيون. پريشانين جي انبوھ مان نڪري گھڙي کن لاءِ ملندا آهيون. لوح محفوظ جي تحرير ۾ پنهنجي يقين کي پختو ڪندا آهيو، ۽ وري زندگي جي زهر جو پيالو هٿن ۾ کڻي پريشانين جي انبوھ ۾ گم ٿي ويندا آهيون.
        هن دفعي ڪراچيءَ آيس، ته پڪ نه هئي ته هوءَ به ڪا ڪراچيءَ آيل هوندي. فٽپاٿن تي پراڻن ڪتابن جي ڊھ مان ڪتاب ويٺي ڳوليم. مون ڪتابن واري کان پڇيو، “موهن جي دڙي جي تاريخ تي ڪو ڪتاب اٿئي.”
        تڏهن ڪنهن منهنجي ڪلهي تي هٿ رکيو. منهن ورائي ڏٺم ته سنڌو هئي. اها ڪالهوڪي ڳالھ آهي.
        سنڌو ۽ مان آرٽس ڪائونسل جي عمارت ۾ هڪ ٺلھ وٽ چانھ جا ڪوپ کڻي ويهي رهياسين. سنڌوءَ پڇيو، “هن دفعي پهرئين ڪالم ۾ ڇا لکندين؟”

        وراڻيم، “حڪم ۽ حڪم جي بجا آوريءَ بابت ڪالم لکندس.”        

0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع