طوافِ آرزو

~~~~طوافِ آرزو~~~~
-----------------------------
پنهنجو پاڻ ڪڏهن ڪڏهن قطعي سمجهه ۾ ناهي ايندو. بظاهر ”ڪامياب“ حياتي الاءِ ڪيترين ناڪامين ۾ گهيريل لڳندي آهي. پهرين پاڻ کي ”مِس فٽ“ ۽ پوءِ آهستي آهستي ”اَن فِٽ“ محسوس ڪرڻ لڳندو آهيان. روح تي بار پئجي ويندو آهي. مُنهن مونن ۾ اچي ويندو آهي. ڳالهائڻ وارن ڳالهايو پئي ۽ مون ڪنايو پئي. ڪنهن چيو ”اوهان لاغرضي ڪئي آهي، ويساهه گهاتي ڪئي آهي. پنهنجي انا جي چڪر ۾ اوهان الاءِ ڪيترن پرستارن کي ڀٽڪايو آهي. انتظاميا سان اوهانجو ڪُجهه به وڃي، اهو اسين نه ٿا ڄاڻون. اسين بهرحال اوهان لاءِ منتظر هُئاسين...اوهان نه آيئو...اوهان اسان سان دوکو ڪيو آهي.“ آواز هڪڙو نه هيو، الاهي سارا هُئا. هر ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي شڪايت هُئي، جيڪا جائز هُئي، ”ناجائزي“ شايد مون ڪئي هُئي!
اسان جهڙن بيڪار وجودن کي اوهان ڪهڙي خاني ۾ فِٽ ڪندا آهيو جيڪي 24 ڪلاڪن کي ڪم جي ورهاست ۽ ٽائيم ٽيبلَ مطابق گذارڻ ٿا گهرن؟ جن وٽ پنهنجي وقت خرچڻ جو هڪ هڪ حساب هوندو آهي، جيڪي سفر ڪرڻ جي وقت کان وٺي، پنهنجي مڪمل نموني تيار ٿيڻ جي وقت کي ڄاڻندا آهن ۽ ان پٽاندڙ پنهنجي حياتي گهاريندا آهن. انهن جو اهو ئي ڏوهه هوندو آهي ته اهي ”مشيني“ لڳندا آهن ۽ توهان سڀ گوشت پوشت جا انسان آهيو. ڪلاڪن جا ڪلاڪ فارغ/واندا ويهي سگهو ٿا. گپ شپ، ڪچهريون، ٺاشا ماشا ضروري آهن ۽ انهن جي انجوائمينٽ به حدَ ۾هئڻ گهرجي. ڪمٽ مينٽ ۽ اسڪيڊيُول جو اکر، رڳو ڊڪشنريءَ ۾ هئڻ گهرجي...اوهان جيئندا آهيو، ڇو ته محسوس ڪري سگهو ٿا نه....ڇو ته اوهان، هڪڙي ڳالهه ڪري ٻيءَ تي ڦري سگهو ٿا نه...اسين ڪلَ پُرزن جا ٺهيل آهيون، اسان کي ڦِرڻ ڪو جڳائي ٿو.
حيدرآباد ۾ ٿيندڙ ٻيون ادبي ميلو، مُنهنجي پروفيشنل 34 سالن جي حياتيءَ ۾ ٻيون ڀيرو آهي، جڏهن مان ”ها“ ڪري نه پهتو هُجان...ان کان پهرين ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ سنڌي ادبي ميلو، اهو پهريون سٽاءُ هيو جنهن ۾ ساڳئي  شهر ۾ هوندي، به فقير ماٺ ڪيو، ڪنهن ٻي جاءِ تي ويٺو هو...اتي نه وڃڻ تي به الاءِ ڇا ڇا ٻڌو هُئم، پر لنوائي ويس. ”عُذرِ گُناهه بدتر اَز گناهُه لڳم“ ڪا وراڻي نه ڏنم...پر هاڻي وري، هن ويساهه گهاتيءَ جي بوڇاڙ، مجبور ڪيو آهي ته رڪارڊ کي درست رکڻ لاءِ ڪُجهه ته چيو وڃي.
اسان جهڙن ماڻهن جو، عزيزانِ مَن...ٺاٺو ئي ڦريل هوندو آهي. عقلمندَ اسان کي ”چريو“ سڏيندا آهن ۽ شايد، ان چريائيءَ جي حِظَ حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي پنهنجي ”ڪمٽمينٽ جي ڄار“ ۾ ڦاسائيندا آهن. اها ڄار، جنهن ۾ اسين پنهنجو پاڻ کي ڦاٿل محسوس ڪندا آهيون ۽ ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسائيندڙ وري، مزي سان، ان غيرمرئي ڄار کي، اسان کان ڪڍي ڪنهن ٻئي جي ڳچيءَ ۾ وجهندا آهن. اسان کي خبر ناهي پوندي، ڳچيءَ ۾ ڳٽ ڦاٿل محسوس ٿيندو آهي. هُو، جهانِ دگر ۾ چانهيون پيئندا رهندا آهن. ڪمٽمينٽ جو چئي، هُو آجا گهمندا آهن، اسان جي جان وٺجي ويندي آهي هُو ته چئي ”مُڪت“ ٿي ويندا آهن، اسان پيا پنهنجي خرچ تي فونون ڪري پُڇندا آهيون، ”ادا ڇا پروگرام آ؟ ادا ڪٿي پهچڻو آ؟...ادا وقت ڇاهي؟...“ اسان وٽ پئسو ۽ وقت اجايو ۽ گهڻو هوندو آهي پيا خرچ ڪندا آهيون. پڇ پُڇان...پريشاني...هُتان اڌو گابرو جواب ملندو آهي، اسان پيا جهمريون هڻندا آهيون. اهو به ڪيڏو نه وڏو الميو آهي، ته ملندو ٽڪو به ناهي...ڪو ادارو ڪا ادائگي ناهي ڪندو...شايد شهرت جي بُک نه ٿي مري تڏهن ته اتي وڃي، سلامي ٿجي ٿو. اها ”بک“ الاءِ ڪڏهن مرندي؟ جي مُئل هُجي ته ائين خواري ڳچيءَ پئي!؟
ڪراچيءَ ۾ به ائين ٿيو هو. شروعات ۾ ٻُڌايو ويو هو ته ”توهان اسان جا سيشن ڪنڊڪٽ ڪندؤ...“ هاڪار ٿي ته خبر پئي، ”موضوع هي آهي“ هلو، موضوع به ٺيڪ آهي...وري اڏندي اڏندي خبر آئي آپا مهتاب نٿيون اچن، جامي چانڊيو ايندو...هلو اهيو به ٺيڪ آهي، وري خبر پئي ته موضوع بدلائي ڇڏيو ٿن...وري ڏهاڙو مَٽجي ويو. يا الله، هي ميلو ٿا ڪن يا مشڪري!؟ ۽ مٿان وري جنهن کي ڪنڊڪٽ ڪرڻو آهي، ان کي ڪابه خبر ناهي. فون ڪر ته فون نه کڻن. رابطي جو وسيلو ماٺ هُجي. آرگنائزرس وڏا ماڻهو هُئا، اهي فون ڪرڻ جي زحمت ڇو گوارا ڪن! نتيجو اهو جو پنهنجي ڪسمپرسيءَ تي لڄ آئي. جڏهن رڳو، هڪ فون نه ٿي سيڙائجي، هڪ ڪال نه ٿي ٿئي ۽ هِتان سيڙجي رينٽ آ ڪار ڪري هزارين روپيا ڀري، اتي پهتل فقير ڇا هڪ ڪال به نه لهڻي! لهڻي تڏهن ها، جڏهن ڪو ”پيِلُ پائَو“ هُجي ها نه. پيل پاؤ ناهي. لالا مال خلاص. يار فريد اُتي ڪِي وَسڻا، جتي دلبر نظر نه آوَي.
قصي کي اڳتي وڌايون، عزيزانِ مَن...ٻُڌايو ويو HLF2 جي خطَ ۾ ته اٺين تاريخ تي 1.45 تي سيشن ڪنڊڪٽ ڪرڻو آهي. آمنا صدقنا چئي ان حساب سان ڪٿان موڪل ڪئي، ڪٿي اضافي بار رکيو، هڪ ڏينهن جو ڪم پهرين اڪلائڻ جي سوچ ڪئي ۽ بقايا ان کان پوءِ. سيشن واري ڏينهن شادي اٽينڊ ڪرڻ تي معافي گهري ۽ ٻئي ڏينهن وارن سان ڪمٽمينٽ ڪئي. سڀ ڪُجهه ٺيڪ هليو جو 7 تاريخ تي اوچتو ڪشف چيو، ”پاپا، اوهان جو سيشن ته اڄ آهي!“ هان...مُنهنجا ته وڻ وڄي ويا. پَرانهين جاءِ تي، هڪ نياڻيءَ جي رخصتيءَ ۾ شريڪ هُئاسين. شام لڙڻ واري هُئي ۽ هي عظيم الشان خبر ته مُنهنجو ڏينهن مَٽايو ويو هو ۽ خيرن سان ڪا خبر ئي ڪانه هُئي. ساڳئي ڏينهن تي سيشن هو ۽ ڪا سُڌَ نه هُئي. انتظاميا کي فون ڪري معذرت ڪئي ته ”رستي ۾ڦاٿل آهيان دير ٿي ويندي“ پر روح ۾ الاءِ ڇا ڀرجي ويو. اسين ايترا فضول، اجايا ۽ ڇسا آهيون جو هر لحاظ کان اسان کي پنهنجي ڪاڄَ ۾ ڪتب آڻيندڙ، اسان سان اهڙا سلوڪَ ڪن ٿا! ڇا اها آهي ادبي ادارن ۽ ميلن ٺيلن ۽ انهن کي سنڀاليندڙن جي حالت! ائين ٿيندو آهي اهو سڀ..!؟
ڪراچيءَ ۾ پنهنجي حالت ڏسندي مون فيس بُڪ تي اسٽيٽس رکيو هو، ”مان حاضر نه پيو ٿيان“ اهو ائڊوانس هو....۽ ڪُجهه ڪلاڪن ۾ عُمر ڪوٽ کان سفر ڪندڙ هڪ خاندان، مون کي ڪال ڪري ٿورا مڃيا هُئا، جو هنن پنهنجو پنڌ اڌ ۾ روڪي ڇڏيو هو. بروقت خبر ملڻ ڪري هُو موٽي ويا هُئا ۽ اهڙا ئي ٻيا مهربان به هُئا. جن جي خبر مون کي پئي ته هُو ان ميلي ۾ مون سان ملڻ پئي آيا. فقير ڪو عظيم الشان وجود ناهي، پر ڪريم ربَ جيڪو عنايت ڪيو آهي، سو به گهٽ ناهي. جي گهٽ آهي ته اهو سلوڪ، اهو بيڪار اجايو سلوڪ، جيڪي هي انتظام ڪندڙ اسان سان روا رکن ٿا! ڇا ٿا ڏيَن هي؟ جي هنن کي پئسي جو زعم آهي ته پاڻ وٽ رکن...اسان کي نه ڏيندا آهن، نه گهرجي ٿو. گهٽ ۾ گهٽ پاڻ مصروف هُئڻ جي صورت ۾ ڪا هڪڙي اهڙي “ننڍڙي درجي“ جي، ”بيڪار“ ٽيم ئي ٺاهين، جيڪا اسان جهڙن ننڍڙن ”بيڪار“ ماڻهن سان، اسان جي اوقات مطابق سلوڪ ڪري.
مٿان وري ان اوقات جو سلوڪ عجيب ڌڪَ هڻي ٿو! ڪُجهه اهڙا ماڻهو، جن وٽ بس جاهه و حشمت آهي، تن جي پيا اڳيان پويان ڦرندا...۽ اسان جهڙو ڪو عام رواجي ماڻهو ويندو ته ائين لنوائيندا، ڄڻ ڏٺو ئي ڪونهَين. منجهند وقت هيو، فقير به اتي پهتو هيو ۽ معزز ۽ مهربان آرگنائزرس، ان مَهلَ، هڪ غير معروف ”حسينه“ کي ”لنچ“ تي وٺي وڃڻ لاءِ، هڪ ڊگهي ڪار ۾ ويهاري رهيا هُئا. نظر هن فقير تي به پئي هُئن، پر ان نظر ۾ ڪو دوست ته هئو ئي ڪونه، بلڪه ڪو واقف به نه هو ۽ نه ئي ڪو ٽيهارو سال اڳ جو ڄاتل هو...سنڌي زبان جي هڪ اديب کي مانيءَ تي دعوت ڏيڻ ”چه معني دارد“!...موٽي اچون ته پوءِ ڏندَ ٽيڙ ڪيونس ٿا، هونئن به اتي هلي ماني ئي خراب ڪندو. هي ڪرتا ڌرتا، هي آرگنائيزرس، هي عقلِ ڪُل، ڄاڻن ٿا نه ته اسان جهڙا شهرتن جا بُکايل هر صورتَ ۾ اچي ٽُٽندا، پوءِ مٿي تي کڻڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي! هنن کي اسان جي اوقات جي ڀليءَ ڀت پروڙ آهي، اسان ئي مجهول آهيون، ڪُجهه نه ٿا ڄاڻون، رڳو خواريون پلئه پائيندا ٿا وتون ته وڏا ”ويساهه گهاتَ“ آهيون. هانءُ ڇڄي ٿو، ڇاڪاڻ ته سڀني سان حياتي گذارڻ جي دعويٰ آهي، هن سڄي قصي ۾ مون هڪ به نالو ناهي لکيو، ڇاڪاڻ ته نالن وارا ڄاڻن ٿا ته ڪير لکي رهيو آهي ۽ ڇا لکي رهيو آهي ۽ ڇو لکي رهيو آهي؟
راحت فتح عليءَ ڳايو آهي نه...
”تيري آنکون ڪَي دريا ڪا اُترنا ڀي ضروري ٿا
محبت ڀي ضروري ٿِي، بڇڙنا ڀي ضروري ٿا
ضروري ٿا ڪِ هم دونون، طوافِ آرزو ڪرتَي
مگر ڀٽڪَي تو ياد آيا، ڀٽڪنا ڀي ضروري ٿا.“
هن فقير کي ضروري لڳندو هو، ته حاضر ٿجي، ڪا خدمت ڪجي پر طوافِ آرزوءَ ۾ شايد ڪٿي ڪا ڪمي رهجي ٿي وڃي. مان ذاتي طور تي انهن سڀني کان هٿَ ٻڌي معافي ٿو گهران، جن کي مُنهنجي نه اچڻ تي مايوسي ٿي هُئي، پر پاڻ کي نه ٿو معاف ڪرڻ گهران، ته اهڙي ڪمٽمينٽ، اهڙن نتيجن کان پوءِ به مون ڇو ڪئي هُئي.
                                                           محمود مغل


0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو

اسانجا موضوع